واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي گلوبل انفارميشن ارلي وارننگ سسٽم جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن سال به تيز برساتن ۽ ٻوڏ جو خطرو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان انهن 20 ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي تيز برساتن جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن.جون ۾ مختلف ملڪن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب خوراڪ جي کوٽ جو خدشو آهي.گذريل سال، 53 ملڪن ۾ 22.2 ملين ماڻهن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو.گڏيل قومن جي رپورٽ موجب پاڪستان کان علاوه افغانستان، ايران، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ترڪي ۾ به تيز برساتن جو خطرو آهي.










