طفيل مگسي
جين ته سريلنڪا مهاتما گوتم ٻڌ جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده ملڪ آھي.جيڪو صرف 49 ڏينهن جي اندر مڪمل طور تي ڏيوالي جو شڪار ٿي چڪو آھي يعني فيبروري 2022ع جي مهيني ۾ هن ملڪ ۾ ھڪ اهڙو خوفناڪ ۽ ڀيناڪ امليو پيش آيو ته ڪومبلو جي پورٽ تي آئل ڪيريئر 40 هزار ٽن فيول.پيٽرول کڻي جهاز هن جي سامونڊي ڪناري سان اچي بيٺو. بينڪ آف سيلون کي پيٽرول جي پيمنٽ ڪرڻي هئي.ليڪن بينڪ ويڇاري وٽ ڊالر ختم.ٿي چڪا هئا جڏھن خزاني جي وزير سان ان مامري تي رابطو ڪيو ويوته خزاني جي وزير اسٽيٽ بينڪ سان رابطو ڪيو.ليڪن هن غريب بينڪ وٽ صرف 2 ارب ۽ 30 هزار ڊالر هئا ۽ اھي به ڪرنسي جي شڪل ۾ نه هئا.ان ڪري ويچارو سريلنڪا پيٽرول خريد نه ڪري سگهيو ۽ جهاز پيٽرول سميت انڊيا ڏانهن راهي ٿيو.جيڪو عمل سريلنڪا جي ڏيوالي جي چٽي نشاني ۽ شروعات هئي ۽ پوء ڏسندي ئي ڏسندي مهاتما ٻڌ جو پسنديده ملڪ 49 ڏھاڙن ۾ مڪمل ريت ڏيوالي جي ور چڙھي ويو ۽ 12 اپريل تي نيٺ سريلنڪا پاڻ کي مجبورن ڏيوالي وارو ملڪ ڊڪليئر ڪيو. اسان ڏيوالي جو صرف شايد لفظ ٻڌو آھي .ليڪن اسان کي ان جي نتيجن ۽ رد عمل جي ڪابه واقفيت ناهي. آء ماڻھن جي واتان اڪثر اهو چوندي ٻڌندو آھيان ته “جڪڏھن اسان ڏيوالي جي ور چڙھي به وياسين ته لهڙو فرق پوندو….؟“ سريلنڪا ۾ به اهڙا لکين ماڻھو هئا.اهي به حڪومت کي سکڻي دلجاء ڏيندي چوندا هئا ته “جيڪڏھن اسان ڏيوالي جي ور چڙھي وياسين ته ڪهڙو فرق پوندو….؟“ ليڪن اڄ سڀ کان وڌيڪ اهي ئي ماڻھو مک جيان مٿو پٽي رهيا آھن ۽ سندن اکين کان ڳوڙھن جون لارون هيٺ ڪرندي رڪجن ئي نٿيون. رستن تي مظاھرن جو سلسلو جاري آھي.۽ سرڪاري آفيسن ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.مگر اهي سرڪاري اهلڪار ۽ ڊپارٽمينٽ ڪري به ڇا ٿا سگهن.؟ سمورو ملڪ هن وقت ٽٽل ٻيڙي جيان لمي رهيو آھي ۽ سڄي دنيا ۾ ھن کي بچائڻ ۽ سهارو ڏيڻ وارو ڪو به ڪونهي. اوهان جيڪڏھن ڏيوالپڻي کي سمجهڻ چاهيو ٿا ته اوهان چند مثال ڏسي سگهو ٿا. سريلنڪا کي ٽي هزار ميگاواٽ بجلي گهربل هوندي آھي.جڏھن ته بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4هزار ميگاواٽ هئي.ليڪن 80 سيڪڙو بجلي ثرمل پاور پلانٽس کان پيدا ٿيئي ٿي. ۽ اهي پلانٽس ڊيزل.فرنس آئل ۽ ڪوئلي تي هلن ٿا.انهن جي لاء ڊالر کپن ۽ سريلنڪا وٽ ڊالر آھن ئي ڪونه.ان ڪري پاور پلانٽس بند آھن ۽ نتيجي ۾ ملڪ ۾ روزاني ساڍن ستن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيئي ٿي.صبح جو اٺين وڳي کان هڪ وڳي تائين.۽ شام جو ڇهين وڳي ساڍي اٺين وڳي کان تائين سڄي ملڪ ۾ بجلي ناهي هوندي. ۽ پوء لوڊشيڊنگ جي ڪري ٽي وي.موبائيل فون.آفيسون .اسڪول.اسپتالون .ريسٽورنٽ.۽ ھوٽل ائين بند ٿي وڃن ٿاڄڻ تي اتي جنگي حالت هجي.اهو پڙھي ڪري اسان جيذھن ۾ سوال اهو ايندو ته ادارا پنهنجا جنريٽر ڇو نٿا هلائين؟ اهي هلائي سگهن ٿا.ليڪن جنريٽر ڊيزل.پيٽرول.فرنس آئل.گيس ۽ ڪوئلي سان هلندا آھن.پاڻي سان نه ۽ اھي سهوليتون هن وقت ملڪ ۾ موجود ئي ناهي.نجلي جي بندش کان ٽيوب ويلز ۽ پاڻي جا موٽرز نٿا هلي سگهن.ان ڪري سڄي ملڪ ۾ پاڻي ۽ سيوريج ٻئي وڏا ديو جيڏا بحران بڻجي چڪا آھن.
پيٽرول نه هئڻ ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند ٿي چڪي آھي ۽ريل سروس ۽ ذاتي گاڏيون به گيرجن ۾ بيٺيون آھن.يا وري پارڪنگ لائس يا گهٽين ۾ .ٻارڙن جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آھن .ڇوت ايجوڪيشن بورڊ وٽ امتحان جون ڪاپيون ۽ سوال ڇاپڻ جي لاء ڪاغذ ناهن.ڊرائيوننگ لائيسنس.شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽس به ناهن ٺھي رهيا.ڇوت پلاسٽڪ شيٽس امپورٽ ناهي ٿي.سريلنڪا جي ايسڪپورٽ جو 52 سڪڙو ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس تي مشتمل هو .جي ڊي پي ۾ وڃڻ جي ڪري ايڪسپورٽ جو واليوم 17 سيڪڙو هو.جڏھن ته باقي 31 سيڪڙو آمدني مصالحن.صيمتي پٿرن .ڪوڪونٽ.رٻڙ .فش ۽ سياحت کان ايندي هئي. تيل جي بندش لوڊشيڊنگ ۽ ڊيفالٽ جي سبب کان ٽيڪسٽائيل ۽ چانه سميت سموري ايڪسپورٽ بيهي وئي.فلائٽس بند ٿيون ته سياست جي انڊسٽريز ۾ مار اچي ويس.مسافر اچڻ بند ٿي ويا.هوٽل .ريسٽورنٽ.۽ عجائب گهر بهاجڙي ويا.
پاڪستان جيان سريلنڪا جي مالياتي ذخيرن جو وڏو سورس وطن کان ڏو رهندڙ رهواسي آھن.ملڪ جون معاشي حالتون خراب ٿيون ته سڀ ٻاھرين ملڪن ۾ رهندڙن سريلنڪا ۾ پئسا موڪلڻ ڇڏي ڏنا.ان ڪري بحران وڌندو ويو.۽ اڄ سريلنڪا سموري دنيا کي محتاج نظرن سان ڏسي رهيو آھي.پر ڪو به سندس ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جي لاء تيار ناهي. اسان هاڻي هن سوال ڏانهن اچون ٿا ته نيٺ سريلنڪا ان حالت ۾ ڪيئن پهتو…؟ اسان سببن کي پاسي تي رکون ٿا.۽ عملي شيون ڏسون ٿا.سريلنڪا قدرتي وسيلن سان مالامال خوبصورت ملڪ آھي ۽ دنيا جي بهترين چانه پيدا ڪري ٿو.گهاٽن جهنگن جو ملڪ آھي.ٻڌ مت جا عاشق آھن.ان ڪري مذھبي سياست جا خزانا به جهجها آھن .دنيا جا مصالحا پيدا ٿين ٿا.سريلنڪا جي دال چيني سڄي دنيا ۾ مشور آھي.۽ اھو انڊسٽريل ۾ آيو ته دنيا جا نالي وارا برينڊر گراڪ بڻجي ويا.چئني پاسي سمند سان وڪوڙيل آھي.ان ڪري هر قسم جو ڪنارو به آھي.۽ انهن ڪنارن تي سيڪڙين ريزارٽس ۽ بولڊ به،..92 اشاريا 3 سيڪڙو ماڻھو پڙھيل لکيل آھن.پيناگ به روزاني اخبار پڙھن ٿا.برصغير جي قديم ترين لائبرري“گال“ به شھر ۾ واقعي آھي.جيڪا هالينڊ 1832ع ۾ ٺاهي هئي.۽ اڄ به هلي رهي آھي.مهاتما ٻڌ جو هڪ ڏند “ڪينڊي“شھر ۾ رکيل آھي.۽۽ سريلنڪا کان ٻڌ جا عاشق ان جي زيارت جي لاء ڪينڊي ايندا آھن.سريلنڪا جيڪو سائوٿ ايشيا جو پهريون ملڪ هو .جنهن 1970 ع ۾ پنهنجي معشيت کي ليبرل بڻايو هو.۽ سريلنڪن نهايت امن پسند.ڊسپلينڊ ۽ نرم مزاج ماڻھو پڻ آھن .مهمان نوازي جي مامري ۾ ان جو ڪو ثاني ناهي.ليڪن پڳء به ائين ڇو ٿيو.جنهن جي ڪري سريلنڪا ڏيوالي جي ور چڙھي ويو.؟جنهن جا ڇھ ڪارڻ آھن. سريلنڪا کي به پاڪستان جيان قرضن جي عادت پئجي وئي هئي..،اهو تازي هواء جي لاء به قرض وٺندو هو.جيڪي قرض وڌي وڌي ڪري دنيا جي ڊي پي جو 189 سيڪڙو ٿي ويا يعني هينئر جيڪي ڪجه ڪمائي رهيا آھن .ان سان گڏ 20 سيڪڙو قرضن جي ۾ ڏئي رهيا آھن.ان ڪري اسان جيان قرضن جي ادائيگي جي لاء قرضن وٺڻ تي مجبور ٿي ويو.
پاڪستان جيان سريلنڪا جي بجٽ ۽ واپاري خسارو وڌي ويو يعني جيتري بجٽ ٺاھيائون ٿي اهي ان کان وڌيڪ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا.۽ انهن جي جيتري آمدني برآمدت کان ٿيندي هئي اهي ان کان وڌيڪ درآمدات تي خرچ ڪري ڇڏيندا هئا.،..اهي ماڻھو به اسان جيان وڪڻندا گهٽ ۽ خريد وڌيڪ ڪندا هئا.سريلنڪا ۾ اسان جي ئي پي آئي اي ۽ اسٽيل ملز جيان 50 اهڙا سفيد هسٿي هئا .جن تي بجٽ جو 20 سيڪڙو حصو خرچ ٿي ويندو هو،.،انهن ادارن ۾ سياسي ڀرتيون ٿينديون هيون،..صرف آفيسن جا تالا کولڻ ۽ بند ڪرڻ جي لاء ويه ويه ماڻھو ھئا .اهي هاٿي کائيندا گهڻو هئا .ليڪن واپس ڪجه به نه ڪندا هئا. سريلنڪا جي ٽريڊ پاليسي ٺھي .پاليسي تمام سٺي هئي.اهو سائوٿ ايشيا جو پهريون ملڪ هو.جنهن پنهنجي معشيت عامي منڊي جي لاء اوپن ڪئي.ليڪن پاڪستان جيان انهن جي انڊسٽري ۽ واپار به بيورو ڪريسي يعني سول سروس لاء .(اسان جي ملڪ جو به بلڪل ساڳيو ئي حال آھي) جي هٿان ذليل ٿي رهي هئي.فيڪٽرين جي مالڪن جو هڪ پير فيڪٽري ۾ ھوندو هو ۽ ٻيو پير سرڪاري آفيسن ۾ .ارب پتي ماڻھوبه عام سرڪاري آفيسن جي ورهانڊن ۾ ويٺا ھوندا هئا.ٻاھريون ڪمپنيون به سريلنڪا ۾ آيون ليڪن بيورو ڪريسي جي رشوت .۽ منفي رويي جي ڪري واپس هليون ويون ان ڪري بيورو ڪريسي جي سبب کان سريلنڪبن بزنس ۾ ترقي نه ڪري سگهيا ۽ اھي جانگ ڪانگ .ملائيشيا ۽ تائيوان ۾ وڃي ويهي رهيا.سريلنڪا مسلسل 26 سال گهرو ويڙھ جو شڪار پڻ رهيو ،تامل ٽائيگرز 1983 کانجنگ شروع ڪئي جيڪا 2009ع تائين هلندي رهي.ان جنگ.ملڪ .معشيت ۽ فوج جون پاڙون ڪمزور ڪري ڇڏيون.دنيا ۾ خودڪش جا مالڪ تامل ٽائيگرز هئا.خودڪش جيڪٽ انهن ماڻھن ٺاھي هئي سريلنڪا پاڪستان جي مدد سان 2009 ع ۾ ان مصيبت تي ڪنٽرول ڪري ورتو.ليڪن اها ويندي ويندي ملڪ جو سڀ ڪجه کڻي وئي.سريلنڪا ۾ تعليم جي شرح تمام گهڻي آھي.ليڪن پاڪستان جيان عملي تعليم نه هئڻ جي برابر آھي.ماڻھو ڊگري هولڊر آھن.مگر انهن وٽ ھنر ڪو به ناهي.ان ڪري پاڪستان جو سريلنڪا ۾ به هر شخص نوڪري جي درخواست جيب ۾ گهمي رهيو آھي ۽ ان جو نتيجو ڊيفالٽ جي صورت ۾ نڪتو. سريلنڪا جو مثال ڏسي ڪري اسان هينئر ئي ڳاله سمجهي وڌون ته دنيا ۾ ڪا قوم قدرت جي فيورٽ ناهي هوندي.بني اسرائيل الله تعالي جي محبوب ترين قوم هئي.ليڪن هن به جڏھن قدرت جي ستم جي خلاف ورزي ڪئي ته اها به هزارين سال ذليل وخوار ٿيندي رهي. اسان مسلمان به ڪيترن ئي سو سالن کان خوار ۽ خراب ٿي رهيا آھيون. ڃو..،؟ڇوته اسان به نيڇر جي سسٽم کان ابتڙ ھلي رهيا آھيون.ان ڪري اهو ياد رکو ته جيڪڏھن الله تعالي 22ملين سريلنڪن جي ڪا مدد نه ڪئي ته جذباتي ۽ جوشيلن بيانن جي تصوراتي هيروز جي پوڄا ڪرڻ وارا نالائقي.سستي ۽ نا اهلي جا ماريل 250 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين جي لاء به ڪا غيبي مدد نه ايندي. ۽ اسان اهو به ياد رکون ته اسان سريلنڪا کان صرف پنج مهينا پوئتي آھيون ۽ اسان جيڪڏھن انهن پنجن مهينن ۾ پاڻ کي نه بچايوسين ته سريلنڪا کانپوء اسان جو وارو اچڻ وارو آھي.۽ اسان جيڪڏھن خدا نه ڪري ان کڏي ۾ ڪري پياسين ته پوء اسان کي ٻاھر ڪڍڻ جي لاء “پهرينبقيمت گوادر ۽ ايٽمي پروگرام جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پوندي.“۽ ان کانپوء ٻيون.ٽيون ۽ چوٿيونبقيمتون به موجود آھن.ان جري پاڻ کي سڌاريون ته بهتر ٿيندو نه جهڙي ملڪي صورتحال آھي اها ڏس پئي ڏيئي ته سريلنڪا کانپوء پنهنجو ئي نمبر اچڻ وارو آھي.










