پاڪستان 5 جولاءِ جي قدمن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي: زرداري

پاڪستان 5 جولاءِ جي قدمن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي: زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 5 جولاءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، آئين ٽوڙيندڙ ٽولي اقتدار جي لالچ ۾ قوم کان آئين جو نور کسي ورتو هو. 5 جولاءِ جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هڪ باوقار ۽ ائٽمي پاڪستان ٺاهيو، قائد عوام جي قيادت ۾ پاڪستان تيز رفتاري سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته 5 جولاءِ 1977ع تي پاڪستان کي اونداهين ۾ ڌڪيو ويو هو، پاڪستان اڄ به 5 جولاءِ 1977ع جي قدمن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ ۾ لساني ۽ فرقيواراڻي تعصب جون نرسريون کولي معاشري کي تباهه ڪيو ويو، زمين تي جنت جهڙي علائقي وزيرستان کي دهشتگردن کي آباد ڪيو ويو. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڪستان کي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ باوقار ملڪ بڻائڻ واري پنهنجي عزم تي قائم آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 1973 جي آئين ۽ جمهوريت لاءِ جانيون قربان ڪرڻ وارن کي ڀيٽا پيش ڪندي جمهوريت جي بحالي لاءِ ڦاسي، ڪوڙا، قيد ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ وارن کي سرخ سلام پيش ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو فلسفو مشعل راهه آهي، هو محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو آزاد، خودمختيار ۽ باوقار ملڪ ٺاهيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو