پاڪ _ سعودي امن معاهدو ڪهڙا نتيجا ڏيندو!!؟

پاڪ _ سعودي امن معاهدو ڪهڙا نتيجا ڏيندو!!؟

اعجاز ممنائي
الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو ”۽ سڀ گڏجي الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پاڻ ۾ ورهائجي نه وڃو، ۽ الله جي نعمت کي ياد رکو جيڪي هن توهان کي عطا ڪيون آهن. جڏهن توهان پاڻ ۾ دشمن هئا، تڏهن هن توهان جي دلين کي گڏ ڪيو، تنهنڪري هن جي فضل سان توهان ڀائر ٿي ويا. ۽ توهان باهه جي ڪناري تي هئا، تنهنڪري هن توهان کي ان کان بچايو. اهڙيء طرح الله توهان کي پنهنجون آيتون بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان هدايت حاصل ڪريو“.( آل عمران – 103) – الله تعاليٰ بار بار چئي رهيو آهي ته، “پاڻ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي پيدا ڪريو ۽ دشمن جي خلاف متحد ٿيو.” يهودي ڪڏهن به توهانجا دوست نه ٿا ٿي سگهن۔ ايترن سارن پيغامن باوجود دنيا اندر مسلمان ڇڙوڇڙ آهن ۽ دشمن مٿن غلبو حاصل ڪري ويٺل آهي۔ فلسطين،مسلمانن جو پهريون قبلو آهي،جنهن ۾ دشمن غزه جي مسلمانن جو رت وهايو۔عراق ايران لبنان شام افغانستان يمن سميت پوري اسلامي دنيا ۾ رتوڇاڻ ڪئي ان جي باوجود اسان اتحاد جي فضا کي قائم رکي نه سگهيا آهيون۔ تازو رياض ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ تاريخي دفاعي معاهدو SMD A تي دستخط ڪيا ويا آهن. هن معاهدي ۾، اهو اتفاق ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب تي ڪوبه حملو ڪندو ته اهو پاڪستان تي حملو سمجهيو ويندو ائين اگر پاڪستان تي حملو ٿيو ته سعودي عرب تي حملو سمجهيو ويندو. ان جو جواب باهمي طور تي ڏنو ويندو. هن معاهدي تي، سعودي عرب سعودي ولي عهد محمد بن سليمان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان جو مقصد ٻطرفي دفاعي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. اهو معاهدو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي پنهنجي سيڪيورٽي کي وڌائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿو، ان جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪنهن به جارحيت خلاف گڏيل دفاع ۽ سلامتي کي مضبوط ڪرڻ آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اٺ ڏهاڪن تي مشتمل تاريخي ڀائيچارو قائم ٿيل آهي. هن معاهدي سان، پاڪستان هاڻي ٻن مقدس جاين (ڪعبت الله ۽ مسجد نبوي) جي حفاظت ۾ سعودي عرب جو ساٿي بڻجي ويو آهي.ياد رهي ته برادر اسلامي ملڪن جي وفدن جي موجودگي ۾ هن اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپيء جي ڪيترن ئي معاملن جو جائزو پڻ ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل، سيد عاصم منير، وزير دفاع خواجه محمد  آصف ۽ ٻين وزيرن شرڪت ڪئي. سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي آمد تي شهر ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ٻئي طرف، پاڪستان ۾ خير سگالي جي طور تي، وفاقي گاديء واري هنڌ اسلام آباد جي مکيه شاهراهن، انڊر پاسن، چوراهين ۽ شهر جي وچ ۾ جنڪشن کي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قومي جهنڊن ۽ برقي بتين سان سينگاريو ويو. اهو اتحاد اسرائيل پاران قطر جي گاديء واري هنڌ دوحا تي اسرائيلي دهشتگرديء جي اوچتو حملي کانپوء ٿيو آهي.ان حملي کانپوء پوري اسلامي دنيا سمجهي چڪي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل اسانجا دوست نه ٿا ٿي سگهن ۽ وقت بوقت ڪونه ڪو بهانو ٺاهي مسلم ملڪن تي حملا ڪندا رهندا۔پاڪستان جي دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي هميشه عدم جارحيت ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي ٻڌل رهي آهي. گذريل مئي ۾ هندستان جي جارحاڻي ڪارروائين جي جواب ۾ پاڪستان پنهنجي دفاعي ۽ فوجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، ان سان عالمي برادري جو پاڪستان تي اعتماد تمام گهڻو وڌيو آهي. ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت دوران به، پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ ۾ هڪ مؤثر ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا ۽ ايران ٻنهي کليل طور تي ان جو اعتراف ڪيو. ائين قطر خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪارروائي کان پوءِ، پاڪستان تمام دليري سان قطر سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.اسلامي تعاون تنظيم ۽ عرب ليگ جي سربراهي اجلاسن دوران اسرائيل جي توسيع پسند عزائم جي منصوبي کي نه رڳو پورو ڪرڻ لاءِ پر انهن کي روڪڻ لاءِ پيش ڪيل ٺوس ۽ قابل عمل تجويزن، عرب دنيا جو پاڪستان تي اعتماد تمام گهڻو وڌايو. سربراهي اجلاس ۾ مسلمان ۽ عرب ملڪن جي گڏيل دفاعي حڪمت عملي جي تجويز عرب دنيا کي ويجهو آندو. هن ويجهڙائي جو هڪ مظهر پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل هي باهمي دفاعي معاهدو آهي. هن معاهدي پاڪستان جي فوجي طاقت کي وڌايو،دفاعي صلاحيت ۽ سعودي عرب جي معاشي صورتحال خليج جي سيڪيورٽي استحڪام لاءِ باهمي سهڪار ذريعي دنيا ۾ هڪ نئون تصور اڀري آيو آهي. جيڪو عربن ۽ خاص طور تي علائقي جي مسلمان ملڪن ۾ سلامتي ۽ حفاظت جو احساس پيدا ڪندو۔ هن معاهدي ۾ ايران ۽ ٻيا اسلامي شامل آهن ڇو ته ايران جي ائٽمي طاقت عرب ملڪن لاء وڏو دفاعي ڪم ڏئي سگهي ٿي۔ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن کان پاڪ سعودي دفاع معاهدو هضم نه ٿيندو. پر هي معاهدو انهن لاءِ نهايت اهميت جوڳو آهي.جڏهن ته قطر سان آمريڪي دفاعي معاهدي جو انڪشاف ٿيو آهي. هن خطي ۾ سڀ کان وڏو آمريڪي فوجي اڏو قطر ۾ هو پر آمريڪا اسرائيل کي قطر تي حملو ڪرڻ کان نه روڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير اسرائيل سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ اسرائيل پهتو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ساڻس گڏ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته قطر کي حماس جي قيادت کي ملڪ مان ڪڍڻ گهرجي نه ته هو ٻيهر حملو ڪندو. هاڻي هوڏانهن خبر آئي آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير قطر اچي رهيو آهي ۽ انهن کي يقين ڏياري رهيو آهي ته اسرائيل مستقبل ۾ قطر تي حملو نه ڪندو. هاڻي عرب آمريڪا ۽ اسرائيل جي منافقت کي سمجهي چڪا آهن.
انڪري اهي هاڻي آمريڪا تي اعتبار نٿا ڪن. پاڪ-سعودي دفاعي معاهدي کانپوء جلد هڪ هڪ ٿي عرب ۽ ٻيا اسلامي ملڪ هن دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيندا.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عربن کي بتدريج آمريڪا ۽ مغربي ملڪن کان پنهنجو سرمايو ڪڍڻ گهرجي ۽ اسلامي ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ائين جيڪڏهن مسلمان هڪ ٻئي تي پنهنجو اعتماد وڌائيندا ته مستقبل ۾ پوري دنيا تي ماضيء وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمراني ڪندا۔

پهنجو تبصرو موڪليو