بارسلونا(ويب ڊيسڪ)يورپي فٽبال ۾ نئون تڪرار سامهون اچي ويو، يورپي ڪلبن گڏيل ليگ ٺاهي يورپين سپرليگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.يوئيفا ۽ فيفا اهڙي ليگ ٺاهيندڙ فٽبال ڪلبن کي وارننگ ڏيندي سخت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ چيو آهي ته ان ليگ کي قبول نه ڪيو ويندو.گڏيل ليگ ۾آرسنل، اي سي ميلا، اٽيٽڪوميڊرڊ، چيلسي، بارسلونا، انٽرميلان، جوئينٽس، ليورپول، مانچسٽر يونائيٽڊ، مانچسٽر سٽي، ريال ميڊرڊ ۽ ٽوٽن هم هاٽسپر شامل آهن.










