طفيل مگسي
گذريل هڪ سال کان دنيا جي ڪيترن ئي پرڳڻن ۾ مغربي مداخلتون تمام گهڻيون وڌي چڪيون آهن۔لاطيني امريڪا۔افريقا ۽ ايشيا جا ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن۔جن ۾ امريڪا ۽ سندس اتحادين جي مداخلتن جو وڏو هٿ رهيو آهي ۽ اهي اهڙيون مداخلتون آهن جن جي وسيلي جمهوري حڪومتن جو خاتمو ڪيو ويو۔عوامي تحريڪن کي هٿيارن جي ڏاڍ تي دٻايو ويو ۽ پنهنجي مرضي جا نظام مڙهيائون ۽ جتي به امريڪا سامراج کي معمولي به خطرو ڏسڻ آيو ته اهو ملڪ سوويت يونين جي ويجهو وڃي سگهي ٿو ته هن فورن عملي قدم کنيا ۽ مداخلت ڪئي۔جيڪڏهن اوهان گذريل 80 سالن جي تاريخ ڏسو ته امريڪا اٽجل هر براعظم ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سياسي يا فوجي مداخلت ضرور ڪئي هي ۔لاطيني امريڪا کان وٺي ڪري افريقا تائين ۔ڏکڻ اوڀر ايشيا کان وٺي وچ ايشيا تائين هر هنڌ امريڪي اثر ۽ طاقت جا نشان صاف ڏيک ڏين ٿا۔ويٽنام ۾ جنگ ڪيائين۔ڪوريا جون رياستون ورهايائين۔انڊونيشيا ۾ ڪيترائي وڏا ڳجها پريشن ڪيا ويا ۽ پاڪستان ۾ ڏهائين تائين سياسي مداخلت جاري رهي۔ليڪن انهن سمورن مثالن ۾ هڪ ملڪ اهڙو آهي۔جيڪو سڀ کان چٽي نموني ان لسٽ کان آجو آهي يعني ڀارت۔اهو اهڙو نڪتو آهي ته جنهن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضروررت آهي۔دنيا جي اٽڪل هر وڏي ملڪ ۾ امريڪا هرهڪ حڪومت جي تبديلي جا ڳجها آپريشن ڪيا۔مگر حيرت آهي ته ڀارت ۾ اهڙي ڪنهن به قسم مداخلت نه ٿي۔جيڪڏهن ڀارت واقعيڌسرد جنگ جي دور ۾ سوويت يونين جي ويجهو هو۔جيڪڏهن هو سوشلسٽ بلڪ ڏانهن جهڪاء رکندو هو ته منطقي طور تي امريڪا کي اتي به مداخلت ڪرڻ گهربي هئي۔پر ائين نه ٿيو۔جيڪو نهايت خاص سوال آهي ته ائين چو نه ٿيو؟چاڪاڻ ته ڀارت ڪو ننڍڙو ملڪ ناهي۔هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي۔مضبوط جغرافيائي حيثيت ۔قدرتي وسيلا ۽ خطي جي سياست ۾ مرڪزي ڪردار رکڻ وارو ملڪ آهي۔جيڪڏهن امريڪا سوويت اثر کي ڪمزور ڪرڻ جي لاء انڊونيشا ۾ لکين ڪميونسٽ جو قتل عام ڪرائي سگهي ٿو۔ڪوريا ۽ ويٽنام ۾ سڌي جنگ ڪري سگهي ٿو ته ڀارت هڪ قدرتي نشانو هئڻ گهرجي ها۔پوء ائين چو آهي ته امريڪا ڀارت ۾ ڪڏهن ڪنهن حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش چو نه ڪئي؟جيستائين منهنجو اندازو آهي ته ڀارت ڪڏهن به مغرب کان الڳ ناهي رهيو۔ظاهر ۾ هو غيرجانبدار يا”غير لاڳاپيل“ ڏيک ڏيندو آهي۔مگر هن جي اندرين ڍانچي۔اشرافيه۔تعليمي نظام ۽ بيورو ڪريسي پهرين ڏانهن کان مغربي اثر جي تحت هئي۔ اهو اهوئي طبقو هو جنهن برطانوي دور ۾ اقتدار جي تربيت حاصل ڪئي ۽ آزادي کانپوء ساڳئي مغربي نظريي کي اپنايائين۔ مغرب کي ڀارت کان خطرو ان ڪري محسوس نه ٿيو ته انهن جو سدائين کان پاڻ ۾ هڪ اندروني تعلق رهيو آهي۔سوويت يونين ۽ چين جي وچ ۾ ڀت بيهارڻ ۾ ڀارت جو هٿ هو ۽ ڀارت سدائين هوشياري سان مغرب جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي۔اهوئي سبب آهي ته امريڪا کي ڀارت ۾ سڏي مداخلت جي ضرورت نه پئي۔اتي اڳ ئي اهو طبقو موجود هو۔جيڪو مغرب جي مفادن جي مطابق سوچيندو ۽ عمل ڪندو هو۔سوويت جي وکرڻ کانپوء ته ڀارت جو سياسي نڪته نظر پرڏيهي پاليسي ۽ معاشي پاسو مغرب سان مغرب سان ڳنڍجي ئي چڪو آهي۔ليڪن اڄ به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڀارت برڪس ۽ شنگهائي تعاون جي تنظيم ۾ هوندي به چين ۽ روس سان غداري ڪندي امريڪي مفادن جو تحفظ ڪندو ڏيک ڏيئي ٿو۔










