واڳونءَ مثل سامراج ۽ شعور کان ويڳاڻو انسان

واڳونءَ مثل سامراج ۽ شعور کان ويڳاڻو انسان

طفيل مگسي
استعمار جي پراڻين صورتن ۾ قومون غلام بڻايون وينديون هيون، وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو هو ۽ محنت کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو هو، پر ايڪويهين صديءَ ۾ استعمار پنهنجي ظاهري شڪل بدلائي چڪو آهي، هينئر هو زمينن تي نه بلڪ ذهنن تي حڪومت ڪري ٿو. اهو نئون سامراج صرف قومن کي نه بلڪ هر فرد کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري چڪو آهي، مقصد ته هو قومي سڃاڻپ تي به قبضو ڪري چڪو آهي۔ اڄ سرمائيدار جي طاقت ڪنهن ٻاهرين فوج، جهنڊي يا حڪومت جي شڪل ۾ ناهي بلڪ مارڪيٽ، ميڊيا ۽ انفراديت جي صورت ۾ اسان جي اندر گهر ڪري وئي آهي. جديد سرمائيداري جنهن کي اسان نيولبرل ازم سڏيون ٿا، پنهنجي معيشت کي هڪ ثقافتي ۽ نفسياتي نظام ۾ بدلائي چڪي آهي، اِهو صرف دولت جو نظام ناهي رهيو بلڪ زندگي جي معنيٰ ۽ قدرن جو ڍير بڻجي ويو آهي۔ هينئر محنت ڪش جو استحصال فيڪٽري ۾ نه بلڪ ان جي شعور ۽ خواهشن ۾ هوندو آهي۔ مارڪس جنهن محنت جي ويڳاڻپ جو ذڪر ڪيو هو، سو هينئر اهو وجود جي ويڳاڻپ بڻجي ويو آهي، جتي انسان پنهنجي سڃاڻپ، محبت، نظريو، ايستائين ته ڏک ۽ خوشي تائين کي مارڪيٽ جو پوئلڳ ڏسڻ لڳو آهي۔ نيو لبرل ازم آزادي جي تصور کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي، هينئر آزادي جو مطلب سماجي يا فڪري آزادي نه بلڪ مارڪيٽ ۾ چونڊ رهجي ويو آهي، يعني جيڪو چاهيو خريد ڪيو يا پاڻ کي وڪرو ڪيو، اهو ئي اهڙو مقام آهي، جتي انسان پاڻ هڪ شيءَ (commodity) بڻجي چڪو آهي. هينئر اهو ڪنهن طبقي يا قوم جو غلام ناهي رهيو بلڪ پنهنجي ئي پيدا ڪيل نظام جو شعوري غلام آهي، ان نئين غلاميءَ ۾ پيءُ ۽ پٽ جا مفاد ٽڪرائجي رهيا آهن، دوست دشمن بڻجي ويا آهن ۽ هر تعلق فائدي ۽ نقصان جي حساب ۾ بند ٿي ويو آهي. اهو آهي سرمائيداري جو جديد سامراج جتي جنگ هينئر منڊين ۾ نھ، دلين ۽ ذهنن ۾ وڙهي پئي وڃي. اهو چئي ڪري انسان جي شعور کي غير سياسي بڻائي ڇڏيو ته ڪنهن سوچ جي ڪا منطق ۽ صورت ناهي، بلڪ اهو نظريو ظاهر ۾ فڪري آزادي ڏيئي ٿو پر حقيقت ۾ سرمائيداري کي نظرياتي تحفظ ميسر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو حقيقي سچ نه رهي ته انصاف صرف هڪ تعبير رهجي وڃي ٿو، انقلاب تشدد پسند خيال بڻجي وڃي ٿو ۽ سرمائيداري ئي اڪيلي حقيقت رهجي وڃي ٿي، ائين فلسفو شعور کي شڪ جي نالي تي عمل کان محروم ڪري ڇڏي ٿو، انسان کي ائين محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته ڪو سچ ناهي ۽ اهو ئي اهڙو وقت آهي جتي منڊي پنهنجو سچ مڙهي ٿي. اڄ جي ويڳاڻپ ظاهري ناهي بلڪ وجودي آهي، انسان پنهنجي وجود ۾ ئي اجنبي ٿي چڪو آهي، هو مرڪي ٿو پر مُرڪ به هڪ سرمائيدار نشاني بڻجي وڃي ٿي، هو محبت ڪري ٿو پر محبت به مارڪيٽ جي ڪموڊٽي آهي، هو نظرين تي ڳالھھ تھ ڪري ٿو پر نظريا به برانڊز جيان وڪرو ڪيا پيا وڃن، ايستائين ته ڪيترائي موقعي پرست مارڪسزم کي به پنهنجي ذاتي مفادن جي تحت تشريح ڏئي رهيا آهن، اهو آهي جديد استعمار جو معراج ته هينئر ڏاڍ جي ضرورت ناهي رهي، انسان پنهنجي غلامي خوشي سان قبول ڪري چڪو (خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪ، عرب دنيا، پاڪستان ۽ سنڌ) سرمائيداري قوم، مذهب، نسل، جنس هر سڃاڻپ کي مارڪيٽ جي سيگمنٽ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، هينئر هر گروھھ، هر تحريڪ، هر نظريو (Target consumers) جي لاءِ جُڙي ٿو، ايستائين جو مزاحمت جي ٻولي به سرمائيداري جي مفاد ۾ ڪم ڪري ٿي. مثلا قومپرستي سرمائيداري جي منڊي جي لاءِ جذبا پيدا ڪري ٿي، صنفي سياست نوان گراهڪ پيدا ڪري ٿي ۽ مذهبي تحريڪون سرمائيدارن جي لاءِ مستقل ميڙ ميسر ڪن ٿيون۔ ائين لڳي ٿو ته ڄڻ سموريون سڃاڻپون استعمار جي خلاف ناهن بلڪ ان جي تحفظ جي لاءِ وڙهي رهيون آهن۔ هاڻي انقلاب جو سوال صرف طبقاتي ناهي رهيو بلڪ شعور جو انقلاب بڻجي چڪو آهي۔ سوال اهو ناهي ته ڪير حاڪم آهي؟ بلڪ اهو آهي ته اسان پنهنجي اندر ۾ ڪنهن جا پوئلڳ آهيون؟ انسان کي پنهنجي اندر کان ان سامراجي شعور کي نيڪالي ڏيڻي پوندي جيڪو هن کي پاڻ ٻين کان ۽ فطرت کان ڪٽي چڪو آهي۔ سچي آزادي هينئر اهائي آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي وجود کي ٻيهر سماجي وحدت جي طور تي سڃاڻي. نئون سامراج ٻاهر ناهي بلڪ اهو اسان جي اندر آهي، اهو اسان جي ٻولي، اسان جي محبت، اسان جي نفرت، اسان جي خواب، ايستائين ته ايمان تائين داخل ٿي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي ته مزاحمت جون نئون دور فقط سياسي ناهي بلڪ وجودي ٿيندو۔ هينئر انسان کي منڊي سان نه بلڪ پنهنجي داخلي ويڳاڻپ کان آزادي حاصل ڪرڻي پوندي. مارڪسزم جو نئون فڪري فرض اهو آهي ته هو ويڳاڻپ جي ان جديد، انفرادي ۽ ذهني شڪل کي سمجهي ۽ انسان پاڻ کي ٻيهر شعوري ۽ اشتراڪيت جي وحدت ڏانهن وٺي وڃي، اها ئي سندس منزل آهي ۽ انهيءَ ۾ سندس ڇوٽڪاري وارو رستو آهي، نه ته استعماريت اڳتي هلي اهڙيون شڪليون اختيار ڪندي ته پوءِ نه انسان کي پنهنجي منزل هٿ اچي سگهندي ۽ نه ئي ڪو ڇوٽڪاري وارو گس لهي سگهندو.!

پهنجو تبصرو موڪليو