عبدالوحيد عباسي
پنهنجي ملڪ ۾ واپڊا جي لاءِ مختلف سياسي ماڻهن جا مختلف رايا آهن جنهن لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني سربراهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو واپڊا جي نا اهليءَ ۽ ڪرپشن جي حوالي سان اهو بيان وڏي اهميت رکي ٿو ته واپڊا ادارو سفيد هاٿي مثل آهي.جنهن کانپوءِ ڪافي سال بعد وري سنڌ جي وزير اعليٰ سردار علي محمد مهر به اها ئي ڳالهه ورجائي ته واپڊا سفيد هاٿي آهي، سابقه پ پ پ حڪومت ۾ نواز شريف مينار پاڪستان لاهور جي کليل ميدانن تي پ پ حڪومت خلاف احتجاج ڪندي هٿ جا وهنجڻا کڻي ڪهڙي طرح احتجاج ڪيو ۽ بار بار ن ليگ وارن اهي دعوائون ۽ ٻٽاڪون پئي هنيون ته ن ليگ ڇهن مهينن،هڪ سال ۾ ڏيڍ سال، ٻن سالن ۾ اقتدار ملڻ بعد مڪمل بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويندو ۽ هاڻي وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف گذريل 40 سالن کان وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ باوجود به جيڪي ڳالهيون ۽ ڪوڙ مٿان ڪوڙ هڻي رهيا آهن انهيءَ جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونهي.معنيٰ ته نواز شريف توڙي شهباز شريف حڪومت ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويا آهن.جنهن ڪري اڄ سنڌ جو عوام رڪارڊ گرميءَ جي موسم ۾ واپڊا وارن جون ساڳيون بجلي صارفين سان جٺيون جاري آهن.سنڌ جو ڪو اهڙو شهر علائقو ناهي جتي بجلي صارفين سان ڏاڍ ۽ ظلم زياتي جاري ناهي.هاڻي ته هرهڪ باشعور شخص چوڻ تي مجبور آهي ته هن ملڪ ۾ پوليس اسٽريٽ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر شايد هن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ واپڊا جي اداري اڳيان پوليس به بيوس بڻجي وئي آهي.پوليس کان وڌيڪ واپڊا سيپڪو گردي غفلت جي انتها اها آهي جو سنڌ جي اندر اهڙي قهر جهڙي مئي مهيني جي گرمي ۾ نه ڄاڻ ڪيترو وقت 16 کان 18 ڪلاڪ غير اعلانيه لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي. وڏي عجب ۽ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته سنڌ اندر واپڊا سيپڪو انتظاميه وارن جي کليل غفلت ۽ لاپرواهي سبب هاڻي پاڙي پاڙي ،محلي محلي ۽ گهٽي گهٽي ۾ پرائيويٽ ماڻهن جي حوالي سان بجلي صارفين کي تنگ ڪرڻ لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي انهن علائقن ۾ ڪرائي تي دڪان وٺي اتي رهائشي بڻجي ويا آهن ۽ ڪي نجي ماڻهو پنهنجي طريقن سان رکيا ويا آهن.جيڪي نام نهاد هٿ ٺوڪين قيمتن سان سادن ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لوٽمار ڪندي بجلي وڪرو ڪري رهيا آهن انهي ۾ واپڊا عملدارن جو انهن سان باقائده حصو پتي مقرر ٿيل آهي ۽ ريٽ ۾ اي سي هلائيندڙن کان سيزنل 20 کان 30 هزار رپيا ورتا وڃن ٿا ۽ ٻين عام صارفين کان مختلف ريٽن ۾ سودو ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن لاءِ اهي ايجنت دلال قسم جا ماڻهو انهن واپڊا وارن لاءِ ٺٺ ۽ ٽانگر جو سامان مهيا ڪري رهيا آهن.انهن علائقن جو ڪڏهن به بجلي ٽرانسفارمر خراب نه ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته پاڙي پاڙي محلي محلي م هڪ لک رپيا مقرر ٿيڻ جي صورت ۾ 50 هزار رپيا ايجنٽ کڻندا آهن ۽ 50 هزار واپڊا عملدار کڻندا آهن، جنهن ڪري واپڊا سيپڪو جا کاٽو پٽ خاموش رهن ٿا، نه ته ٻئي صورت ۾ ڪيترن علائقن ۾ بجليءَ جا نام نهاد هٿ ٺوڪيا فالٽ،بجلي جي وولٽيج گهٽ وڌ ،ڊڊڪشن بل، اوور ريڊنگ جهڙا مسئلا درپيش اچڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن ڪري بجليءَ صارفين جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي .ٻئي پاسي انهن هٿ ٺوڪين نام نهاد پرائيويٽ ماڻهن جي چنبي ۾ نه ايندڙن ۽ انهن سان تعاون نه ڪندڙن کي سزا طور تي بجليءَ جا ميٽر خراب هجڻ، لوڊ وڌيڪ جهڙا بهانا بڻائي هزارين رپين جا هروڀرو جا بجلي جا ڳرا بل اماڻيا وڃن ٿا، بجليءَ جا ميٽر پري کان پري ڪري هڻڻ، بجليءَ جا ميٽر ساڙڻ وري 5100 پنج هزار هڪ سئو رپيا نئين ميٽر جي فيس وصول ڪرڻ.اسان جي سامهون اهڙن ٻين ماڻهن جي ڪري بجلي جا اصل صارفين مهينن جا مهينا بجلي جي سڙيل ٽرانسفارمرن لاءِ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجا بجليءَ بل ساڻ ڪري شهري پرامن احتجاج ڪندا رهن ٿا.پر لاڙڪاڻي ۾ رسمي طور کليل ڪچهريون ڪرڻ ۽ بجلي صارفين کي ڪو به عوامي ريليف نه ڏيڻ بجاءِ رڳو فوٽو سيشن ۽ لولي پاپ ڏنو وڃي ٿو ۽ هڪ مخصوص طبقي سان واسطو رکندڙن کي نوازڻ شروع ڪيو وڃي ٿو باقي ٻينِ عام بجلي صارفين لاءِ ڪا به سهولت ڀلائي ناهي، لاڙڪاڻي شهر جا بجلي صارفين پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ درج ڪرائيندي شڪايت ڪن ٿا ته بجلي صارفين جي سهولت لاءِ توهان غريب آبادين ۾ ڪنڊي ڪنيڪشن لڳائڻ،نوان ميٽر مفت لڳائڻ لاءِ علائقن ۾ عوامي کليل ڪچهريون لڳايون وڃن جنهن لاءِ سماجي سوشل سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن ۽ صارفين ۾ عوامي پئڪيج ڏيڻ جيان بجلي صارفين کي سهولت مهيا ڪئي وڃي نه ڪي بجلي صارفين سان ڏاڍمڙسي داداگيري ۽ واپڊا گردي شروع ڪري بجلي صارفين سان پوليس واري ٻولي ڳالهائي پنهنجي غلط سوچ جي عڪاسي نه ڪئي وڃي ۽ مهينن جا مهينا بجلي ٽرانسفارمر درست نه ڪرائڻ سان بجلي صارفين ۾ نه صرف واپڊا خلاف نفرت ڦهلجي رهي آهي پر وڏي مايوسي جنم وٺي رهي آهي.سنڌ جي ماڻهن کي بجلي چور چوندڙ اهو ٻڌائين ته پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ 6 مهينن اندر 20 ارب رپين جي چوري جو مثال ڪيئن وساري سگهي ٿو.اها ڳالهه ميڊيا جي هر هڪ نيوز پيپر ۾ وڏين سرخين سان خبر واپڊا ۽ انهن جي وزيرن لاءِ باعث شرم جوڳي ڳالهه آهي اهي سنڌ جي ماڻهن کي بجلي چوري جا طعنا ڏيئي رهيا آهن جڏهن ته پاڻ پنهنجي صوبي ۾ گهر گهر ڪارخانن،ملن،فيڪٽرين ۽ زمينن لاءِ موٽر مشينن تي بجلي چوريءَ کي ڪيئن وساري سگهجي ٿو.جيڪڏهن واپڊا کي هن ملڪ ۾ هلائڻو آهي ته پوءِ انهي لاءِ اها ظلم زيادتي ۽ ڏاڍ واري ٻولي نه ڳالهائڻ گهرجي بلڪ پنهنجي بجلي صارفين کي هڪ نه پر ڪيترن موقعن تي رد ڪرڻ بجاءِ موقعا فراهم ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ جو هڪ وڏو تعداد سولر سسٽم ۾ اچي ويو آهي جنهن ڪري هاڻي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪيترن جاين ۽ علائقن ۾ ڪا باقي اهميت نه رهي آهي.هر هڪ ماڻهو هاڻي گرمي جي وڌيڪ شدت ۽ واپڊا جي ظلم زياتين ڪري پنهنجي بجلي سولر سسٽم لڳائي پنهنجي نجات سمجهي رهيو آهي ڪو زمانو هوندو هيو ته هن ملڪ ۾ ٽيليفون ڪنيڪشن وٺڻ ايڏو مشڪل هيو جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي.ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا هيا پوءِ وڃي فون ڪنيڪشن ملندو هيو پر هاڻي پاڪستان ٽيليفون ڪمپني لميٽيڊ ( پي ٽي سي ايل ) کان ڪو پڇڻ لاءِ تيار ناهي ۽ انهيءَ اداري جي ڪهڙي حالت وڃي بچي آهي جڏهن واپڊا به پرائيويٽ ٿيندي ۽ ضرور ٿيندي ڇاڪاڻ ته هيءُ واپڊا جي عروج کان زوال جا ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن. واپڊا جي اڪثر نااهل انتظاميه سبب اڄ علائقن ۾ بجلي صارفين کي بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر مهينن جا مهينا درست ڪري نٿا علائقن ۾ نٿا لڳايا وڃن جنهن ڪري لاڙڪاڻي جي ملڪ گير رڪارڊ گرمي هاڻي مئي مهيني ۾ لاڙڪاڻو اندر گرمي 49,50 سينٽي گريڊ ۾ آهي جڏهن ته اهڙي قهر جهڙي گرمي ۾ به بجلي صارفين کي بجلي جي سهولت مهيا ڪري نٿي ڪري ڏني وڃي ته پوءِ ڪهڙي سياري جي موسم ۾ بجلي ڏني ويندي ڇا؟ لاڙڪاڻو جي بجلي صارفين کي خدارا مخلوق خدا سمجهي انهن تي رحم ڪندي بجلي ڏني وڃي باقي واپڊا وارن جي ناجائز فرمائشن سان ڪير ڪيئن پورو ٿي سگهي ٿو. واپڊا لاءِ ڪجهه تجويزون ؛ ملڪ جي عوام کي ميٽرو بس، موٽروي روڊ، گرين ٽرين، پيلي ٽيڪسي، ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر وغيره جهڙن منصوبن بجاءِ پرائٽي اهميت بجلي توانائي جي منصوبن کي ڏني وڃي ۽ اها ڳالهه نه ڪئي وڃي ۽ اهو واعدو ڪيئن پورو ٿي سگهي ٿو ته سال 2019ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. نواز / شهباز شريف حڪومت 25 ڪروڙ عوام کي ضرو ڪو نه ڪو بجلي جي حوالي سان ريليف ڏين.جڏهن ته 2013ع کان هن وقت 2026 ع تائين بجلي جي شديد بحران کي عملي طرح حل ڪرڻ بجاءِ رڳو هر حڪومت بيان بازي ڪري عوام کي بيوقوف ڪندي رهي آهي ته پوءِ اهڙي شهباز شريف جي حڪومت جو رهڻ جو باقي ڪو به جواز نٿو رهي.انهي لاءِ پ پ سرڪار ۽ پ پ قيادت پنهنجي عوام سان بجلي جي مامري ۾ عملي طرح ساٿ ڏيندي وفاقي رويه جي اهڙي متعصبانه رويي ۽ عمل خلاف سراپا احتجاج بڻجندي پنهنجو احتجاج جيئن جو تيئن برقرار رکندي اچي.، اوور ريڊنگ بل ، ڊڊڪشن بل جتي هڪ هزار بل اچڻو آهي اتي 12 هزار ڪنهن ننڍي پورهيت مزدور جو بل هڪ مهيني جو ايندو ته ضرور اهو واپڊا افيسن جا در کڙڪائيندو پر بدقسمتي سان اتي ويٺل واپڊا آفيسر به انهن جي 12 ، 20، 30 ڪنهن جو 80 ، 80 هزار جو هڪ مهيني بجلي بل کي ڪٽڻ يا درست ڪرڻ بجاءِ اهو بل ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو .اڪثر عوامي راءِ اها آهي ته نواز سرڪار کي گهرجي ته اها 25 ڪروڙ عوام کي بجلي جي سهولت ڏيڻ لاءِ عملي طرح هڪ وک اڳتي ايندي عام صارف تي 500 رپيا ۽ اي سي هلائيندڙن کان هڪ هزار رپيا في گهر مقرر ڪري ته ڪو به غريب آبادين تي مشتمل صارف به ڪنڊو نه لڳائيندو ۽ ڪا به بجلي جي چوري نه ٿي سگهندي ڪو به بجلي جو باقي بحران نه رهندو ۽ وڏي ڳالهه ته انهي بجلي جي ڪمائيءَ مان پورو ملڪ خوشحال ٿيندو ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيندو.يا وري ٿر ڪول منصوبي تي عمل ڪندي چين ملڪ کي انهي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ خودمختيار ڪيو وڃي،پر هتي ڪميشن جي مار سبب چين سان بجلي معاهدو ڪير به حڪمران نٿو ڪري ۽ ٿر جو هڪ سئو سال بجلي پيدا ڪندڙ ڪوئلو ضايع ٿي رهيو آهي جڏهن سي پيڪ منصوبي جي ڳالهه تي ايڏو زور ڏنو وڃي ٿو جنهن سان سنڌ کي ڪو به فائدو بظاهر ناهي رڳو رستي جي سهولت مهيا ٿيل آهي پوءِ انهيءَ لاءِ حڪمران وسان ڪين گهٽائين ٿا پر ٿر جي سون جهڙي ڪوئلي کي ڇو نظر انداز ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ شديد بحران بجلي جو آهي. بجلي نه هجڻ ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ملڪ جي ماڻهن وٽ شديد گرمي ۾ گرميءَ کان بچاءَ سميت ڪاروبار معشيت بزنس کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي.باقي بجلي جي مامري تي اجائي سجائي سياست نه ڪرڻ گهرجي ملڪ جي عوام کي بجلي صارفين کي پنهنجي ملڪ پنهنجي ڌرتيءَ جو سمجهي انهن کي سهولت فراهم ڪري واپڊا جي اداري کي خود ڪفيل ڪيو نه ته هيءُ ادارو به ٽيليفون اداري وانگر پرائيويٽ بنجڻ کان ڪير ڪيئن روڪي سگهي ٿو.جيڪڏهن ريلوي کاتو هميشه بحران ۾ رهي ٿو جڏهن ته ريل گاڏيون هيٺان مٿان ڀريل هجن ٿيون ۽ واپڊا کاتو به سدائين خساري ۾ رهي ٿو ۽ ماڻهن کي بجلي نه ڏيڻ باوجود ڳرا بجلي جا بل ڏنا وڃن ٿا. اهڙي طرح ئي واپڊا جو هن وقت ڪهڙو حال بچيو آهي انهي لاءِ بجلي صارفين کي سهولتون ڏيون ۽ بجلي هر هڪ صارف تائين بغير ڪنهن ڏکيائي جي پهچائي وڃي اهڙي سخت شديد گرميءَ ۾ بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمردرست ڪري عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچايو وڃي جيئن واپڊا جي متاثر ٿيل ساک بحال ٿي سگهي ۽ فوري طور تي ترقيءَ جي راهه تي گامزن چين ملڪ سان بجلي سستيءَ جو معاهدو ڪري عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي. نمبر ٻئي ڳالھ ته واپڊا جي سرڪاري ملازمن جا ٺٺ ۽ ٽانگر ٿيل واپڊا مافیائون جا مال ملڪيتون، ڪاروبار، ناجائز بئنڪ بئلنس جي هڪ ڊگهي فهرست ڌار آهي. آخر ايف آئي اي، نيب، اينٽي ڪرپشن، احتساب عدالتون ڪميٽيون ڪڏهن واپڊا جي ڏاڍاين ظلم زيادتين جي وحشيت کي وائکو ڪنديون. باقي نه ته واپڊا غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ته عوام جو رت چوسي رهي آهي. هاڻي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ قيادت کي گهرجي ته هو سنڌ، بلوچستان ۽ خاص ڪري قومي اسيمبلي ۾ پ پ جا چونڊيل نمائندا سنڌ ۾ واپڊا جي ظلم زيادتين خلاف سراپا احتجاج بڻجي سنڌ جي لاڙڪاڻو ضلع کي لوڊشيڊنگ فري شهر قرار ڏياريو وڃي. ڳ










