مھنگائي مارچ، بي اعتمادي جي رٿ ۽ نئون سياسي دنگل

مھنگائي مارچ، بي اعتمادي جي رٿ ۽ نئون سياسي دنگل

ليکڪ عبدالمجيد بروھي 

پ پ پ پاران پرامن عوامي مارچ بعد حڪومت خلاف اپوزيشن پاران حڪومت خلاف بي اعتادي رٿ جي درخواست ڏني وئي ان کان اڳ جڏنھن اپوزيشن پاران صرف اعلان ڪيو ويو ھيو تـ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻينداسين تـ ان وقت حڪومتي تمام وزير مشير ۽ خود وزيراعظم ميڊيا تي اچي اھو چوندا ھيا تـ اپوزيشن ۾ ھمت ئي نـ آھي تـ اھي بي اعتمادي رٿ پيش ڪن پر جڏنھن کان حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ اپوزيشن پاران جمع ڪرائي وئي آھي ان ڏينھن کان وٺي اڄ تائين حڪومت ۾ خوف ۽ بوکلاھٽ جو شڪار آھي وزيراعظم پاران ميڊيا سميت جلسن جلوسن ۾ وڃي اپوزيشن جي قيادت کي موتمار ڌمڪين سميت گارگند ڪري رھيو آھي اعلا ادارن سان ٽڪراء جي لاء پلان جوڙي رھيو آھي جڏنھن حڪومت کي سندس جا پنھنجا ايم اين ايز ڇڏڻ جو پتو پيو ۽ فوج پاران تمام بھترين قدم کڻندي سياسي معاملن کان مڪمل طور پاسيرو ٿيڻ جو فيصلوـڪيو ويو آھي ان ڏينھن کان وٺي عمران خان جيڪو پاڻ وزير اعظم آھي اھو ملڪ کي انارڪي ۽ انتشار ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪوششن ۾ آھي ڪجھ ڏينھن اڳ جڏنھن ھڪ سندس دوست جھاز ڀري ڀري ايم اين ايز کي خريد ڪري عمران خان وٽ وٺي ويندو ھيو ۽ عمران خان انھن کي پي ٽي آء جو جھنڊو پارائي فخر سان چوندو ھيو تـ اڄ مان وڪيٽ ڪيرائي آھي سڀني کي ياد آھي سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ لاء جڏنھن اپوزيشن وارن وٽ 65 ميمبر ھئا ۽ حڪومت وٽ صرف 34 ميمبر ھئا ان باوجود حڪومتي اڪثريت کي شڪست ڏئي پنھنجو سينيٽ چيئرمين چونڊرايو ھيو عمران خان صاحب پنھنجي ان قول کي بـ ياد ڪري تـ يوٽرن وٺڻ سٺو فيصلو ۽ پارٽي مٽائڻ بھتر عمل آھي ھن چيو ھيو تـ قائد اعظم بـ پارٽي بدلايو ھيو پوء اڄ جڏنھن ان جا ساڳيا ميمبر سندس جي عوام دشمن پاليسين ۽ ملڪ دشمن قدمن ۽ ملڪ کي تباھ برباد ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي ڪرڻ خلاف سندس کي ڇڏي چڪا آھن پوء ھاڻي کيس ھارس ٽريڊنگ ۽ ضمير فروشي ڇو ياد آيو آھي ھي ھمراھ ايترو تـ ھن وقت خوفزدا ٿي ويو آھي جو ھي پنھنجي ڪرسي بچائڻ جي لاء ملڪ ۾ خانا جنگي ڪرائڻ جو ارادو رکي ھڪ طرف اسيمبلي اجلاس بار بار ملتوي پيو ڪرائي ۽ بي اعتمادي جي رٿ جي خوف کان ابتا سبتا بيان پيو ڏي ڪڏنھن اپوزيشن کي گاريون ٿو ڏي تـ ڪڏنھن ملڪ جي سلامتي جي ادارن خلاف گند ٿو ڪري ملڪ جي ادارن مٿان پنھنجي ايم اين ايز ۽ ٽائيگر فورس جي مدد سان حملو ڪرايائين باغي عورت ميمبرن سميت ٻين ايم اين ايز جي گھرن مٿان غنڊن ذريعي حملا ڪرايا ويا گھرن ۾ موجود عرتن کي موتمار ڌمڪيون ڏياريائن پاڻ جلسن ۾ خطاب ڪندي باغي ميمبرن کي ھڪ طرف اللـ جا واسطا وجھي واپسي لاء ايلاز منٿون بـ ڪيائين تـ انھن کي ڌمڪيون بـ ڏنائين تـ جيڪڏنھن واپس نٿا اچو تـ پوء ياد ڪجو اوھان جي اولاد سان ڪير بـ شادي نـ ڪندو ھي سڀ ڪجھ نيازي جي بوکلاھٽ جو سبب کيس شڪست سامھون نظر اچڻ سبب ٿي رھيو آھي حڪومت ھن وٽ آھي پوليس ۽ انتظاميا ھن وٽ آھي جيسيتائين وزيراعظم آھي تيسيتائين ملڪ جي ھر شھر ۾ امن امان قائم ڪرڻ ھن جو فرض آھي پر ھي ٻين شھرن کي تـ بخش نٿو ڪري پر پاڻ وزيراعظم ھوندي ملڪ جي گاديء جي ھنڌ اسلام آباد ۾ بي اعتمادي رٿ واري ڏينھن کان ھڪ ڏينھن اڳ ڏھ لک ماڻھون ڊي چوڪ تي آڻي اھو اعلان ڪيائين تـ ھاڻي مام ڏسان ٿو تـ ڪھڙو ايم اين اي لکين عوام جي وچ مان ٿي ووٽ ڪرڻ وڃي ٿو انھن سندس۔  جي بيھودا حرڪتن باوجود ڪو بـ سندس باغي ايم اين اي ھن وٽ موٽي ناھي ويو ان بعد ملڪ جي گاديء واري شھر ۾ ڊي چوڪ تي پي ڊي ايم پاران پڻ لکين ماڻھون آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو ان مان لڳي ائين رھيو ھيو تـ اسلام آباد ۾ حالتون خراب ڪري وزيراعظم ملڪ کي عدم استحڪام طرف وٺي وڃڻ جي چڪر ۾ آھي  ان سڄي صورتحال کي ڏسندي سپريم ڪورٽ بار جي صدر پاران سپريم ڪورٽ درخواست ڏنو ويو جنھن بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي اسلام آباد انتظاميا پاران حڪومتي پارٽي پي ٽي آء ۽ پي ڊي ايم کي ٽي چوڪ تي جلسو ڪرڻ جي اجازت نـ ڏنائون جنھن بعد پي ٽي آء کي پريڊ گرائونڊ جڏنھن تـ پي ڊي ايم کي پشاورموڙ ڀرسان جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏنائون ڌرين کي حڪم ڪيو ويو تـ صرف جلسو ڪري ھليا وڃو ڌرڻي جو ڪنھن کي بـ اجازت ناھي مليل ھن وقت پي ٽي آء پاران جلسي جو تياريون شروع ڪيون ويون آھن پر ڇا ملڪ جو عوام ھن جي حق ۾ روڊن تي نڪرندو جنھن ڊالر کي 70 مان 180 اٽو في ڪلو 40 مان 100 گيھ 130 مان تريقبن 500 پيٽرول کي 80 مان 151 بجلي گئس سي اين جي ايل پي جي يوريا ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمتن سميت ھر شئي جا اگھ غريبن جي خريداري جي پھچ کان پري ڪري ڇڏيو آھي روزگار سان لڳل سرڪاري ملازمن کي بيروزگار ڪيائين گھر وارن کي بي گھر ڪيائين ڪاروبار ڪندڙن جا دڪان ڊھرائي پٽ ڪرايائين ان عوام دشمن لاء ملڪ جو عوام ڇو ڇا جي لاء نڪرندو ھن وقت ڪراچي کان جي يو آء جو ھزارين گاڏين جو قافلو نڪري چڪو آھي جنھن ۾ لکين جي يو آء جا ڪارڪن علاما راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿي چڪا آھن ڪي پي ڪي بلوچستان ڪشمير گلگلت بلتستان پنجاب مان پڻ قافلا اڄ اسلام آباد لاء نڪرندا ان کان علاوا مسلم ليگ ن جا لکين متوالا مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ حمزاشھباز جي قيادت ۾ لاھور کان اسلام آباد طرف مھنگائي مڪائو لانگ مارچ جي قيادت ڪندا لاھور مان نڪرندڙ لانگ مارچ ۽ جي يوآء جي لانگارچ جي حوي سان تجزيا نگار اھو چئي رھيا آھن تـ پاڪستان جو عوام انھن جي لانگ مارچ ۾ جوش ۽ جذبي سان شامل ٿي رھيا آھن جيڪي ھر حال ۾ ھن عوام دشمن کان نجات چاھين ٿا 27 تاريخ تي پي ٽي آء جي جلسي ۾ ماڻھون نـ اچڻ جا سبب پڻ آھن پر جي يو آء۔  ۽ ن ليگ جي گڏيل جلسي ۾ ڏھ لک کان بـ وڌيڪ ماڻھون گڏ ٿي سگھن ٿا جن سان پ پ پ بي اين پي مينگل اي اين  پي فسنديار ولي خان جا جوشيلا جوان ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل تمام پارٽين جا ورڪر ۽ اڳواڻ شامل ٿيندا جيڪڏنھن ان ڏينھن تي عمران خان پاران ڪو اڻونڻدڙ ۽ ملڪ جي سلامتي جي خلاف ڪو بـ غلط اعلان ڪيو تـ پوء ن ليگ جي صدر شھباز شريف انجي لاء اڳواٽ ئي دمادم مست قلندر جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي 

Brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو