آفتاب عالم مهر
سنڌ جي مٽيءَ ۾ تاريخ جا ايترا ته راز دفن آهن، جو هر ڀيرو جڏهن ڪو ماڻهو هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ تي هٿ رکي ٿو ته وقت جون بند دريون کلي پوڻ ٿيون. موئن جو دڙو، اهو ئي در آهي، جتان انسانيت پهريون ڀيرو پنهنجي عقل، فڪر ۽ شعور جي سفر جو آغاز ڪيو. جڏهن دنيا جا ڪيترائي حصا اڃا اونداهين ۾ هئا، تڏهن سنڌ جي هن مٽيءَ تي علم، صفائي، شهري نظام ۽ تمدن جو سج اڀري چڪو هو. موئن جو دڙو رڳو سِرن سان ٺھيل شهر نه هو، اهو انسان جي ذهن جي بيداريءَ جو پهريون ماڳ هو، جتي ماڻهوءَ سوچڻ، ٺهڻ، ٺاهڻ ۽ گڏجي رهڻ سکيو. هن شهر جون ڀتيون فقط سِرن سان نه پر انساني فڪر جي مضبوط بنيادن سان ٺهيل هيون. هتان جا ماڻهو پنهنجي رهائش، صفائي ۽ قانوني شعور ۾ ايترا ته اڳڀرا هئا، جو اڄ جي جديد دنيا به انهن جي حڪمت کان حيران آهي. پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام، گهرن جي ترتيب، واپار جا نشان ۽ مهرون ٻڌائين ٿيون ته سنڌو تهذيب رڳو تمدن نه، پر علم ۽ فڪر جو بنياد هئي. موئن جو دڙو ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي مٽيءَ ۾ فڪر ۽ فن گڏجي جنم وٺن ٿا.
وقت جي مٽيءَ هيٺ دفن اهي سرون اڄ به ڳالهائين ٿيون، ته انسان جي اصل سڃاڻپ علم، امن ۽ انصاف ۾ آهي. جڏهن دنيا جنگ، لالچ ۽ نفرت ۾ جڪڙيل هئي، تڏهن سنڌ جا ماڻهو گڏجي هڪ اهڙو سماج ٺاهڻ ۾ مصروف هئا، جتي صفائيءَ کان وٺي انصاف تائين سڀ ڪجھ منظم هو۔ اهو ئي ته اصل شعور آهي، جيڪو وقت جي مٽيءَ مان اڀري دنيا کي سبق ڏئي ٿو. اڄ جڏهن جديد دنيا ترقيءَ جي دعويٰ ڪري ٿي، وڏا شهر اڏجن ٿا، جديد ٽيڪنالاجي دنيا کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏيو آهي، پر موئن جي دڙي جي ماڻهن وٽ ايتري ته حڪمت هئي، جيڪا انساني هم آهنگيءَ جو مثال بڻجي رهي. هن شهر ۾ ڪو محل نه هو، نه بادشاهت، نه ظلم جو نظام، پر برابري، ڪم ۽ عزت تي ٻڌل سماج هو. ان جو مطلب آهي ته سنڌي ماڻهوءَ جو شعور ان وقت به ترقي يافته هو، جڏهن دنيا کي انساني قدرن جي معنيٰ به معلوم نه هئي. موئن جو دڙو انساني ارتقا جو پهريون ثبوت آهي، جتي انسان پنهنجي عقل سان فطرت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هتي واپار ٿيو، موسيقيءَ جا اوزار مليا، بت تراشيا ويا، زراعت ٿي، ۽ لکڻ پڙهڻ جو آغاز ٿيو. اهو سڀ ڪجھ ڏيکاري ٿو ته سنڌ انسانيت جو پهريون علمي مرڪز هو. اهو ئي ته شعور جو جنم آهي، جيڪو وقت جي مٽيءَ مان اڀريو ۽ اڄ تائين انسان جي ذهن ۾ جيئرو آهي.
پر افسوس، اهو شهر جنهن دنيا کي تهذيب سيکاري، اڄ خود بي قدريءَ جو شڪار آهي. ڌرتيءَ جي هن معجزاتي ورثي کي سياحت، علم ۽ تحقيق جو مرڪز ٿيڻ کپي ها، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته بي توجهي، بدانتظامي ۽ مفادپرستيءَ جي ڪري موئن جو دڙو آهستي آهستي مٽيءَ ۾ وري دفن ٿي رهيو آهي. دنيا جا سياح ڏسڻ اچن ٿا، پر پنهنجي ڌرتيءَ جا وارث بي حس ٿي ويا آهن.
سنڌ جا نوجوان جيڪڏهن پنهنجي تاريخ نه سڃاڻيندا ته سندن مستقبل جو رستو به اونداهين ۾ گم رهندو. موئن جو دڙو رڳو ماضيءَ جو شهر نه آهي، اهو هڪ فڪر آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته بغير شعور جي ترقي ممڪن ناهي. اسان جي نئين نسل کي گهرجي ته هو هن تهذيب کي ڪتابن سان گڏوگڏ دل مان به پڙهي. جڏهن ڪو نوجوان اهو سمجهندو ته سندس ڌرتي دنيا جي پهرين شهري تهذيب جو گهر هئي، تڏهن ئي سندس اندر ۾ فخر ۽ ذميواري پيدا ٿيندي. موئن جو دڙو ٻڌائي ٿو ته سنڌي ماڻهوءَ جو رشتو علم، فن ۽ فڪر سان آهي، طاقت ۽ لالچ سان نه. اهو شهر امن ۽ علم جو مثال آهي. هتي نه ھٿيار ھئا نه قيدخانو هو، پر انصاف جو تصور موجود هو. هتي ڪو محل نه هو، پر سڀني جا گهر هڪجهڙا هئا. اهو ئي ته انساني برابريءَ جو شعور آهي، جيڪو اڄ جي دنيا وڃائي ويٺي آهي. اڄ جڏهن دنيا ايندڙ آفتن، جنگن ۽ انساني بي حسيءَ ۾ جڪڙيل آهي، تڏهن موئن جو دڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اصل ترقي عمارتن ۾ نه، پر انسان جي فڪر ۾ آهي. جيڪڏهن انسان موئن جي دڙي جي فلسفي کي سمجهي وٺي، ته دنيا ۾ جنگ ختم ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اها تهذيب امن، علم ۽ تعاون تي بيٺل هئي، سنڌ جي مٽي اڄ به ساڳي آهي، جنهن مٽيءَ مان اهو شعور اڀريو هو. اهو اسان جو فرض آهي ته ان شعور کي زندھ رکون، ان ورثي کي محفوظ رکون، ۽ دنيا کي ٻڌايون ته موئن جو دڙو رڳو ڦٽل آثار نه آهن، پر انساني فڪر جو بنياد آهي. جڏهن به ڪو ماڻهو هن شهر جي ڀتين کي هٿ لاھي ٿو، تڏهن ماضيءَ جي صديون هڪ لمحي لاءِ زندھ ٿي وڃن ٿيون.
موئن جو دڙو ٻڌائي ٿو ته وقت جي مٽي ڪڏهن به سچ کي دفن نٿي ڪري سگهي. هزارين سال گذري ويا، پر اها مٽي اڄ به ڳالهائي ٿي. اها ٻڌائي ٿي ته سنڌ جا ماڻهو عقل، امن ۽ محبت جا ماڻهو آهن. اهو شعور جيڪو موئن جي دڙي مان اڀريو، اڄ به هر سنڌيءَ جي دل ۾ زندھ آهي، بس ضرورت آهي ته ان کي جاڳايو وڃي. سنڌ جي مٽيءَ مان اڀرندڙ اهو شعور اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هر سِر جي پٺيان انسان جي محبت ۽ علم جو داستان لڪل آهي. موئن جو دڙو اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي غيرت، اسان جي فڪر ۽ اسان جي فخر جو نشان آهي. دنيا جا تهذيبن جا ماڳ تباھ ٿيا، پر موئن جو دڙو اڄ به ٻڌائي ٿو ته سنڌ هميشه زندھ رهندي، ڇو ته هتان جو شعور مٽيءَ ۾ دفن ٿي به زندھ رهي ٿو۔
جيڪڏهن دنيا کي نئين روشنيءَ جي ضرورت آهي، ته ان کي موئن جي دڙي جي فلسفي ڏانهن موٽڻو پوندو، علم، صفائي، امن، برابري، ۽ انسانيت جي فڪر ڏانهن. اهو ئي پيغام آهي جيڪو سنڌ جي هن مٽيءَ مان هزارين ورھيه پوءِ به اڀري ٿو، ۽ دنيا کي ٻڌائي ٿو ته وقت جي مٽيءَ مان اڀرندڙ انساني شعور ڪڏهن به مري نٿو سگهي.!










