ملڪ ۾ معاشي بدحالي جو مسئلو  ۽ حڪمرانن جو رويو

ملڪ ۾ معاشي بدحالي جو مسئلو ۽ حڪمرانن جو رويو

ليکڪ خاصخيلي لطيف راولاڻي
ملڪ ۾ گذريل ڏھن سان مسلسل مھانگائي معاشي بدحالي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي ڪري ملڪ جون سياسي توڙي سماجي سرگرميون به انھي معاشي بدحالي جي ور چڙھي ويون آھن ۔خاص طور تي سماجي ادارن ۾ ھمدردي گھٽ پر ڏيکاء ۽ ميڊيا ۾ نالو ڪڍرائڻ جو رجحان وڌي ويو آھي انھي سستي شھرت جي ڊوڙ ۾ ھرڪو اڳڀرو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ھوندو آھي جنھن جي ڪري ڪافي جاني توڙي مالي نقصان به ٿيندو آھي ماضي ۾ به اھڙا ڪافي واقعا رونما ٿي چڪا آھن پراسان جا ادارا ۽ ذميوار ماڻھو ان مان ڪوبه سبق حاصل ڪونه ٿاڪن ۽ نه ئيان تي عمل ڪن ٿا۔معاشي بدحالي کي ختم ڪرڻ ان تي قابو جو اھوغلط طريقوڪافي سالن کان وٺي ڪيوپيووڃي ته معاشي بدحالي ختم جرڻ لاء مستحق عوام کي دردر پنايووڃي انھن کي ڊگھي لائين لڳائي انھن کي مشتعل بيوس بيڪار ڪري راشن ورھايو وڃي ۔اھو غلط طريقو ڪافي سالن کان رائج آھي ان جا ڪافي نقصان به ٿيا آھن ۔فيضان مدينه ۾ به ڪافي سال اڳي اھڙودردناڪ واقعو پيش آيو ھو جو راشن وٺڻ جي لاء ۾لڳلل لائين ۾ ڀاڃ پوڻ تي ڏه کان مٿي عورتون پنھنجي قيمتي زندگي وڃائي ويٺيون ۔پر اڄ ڏينھن تائين ان مسئلي جو حل تلاش نه ڪيوويو ته راہشن ڀلي ورھائجي مستحق کي ان جوجائز حق ڏنو وڃي پران جو طريقيڪار ڪھڙي ريت ھجي اھو ڪئين ورھايو وڃي ۔ان مسئلي جوحل تلاش نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪلھ ٻيھراھو واقعو پيش آيو آھي جيڪو مسلسل ٿيندو پيو اچي ۔اھڙي ريت انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن جي ورھاست ۾ به ناانصافي ٿي رھي آھي مستحق عورتن کي سندن پوري رقم ڪونه ٿي ملي ايجنٽ مافيا انھي ڪم ۾ رڌل آھن ته ڪنھن عورت کي ڪيتري رقم ڏجي انھي ڏس ۾ سڄي ملڪ مان خاص طورتي سنڌ مان گھڻيون شڪايتون موصل ٿين ٿيون ته پوري رقم ڪونه ٿي ملي ايجنٽ مافيا پئسا کايو وڃن ۔معاشي بدحالي بيروزگاري ته پنھنجي جڳھ تي برقرار آھي مٿان وري سماجي مسئلا جيڪي روزمره جي زندگي سان واسطو رکن ٿا اھي شروع ٿي ويا آھن ۔اڳ ۾ ته صرف ملڪ مان بجلي غائب ٿيندي ھئي پر ھاڻي گئس ۽ پاڻي به غائب ٿيو وڃي ۔گئس جي لوڊ شيڊنگ جي ڪري زندگي جا آثار ختم ٿيندا پيا وڃن ۔عوام به تنگ ٿي ڪري روڊن رستن تي نڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي جيڪو موجوده ملڪ جي حڪمرانن جي لاء سوچڻ جو مقام آھي ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آھي ۽ اھي ملڪ ھلائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن ۔اھي مھانگائي ۽ معاشي بدحالي کي ٻنجو نه ڏيئي سگھيا ۔اھڙيون ڪي پاليسيون مرتب نه ڪري سگھيا ۔جو ملڪ ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاري کي قابو ڪري سگھن عوام کي ذھني مفلوج ڪري لائين ۾ بيھاري پنايو ٿووڃي جنھن ۾ حڪومت جي پنھنجن ماڻھن جا قائم ڪيل ادارا به شامل آھن جيڪي عوام کي روزگار ڏيڻ بدران پنڻ تي مجبور ڪن ٿا ۔تازي خبر شايع ٿي آھي اسان جي ڪٽيل حصي جيڪو اڳ ۾ ملڪ جو حصو ھو پاڙيسري ملڪ بنگلاديش جتي عوام کي روزگار ڏيارڻ لاء پنھنجي پيرن تي بيھن لاء ايشيا جي وڏي کان وڏي گارمنٽ فيڪٽري جوافتتاح ڪيو ويو آھي عوام کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو پيووڃي ۔جئين اھي پنڻ کان بچي سگھن ۽ روزگار سان لڳي وڃن پر ھتي اھڙي ڪابه پاليسي جوڙي ڪونه ٿي وڃي ته عوام کي پنڻ کان روڪي روزگار ڏنووڃي ۔ملڪ جو معاشي بحران ختم ڪرڻ لاء ھتي به اھڙا سڌارا آندا وڃن جئين عوام سگھاروٿي سگھي ۽ اھڙا دردناڪ واقعا نه ٿين جن سان قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ھجي اھڙيون ڪي پاليسيون جوڙيون وڃن ۽ راشن ورھائڻ جو اھو طريقو ختم ڪيو وڃي ۔ملڪ کي معاشي بدحالي مان ڪڍيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اھڙا واقعا روز بروز ٿيندا رھنداlatifravlani@gmail.com .

پهنجو تبصرو موڪليو