ليکڪ عبدالمجيد بروھي
اڄ اھي ڏينھن ھر پاڪستاني کي ياد اچن پيا جن ڏينھن ۾ پاڪستان جي گاديء جي ھنڌ اسلام آباد جي بليو ايريا ڀرسان ھڪ پارٽي پاران ڌرڻو ھنيو ويو ھيو جنھن جي تقرير ٻڌڻ لاء روز اڪثر پاڪستاني ٽي وي اسڪرين جي سامھون اچي ويھندا ھيا جٿي اھو ان پارٽيء جي سٺ سالن کان مٿي عمر وارو نوجوان سربراھ ھر روز ڪنٽينر مٿان چڙھي اچي تقرير ڪندو ھيو ۽ پنھنجي تقرير م ھو بار بار مديني جي رياست جو تذڪرو ڪري چوندو رھندو ھيو تـ مان جيڪڏنھن اقتدار ۾ آيس تـ ھن ملڪ کي مديني جي رياست وانگر بڻائي ڇڏيندس مان جيڪڏنھن حڪومت ۾ آيس تـ سڀ کان پھريان ھن ملڪ مان غربت جو خاتمو آڻڻ لاء ھر شئي جا اگھ گھٽ ڪندس ڊالر جي قيمت کي سٺ روپين تائين ڪنٽرول ڪندس پئٽرول جي قيمتن کي وڌائڻ بجاء سمورا ٽيڪسز پيٽرول جي مٿان جيڪي لاڳو ڪيل آھن اھي ختم ڪري پئٽرول جي في ليٽر کي پنجاھ کان سٺ روپين تائين آڻي ملڪ جي غريب عوام کي رليف ڏيندس ان کان علاوا سون جي قيمتن تي پڻ ڪنٽرول ڪندس مان ڪشڪول کي ٽوڙي ٻاھرين ملڪن جي قرض وٺڻ واري پاليسي کي مڪمل ختم ڪري پاڪستان جي پنھنجي وسيلن مان ملڪ بـ ھلائيندس ۽ جيڪو قرض اڳين ڪرپٽ حڪومتن ورتو ھيو اھو بـ لاھي ڇڏيندس آء ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي اشارن تي ھلڻ بجاء پنھنجي معاشي ٽيم جوڙي پنھنجا عوامي قانون جوڙي ملڪ جي عوام کي نئون پاڪستان ٺاھي ڏيندس نئين پاڪستان ۾ ھڪ ڪروڙ نوڪريون بيروزگارن کي ڏيندس بي گھر پاڪستانين کي مفت ۾ بلڪل مفت ۾ پنجاھ لک گھر ٺاھي ڏيندس ان کان علاوا نئين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ رليف ھن ملڪ جي ھارين کي ڏيندس يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمتن تي سبسڊي ڏئي ڪري ڀاڻ ۽ ٻڄ سستي ترين اگھن تي ھارين کي مھيا ڪرائيندس ھارين جي فصل کي سٺي اگھ تي سرڪاري اگھ مقرر ڪري خريد ڪرائيندس مفت ۾ ھارين کي ٽريڪٽر ڏياريندس ھن ملڪ مان مھانگائي جو خاتمو آڻيندس ھن ملڪ ۾ قانون سڀني لاء برابر ڪري رياست مدينا ٺاھيندس نئين پاڪستان جو پاسپورٽ ايترو تـ مضبوط ڪندس جو ھتان جا رھاڪو ٻاھرين ملڪ وڃي مزدوري نـ ڪندا بلڪي ٻاھرين ملڪن جا ماڻھون اسان جي ملڪ جي ويزا لاء قطارن ۾ بيھندا ھر طرف خوشحالي نظر ايندو اوھان کي پر افسوس افسوس انھن سڀني واعدن مان ڪنھن بـ ھڪ واعدي تي ان ڪنٽينر واري ھمراھ عمل ناھي ڪيو ھن ملڪ جي عوام ان جي واعدن تي ڀروسو ڪيو کيس وزيراعظم جي ڪرسي تي پھچايو پر ھي ھمراھ پنھنجي ھر واعدي تان ڦري ويو آھي نيازي حڪومت ھن ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ بجاء غريبن کي ختم ڪري ڇڏيو آھي ملڪ ۾ مھنگائي آسمان تي پھتل آھي پئٽرول جا اگھ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھتل آھن ھن پئٽرول في ليٽر 139/140 روپين تائين پھتل آھي پھرين تاريخ تي پڻ ھي حڪومت پئٽرول جي قيمتن ۾ پنج کان ڏھ روپيا في ليٽر اضافو ڪرڻ جي چڪرن ۾ آھي ان کان علاوا ڊالر کي بـ ڪير روڪڻ وارو نـ آھي روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر وڌيڪ مھانگو ٿيندو پيو وڃي ھڪ ڊالر ھڪ سئو چوھتر روپين جو ٿي ويو آھي سون جي قيمت کي بـ نيازي حڪومت پر لڳائي ڇڏيا آھن في تولو سوا لک روپين کان بـ مٿي آھي غريبن کي تـ نيازي حڪومت ختم ڪيو آھي پر وچولي طبقي جا حال بـ برا ڪري ڇڏيا آھن جيڪي ھن مھنگائي جي دور ۾ پاڻ ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آھن ھن وقت ملڪ اندر مھنگائي خلاف عوام سراپا احتجاج آھي پ پ پ سميت پي ڊي ايم جماعت اسلامي ۽ ٻين ڪاروباري ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روڊن تي نڪري گو عمران گو جا نعرا بلند ڪري رھيا آھن عوام جو اھو مطالبو آھي تـ جنھن شخص ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھيو ان شخص وفاقي کاتن مان انھن ملازمن کي جيڪي سورنھن ھزار آھن جن پنھنجي پوري زندگي انھن کاتن ۾ ڪم ڪيو ھيو انھن کي فارغ ڪري ملازم دشمني ڪئي آھي جنھن اسٽيل مل پي آء اي سميت ٻين کاتن ۾ روزگار ڪندڙن کي ھٽايو آھي پاڪستان جي روزگار ڪندڙ شھرين کي بيروزگار ڪيو آھي ڪيترن غريبن جا گھر ڊاھي جنھن پٽ ڪيا آھن ان جھڙي عوام دشمن وزيراعظم کي ھاڻي وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جو ڪوبـ حق نـ آھي جنھن جي ڪري گيھ تيل کنڊ اٽو لٽو سبزيون گوشت مڇي مرغي انڊا ۽ ٻين عام واھپي جا اگھ چوٽ چڙھيل آھن ان کي ھاڻي وڌيڪ برداشت نـ ڪنداسين جنھن جي بجلي گئس جي قيمتن ۾ ھر مھيني اضافو ٿي رھيو آھي اھو ھاڻي ڪھڙي منھن سان حڪومت ڪري پيو جنھن جي ڪري ھارين کي ھن سال ھاء برڊ ٻڄ مھانگو مليو ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري ھارين ست ھزار روپين ۾ وڪرو ڪرائيندڙ ھاڻي ھن ملڪ جي عوام کي بخش ڪري ھي ملڪ ۽ ھن ملڪ جو عوام پراڻي پاڪستان ۾ رھڻ چاھين ٿا ان نئين پاڪستان کي ٺاھيندڙ عمران خان پراڻي پاڪستان جي عوام کي تباھ وبرباد ڪري ڇڏيو آھي تنھنجي ڪري ھاڻي پاڪستان جي ھر گلي محلي مان سندس کي گو عمران گو جا نعرا ٻڌڻ ۾ اچن پيا ملڪ جي عوام کي آء ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ مان نجات ڏيارڻ جا واعدا ڪندڙ عمران خان پاران ڪجھ ڏينھن ورلڊ بئنڪ ۽ آء ايم ايف جا تمام شرط مڃي ورتا آھن جنھن سبب ايندڙ مھيني وڌيڪ مھنگائي ٿيندي ھر شئي جا اگھ وڌندا پر پوء بـ عوام کي نيازي حڪومت جو اھو مشورو ملندو تـ اوھان نـ گھٻرايو پر عمران خان صاحب اوھان کي ھاڻي ڊڄڻ گھرجي ھن ملڪ جي عوام کان ڇو تـ اوھان کان ھاني ھن ملڪ جا ماڻھون بيزار ٿي چڪا آھن اوھان جي ڀلائي ان ۾ آھي تـ اوھان بنا دير استعيفا ڏئي پنھنجي ٻارن سان گڏ رھڻ لاء انگلينڊ ھليا وڃو ڇو تـ نـ توھان ۾ ۽ نـ ئي وري توھان جي پوري ٽيم ۾ ملڪ کي ھلائڻ لاء ڪا اھليت آھي اوھان ۽ اوھان جي پوري ٽيم کي صرف واعدا ڪرڻ ۽ مخالفن مٿان بھتان بازي ڪرڻ کانسواء ڪجھ بـ نٿو اچي انجي ڪري ھاڻي ضروري آھي تـ اوھان پاڻمرادو اقتدار ڇڏي ڏيو ۽ عوام کي جيئڻ جو حق ڏيو










