مسجد نبوي جي توهين تي ٿيندڙ ’مذهبي سياست‘

مسجد نبوي جي توهين تي ٿيندڙ ’مذهبي سياست‘

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
يا الله پاڪستان جي سياستدانن کي عقل ڏي ايمان ڏي پاڪستان جي بغض کان بچائين پاڪ دشمن قوتن جي سڃاڻپ ڏئين عوام جي خدمت جو جذبو عطا فرمائين ڪوڙ ڌوڪي دهي ، عوام سان ويساهه گهاتيون بند ڪن جڏهن ته هن وقت ، اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون ، سياسي انتقام لاء آخري حد تائين وڃڻ مان سمجهان ٿو ته هن ملڪ لاء انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندي ، جهڙي ريت ڪپتان پاڪستان جي سياستدانن مٿان خطرناڪ الزام هنيا ، آمريڪي خط ڏيکاري ڪپتان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ڪرڻ لاء آخري حد تائين وڃن لاء ڪروڙين روپيا پي ٽي آئي رهنمائن کي خريد ڪري پيغام ڏنو ته اسان سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا ، پر اصل خطرناڪ صورت حال اها آهي ته ڪپتان به عوام کي ڪال ڏيئي چڪو آهي ، جڏهن ته ڪپتان جي جان کي به خطرو آهي ، ڪو وڏو هادثو به ٿي سگهي ٿو ، جڏهن ته شيخ رشيد به ستن ماڻهن مٿان قتل جا الزام هنيا آهن ، ٻئي پاسي حڪمران به پنهنجا خطرناڪ پتا استعمال ڪري رهيا آهن ، اهڙي صورت حال م ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ، ان ڪري مان عرض ڪندس ته خطرناڪ راند کيڏڻ کان پاسو ڪيو وڃي ، ائين نه ٿئي ته ملڪ اندر خانه جنگي ٿي وڃي پوء پاڪ آرمي جي وس ۾ به ڪجهه نه رهندو جو هو امن امان بحال ڪرائي سگهجي ، ٻئي پاسي مان سمجهان ٿو ته ٻاهريون قوتون اهو چاهين ٿيون ته ملڪ اندر انتشار پيدا ٿئي ، جيئن آمريڪي خلاف انهن سان برابري جي بنياد تي تعلق رکندڙن کي سدائين لاء سياست کان ئي آئوٽ ڪجي ، جيڪو مان سمجهان ٿو ته ممڪن ناهي ، برحال هن وقت جي حڪومت کي سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻا پوندا ، توهين مسجد نبوي صه جي الزام ۾ عمران خان، شيخ رشيد، فواد چوڌري، شهباز گل، قاسم سوري سميت پي ٽي آءِ جي 150 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ مسجد نبوي صه جي اڱڻ ۾ موجود حڪومتي ميمبرن خلاف نعريبازي جو واقعو پيش آيو هو، جنهن تي سعودي عرب انتظاميا ڪجهه پاڪستانين کي گرفتار ڪيو هو. واقعي تي جتي سعودي عرب ۾ ڪارروائي ٿي، اتي پاڪستان ۾ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه ماڻهن جي درخواست تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، اڳوڻي گھرو وزير شيخ رشيد، اڳوڻن وزيرن، مرڪزي اڳواڻن سميت ڊيڍ سئو ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. درخواستگذارن مسجد نبوي صه واقعي جي ذميواري تحريڪ انصاف جي قيادت تي لاڳو ڪئي آهي. ان واقعي کي ڏسندي هڪ ڪيس نيو ائيرپورٽ ٿاڻي اٽڪ ۾ به مقامي شهري جي درخواست تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فيصل آباد پوليس موجب هڪ ڪيس محمد نعيم نالي شهري جي درخواست تي ٿاڻي مدينه ٽائون ۾ داخل ڪيو ويو آهي. درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته هي واقعو رٿابندي کانپوءِ پيش آيو، 150 ماڻهو ان لاءِ هتان کان سعودي عرب ويا، واقعي سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي، هي توهين مذهب جو واقعو آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وڃي. نيو ايئرپورٽ اٽڪ ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 48، تعزيرات پاڪستان جي قلم 295،295 اي ۽ 296 تحت قاضي طارق ايڊووڪيٽ جي بيان تحت داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ ڪيس جي فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته 28 اپريل تي مسجد نبوي صه ۾ ٿيل دل ڏکوئيندڙ واقعي سان صدمو رسيو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عمران خان، شيخ رشيد، فواد چوڌري، شهباز گل، مراد سعيد، قاسم سوري جي مشاورت، رٿابندي ۽ ڏوهاري سهڪار سان هي سڀ ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته پاڪستان مان شيخ راشد شفيق سان شرپسندن جو ٽولو سعودي عرب ويو، جن اتي ترسيل ماڻهن کي پاڻ سان گڏ ڪيو، ان طرح برطانيا کان ماڻهو صاحبزاده جهانگير عرف چيڪو ۽ انيل مسرت وغيره جي قيادت ۾ سعودي عرب پهتا. درخواستگذار موجب جوابدارن جي قدمن سان جذبا سخت مجروح ٿيا، رويي جي رد عمل ۾ سخت عوامي احتجاج جو خدشو آهي. هڪ سينيئر پوليس آفيسر موجب پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ اڳواڻن خلاف پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ان ڪيس تحت شيخ رشيد جي ڀائٽي راشد شفيق کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مسجد نبوي صه واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جو واضح اشارو ڏئي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڻ سڳورن صه جن جي روضي تي اهڙو عمل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، جيڪو به شهري ڪارروائي لاءِ ايندو، حڪومت رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته باقاعدي طور رٿابندي سان ماڻهن کي اڪسايو ويو، ڪجهه ماڻهو برطانيا مان انيل مسرت ۽ صاحبزادي جهانگير جي سربراهي ۾ سعودي عرب آيا، انهن ماڻهن جيڪو عمل ڪيو، ان تي قطعي معافي نه ڏني ويندي. راڻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف چيئرمين کي فتنو قرار ڏيندي چيو ته بلڪل کيس گرفتار ڪيو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن چنڊ رات تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ماڻهو عيد جي رات هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن، هي شخص نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب ڪجهه ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. شيخ رشيد بابت سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياست کي مسجد نبوي صه تائين کڻي وڃڻ جو تصور ڪير به نٿو ڪري سگهي، هي چريو انسان اهڙيون حرڪتون ڪندو رهندو آهي، گفتگو ۽ پريس ڪانفرنس ڏسي سگهو ٿا، شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڇا ڪنهن ثبوت جي ضرورت آهي.وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ثبوت مليا ته شيخ رشيد ۽ عمران کي گرفتار به ڪري سگهجي ٿو. گهرو وزير راڻا ثناءُالله صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شيخ رشيد کي اغوا نه ڪنداسين پر باضابطه طور تي کيس گرفتار ڪيو ويندو. ثبوت هجڻ تي شيخ رشيد ۽ عمران خان ٻنهي جي گرفتاري ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته مسجد نبوي صه جو تقدس پامال ڪيو ويو. ان معاملي ۾ نه معافي آهي ۽ نه ئي وري ملي سگهي ٿي. جاچ جو عمل جاري آهي، راشد شفيق کي باضابطه طور تي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڊيو موجود آهي جنهن ۾ هو پاڻ چئي رهيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه اسان پاڻ ڪرايو آهي. راڻا ٿناءُالله چيو ته ڪجهه ماڻهن کي پاڪستان مان موڪليو ويو جن ماڻهن ڏوهه قبول ڪيو آهي انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ، مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم يا اڳوڻي وزيرداخله ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کي هن توهين مسجد نبوي صلم ۾ گرفتاريون ٿيون ته خطرناڪ راند شروع ٿيندي جنهن جو نتيجو مان عرض ڪيان ته انتهائي خطرناڪ نڪرنو ان ڪري وري به مان پاڪستاني شهري ٿي 22 ڪروڙ عوام جي دلين جي ترجماني ڪندي عرض ڪندس ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، يا پاڪ آرمي چيف کي نوٽيس وٺي هن مسئلي کي سلجهائڻ گهرجي ، جيڪڏهن اسان ان مسئلي تي ٽياڪڙي نه ڪئي ته به مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي تاريخ ڪنهن صورت ۾ به معاف نه ڪندي ، ان ڪري ، اسان کي وڏي هوش مان ڪم وٺڻو پوندو ، جڏهن ته ڪپتان پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ اها حقيقت آهي جنهن نه صرف پاڪستان پر عالمي دنيا ۾ خاص پذيرائي حاصل ڪئي لکين عام ماڻهون ڪپتان سان بي انتها پيار ڪيون ٿا ، ٻئي پاسي توهين مسجد نبوي صلم جي ڪيس ۾ گرفتارين لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن جنهن سان به نفرت وڌندي جيڪو به بهتر عمل ناهي ان ڪري اهڙن حرڪتن کان وفاقي حڪومت کي پاسو ڪرن گهرجي ، جڏهن ته ڪپتان تمام حڪومتي سياستدانن سان سياسي جهيڙو ڪرڻ لاء تيار آهي ، مئي جي آخري هفتي لکين ٽائيگرس پر ٻين سياسي پارٽين جا ورڪر به شرڪت ڪندا جنهن کان پوڀ مان سمجهان ٿو ته سياسي جنگ جو باقائده اعلان ٿيندو ۽ ڪپتان مطالبو صرف هڪ رکندو ته آزادي يا غلامي ، هي تحريڪ پاڪستان يج نرالي خطرناڪ هوندي جنهن سان صدارتي نظام به لڳي سگهي ٿو ته اليڪشن به ٿي سگهي ٿي ، پوء جنهن کي عوام چوڊڊيندو اهو ئي ڪامياب ٿيندو ۽ اهو ئي ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ، في الحال سياسي صورت حال انتهائي خطرناڪ موڙ اختيار ڪري رهي آهي ، پر مان سمجهان ٿو ته ڪپتان سميت ٻيا اهڙي غلطي سوچي به نه ٿا سگهن ان ڪري اهرا بهتان هڻن کان اٻوجهه سياستدان پاسو ڪن ته بهتر آهي. zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو