تحرير الله وسايو گهوٽو
سيد مراد علا شاهه ۽ وفاقي وزير براءِ ميري ٽائيم ۽ شپنگ علي زيدي جي جي وچ ۾ جهيڙو تمام تيز ٿي ويو آهي هلندڙ مهيني جي 16 تاريخ تي جيڪا ميٽنگ ٿي هئي ڪراچي ٽرانسفرميشن ڪميٽي جي ڪراچي پيڪيج تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ته ان ۾ جهيڙو ٿي پيو وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ۽ علي زيدي جو. ان جو وزير اعيٰ سنڌ وزير اعظم کي هڪ خط به لکيو هو هلندڙ مهيني جي 17 تاريخ تي. وزير اعليٰ سنڌ يا سنڌ حڪومت پاران ته ميڊيا تي ڪجهه نه ٻڌايو ويو پر علي زيدي ٽوئيٽ ڪيا ۽هن ٽوئيٽ ۾ وزير اعليٰ سنڌ جيڪو وزير اعظم کي لکيو آهي اهو ۽ هن جيڪو جوابي خط وزير اعظم کي لکيو آهي اهو به شيئر ڪيو آهي ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي الظامن کي مسترد ڪيو آهي وزير اعليٰ سنڌ جو خط ته هڪ صفحي تي مشتمل آهي ليڪن علي زيدي جو خط ٽن صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته سيپٽمبر ۾ گذريل سال جڏهن ڪراچي پيڪيج جو اعلان ٿيو هو ان پيڪيج تي عمل در آمد ڪرائڻ لاءِ هڪ ڇهه رڪني ڪميٽي بڻائي وئي هئي جنهن ۾ ٽي نمائندا وفاقي حڪومت جا آهن ۽ ٽي نمائندا سنڌ حڪومت جا آهن.16 تاريخ تي جيڪا ميٽنگ ٿي ان ۾ جهيڙو وڌي ويو وفاقي وزير جو رويو ڪافي جارهاڻي ۽ گهمنڊ وارو هو علي زيدي پنهنجي وزير اعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته جڏهن به وزير اعليٰ سنڌ کان ڪراچي پيڪيج جي حوالي سان پڇندا آهيون ته هو چوندو آهي هو هن کي جوابده نه آهي وزير اعليٰ سنڌ وزير اعظم کي لکيل خظ ۾ چيو آهي ته وفاقي وزير جو هڪ اهم عهدو آهي ان جو عوام سان ۽ عوامي عهدن جي آفيس ۾ ويٺلن سان آجزاڻو رويو هجڻ گهرجي تنهنڪري اهڙن عهدن تي ماڻهون رکڻ کان پهريان سو چيندا ڪيو ۽ ميچوئر ماڻهن کي انهن عهدن تي رکندا ڪيو . وزير اعليٰ سنڏجو خط علي زيدي کي ڪيئن مليو ظاهر آهي وزير اعظم ڏنو هوندو وزير اعظم به معاملي کي سلجهائڻ جي بجاءِ خط جي ڪاپي علي زيدي کي ڏيئي ڇڏي ۽ ان ٽوئيٽ ڪري ڇڏيو حڪومت عهدن تي ويٺل ماڻهون جيڪڏهن پنهنجي ڪم ڪار ۽ رليشن جو ڳالهيون ليڪ ڪندا ته ان جو ڇا پيغام ويندو عوام کي ۽ هڪ لحاظ کان علي زيدي کي وزير اعظم شاباس ڏيئي رهيو آهي ته اڳلي واري وڌيڪ بدتميضي ڪجانئن. اهڙن معاملن ۾ وزيراعظم کي وڏي هجڻ جو جيڪو قردار ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو نه ڪري رهيو آهي ۽ الٽو ٻردي ۾ تيل وجهي رهيو آهي اهڙي طريقي جي روين سان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جا تعلقات وڌيڪ خراب ٿيندا ۽ ان جو سفر عوام ئي ڪندو ۽ هي ڪو فيصلونه ڪري سگهندا صرف ۽ صرف پنهنجي جهيڙن ۾ پورا هوندا.جيڪو اشو هو علي زيدي جي بقول ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا دفتر ڊويزن ۾ به کوليا وڃن ان تي چيف منسٽر سنڌ جو به اتفاق هو ۽ هاڻي جڏهن ميٽنگ ۾ ان کان پڇيو ويو ته وزير اعلا جواب اهو ڏنو ته مان توهان کي جوابده نه آهيان علي زيدي جو چوڻ هو ته مان ٽي ڀيرا وزير اعليٰ سنڌ کي چيو پر جواب ساڳيو ئي مليو ته پوءِ اجلاس ۾ ويهڻ جو فائدو نه هو ۽ آءُ اجلاس مان هليو ويس وزير اعليٰ سنڌ جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي ليڪن وزير اعظم صرف علي زيدي جي ئي ڳالهه ٻڌي ۽ ان تي يقين ڪيو آهي ان ميٽنگ ۾ اسد عمر ،امين الحق به هو وزير اعظم معاملي کي حل ڪرڻ جي بجاءِ دٻائي ڇڏيو اگر ڏٺو و ڃي ته علي زيدي جو رويو ٺيڪ نه آهي ڪيئي ڀيرا ان صحافين سان به جارهاڻو رويو اختيار ڪيو آهي ان ڪري ان تي سدائين تنقيد ٿيندي رهي آهي.ياد رهي ته ڪيپٽن صفدر جڏهن ڪراچي آيو هو ان جي گرفتاري ۾ به علي زيدي جو ڪافي رول هو ان واقعي ۾ به علي زيدي ڪافي ايڪٽو رهيو ان کانپوءِ اهو ناخوش گوار واقعو پيش آيو جنهن ۾ آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪيو ويو هو ان کانپوءِ ڪجهه حاضر سروس آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز جي ماڻهن کي پنهنجي عهدن تان هٽايو به ويو هو ۽ انهن جي خلاف ادارن کي ڪاروائي به ڪرڻي پيئي. اهي سڀ شيون جذباتي ته آهن ليڪن علي زيدي کي اهو به سوچڻو پوندو ته هو پي ٽي آءِ جو ميمبر يا ايم اين سان گڏ وفاقي وزير به آهي وفاقي وزير جي پوسٽ پبلڪ آفس آهي هن کي جذبات کان هٽي پنهنجي عهدي جون زميواريون سنڀالڻيون پونديو ن جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته ڪراچي پيڪيج تي عمل نه ٿي سگهندو يا دير ٿي ويندو ۽ ان جو سفر عوام ئي ڪندي هيءَ معلومان سينيئر صحافي اعجاز مهر جي ويلاگ مان ورتي وئي آهي.










