ليکڪ طفيل مگسي
نه ڄاڻ ڪيترائي ڀيرا اسان يونيورسٽين جي پروفيسرن.معاشيات جي ماهرن .سياستدانن ۽ صحافين جي طرف کان اها دعوي ڪندي ٻڌو آھي ته مارڪس غلط هو ۽ کيس کي سرمائيداري جي باري ۾ تمام گهٽ ڄاڻ حاصل هئي. ليڪن هو سرمائيدارد نظام ۽ ان جي سگهه ۽ ان جي بحرانن کان نڪري ڪري اڳتي وڌڻ واري صلاحيت کي سمجهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو. ليڪن ڪجه ئي سالن جي دوران جڏهن اهو نظام تاريخ جي بدترين بحران جي ور چڙهي چڪو آھي ته وقت به وقت ماهرن جي واتان اهو چوندي ٻڌڻو پوي ٿو ته مارڪس ئي درست هو. جنهن جو تازو مثال ٽائيم رسالي ۾ ڇپجڻ وارو هڪ مضمون آھي. جنهن جو عنوان “مارڪس جو بدلو. طبقاتي جدوجهدي نظام جي هٿان دنيا“ پهرين سٽن جا جملا ڪجه هن ريت آھن ته “ڪارل مارڪس ڪڏھوڪو دفن ٿي چڪو آھي..ليڪن اها اسان جي خيالي سوچ هئد..وڌندڙ شاهديون ئي ثابت ڪري رهيون آھن ته شايد اهو درست هو.. “پهرين جملي ۾ مصنف لکيو آھي ته مارڪس کي مئل تصور ڪيو ويندو هو ۽ ان جو سبب سوويت يونين جو زوال.طبقاتي اڻبرابري واري شدت ۾ کوٽ .عالمي واپار جي پکيڙ.ايشيا ۾ معاشي عروج وغيره وغيره.
ليڪن ٻئي سٽ ۾ ان نظام تي ٿيندڙ انهيء ڊگهي بحران کي بيان ڪيو ويو آھي.جيڪو غربت ۽ بيروزگاري جي واڌاري سان گڏ اجرتن ۾ کوٽ جو سبب بڻجي رهيو آھي.ان سان گڏ مارڪس جي هڪ لکڻي ترجمو ڪئي وئي آھي ته“هڪ پاسي دولت جو انبار بلڪل ئي ٺيڪ وري ٻئي پاسي بدحالي.مشقت جي اذيت.غلامي.جهالت ۽ ذھني پسماندگي جي جهجائپ. آھي“
ليکڪ لکي ٿو ته “1983 ع کان 2007ع امريڪا ۾ دولت ۾ ٿيڻ واري واڌاري جو 74 سيڪٽو اميرن جي هٿن ۾ آيو ۽ جڏھن ته غرببن وٽ 60 سيڪڙو جيڪي ڪجه هو ان ۾ به کوٽ واقعي ٿي آھي،“
اهو تسليم ڪرڻ کانپوء به هينئر تائين سڀ ڪجه مارڪس جي درست ٿيڻ جي نشاندهي ڪري رهيو آھي.مصنف روايتن جي موجب لکي ٿو ته “ان جو اهو مطلب ناهي ته مارڪس مڪمل طور تي درست هو. پيش ڪيل پرولتاريا جي آمريت ٺيڪ طور تي نه هلي سگهي“ڇٽي طور تي اهو سوويت يونين جي وکري وڃڻ ڏانهن اشارو آھي. ۽ ائين ان اميد تي ڪيو ويو آھي ته ماڻھو مارڪس کي وڌيڪ سنجيده نه وٺن“
اهو ماڻھن کي مارڪس کان ڊيڄارڻ جو پراڻو اوزار آھي.ماڻھن کي احساس ڏياريو ٿو وڃي ته مارڪسزم وڏي ازدا آھي. .جيتوڻيڪ مارڪس سرمائيداري جي ٽڪرائن ۾ هڪ دلچسپ تجزيو ته ڪري ورتو.ليڪن هو ڪو حقيقي ۽ عمل جي قابل ڪو متبادل پيش نه ڪري سگهيو.۽ ان جي لاء اسان کي پنهنجي قسمت تي صبر وشڪر ڪندي سرمائيداراڻي نظام ۾ ئي گذارو ڪرڻو پوندو.“
ليڪن اهي صحافي هن حقيقت کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪن ٿا ته سوويت يونين ۾ مڙھيل نظام ڪميونزم نه هو.مارڪس ڪڏھن به اهڙي سوشلزم جي ڳاله نه ڪئي هئي.جيڪا هڪ ملڪ تائين محدود هجي.۽ اھا به 1917ع ۾ روس جهڙي پٺتي پيل ۽ غير ترقي يافته ملڪ ۾. انقلاب روس جي قيادت ڪرڻ واري بالشويڪ پارٽي کي تعمير ڪرڻ واري اڳواڻ لينن ڪڏھن ائين نه سوچيو هو ۽ اهوئي ڪارڻ آھي ته هن ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي تعمير ۾ پنهنجي سموري سگه استعمال ڪئي ۽ جرمني جي انقلاب سان ايتريون وڏيون اميدون رکيائين.
“هڪ ملڪ ۾ سوشلزم“جو نظردو پيش ڪرڻ وارو اسٽالن هو.جنهن ان مامري تي مارڪسزم جي سڀني بنيادي نظرين کان انڪار ڪيو.سوويت يونين ۾ ٿيڻ واري عمل جي باري ۾ ٽراٽسڪي ڪافي ڪجه لکيو آھي.خاص طور تي سندس عظيم ڪتاب “انقلاب ۾ غداري.۾ هڪ صحتمند مزدور انقلاب جي طور تي شروع ٿيڻ واري انقلاب روس جي وحشياڻي اسٽالنسٽ حڪومت جي زوال پذيري جي حقيقت تي روشني وڌي آھي.نصاب جي ڪتابن ۽ ميڊيا ۾ اھو سڀ نٿو ٻڌايو وڃي.اسٽالن جي اقتدار کي سوويت يونين تي مارڪس جي نظرين جو سنجام پيش ڪرڻ نهايت ئي ضروري ٿي پيو آھي.ته جيئن نئون ۽ اچڻ وارو نسل مارڪس جي لکڻين کي پڙھڻ ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيئي.ليڪن سرمائيدار طبقي ۽ سندس پٺوئن جي بدقسمتي اها آھي ته اڄ شديد بحران جي هٿان محنت ڪشن ۽ نوجوانن جو وڌندڙ انگ هڪ متبادل جي جستجو ۾ لڳو پيو آھي.
انهن ماڻھن کي جيڪي (مارڪسزم جا مخالف آھن) جيئن وڻين تيئن چوندا رهن .ليڪن اڄ مارڪس جا نظريا ماضيء جي ڪيترن ئي ڏھاڪن جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي شدت سان گڏ واپس وري رهيا آھن.جنهن جو سبب عالمي پيماني تي طبقاتي جدوجهد جو عالم آھي.ٽائيم.ميگزين جي مضمون ۾ لکيو ويو آھي ته“ان وڌندڙ اڻبرابري جو نتيجو مارڪس جي بلڪل مطابق آھي.يعني طبقاتي جدوجهد جي واپسي سموري دنيا جي محنت ڪشن جي ڪاوڙ کي وڌائي رهي آھي ۽ اهي عالمي معشيت ۾ پنهنجي جائز حصي جو مطالبو ڪري رهيا آھن..امريڪي ڪانگريس جي ايوان کان وٺي ڪري ايٿنز ۽ ڏکڻ چين جي پيداواري صنعتن تائين.ناڻي ۽ محنت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سياسي ۽ معاشي واقعن جي مقرري ڪري رهيا آھن.۽ ان جي شدت جو مثال ويهين صدي جي ڪميونسٽ انقلابن کانپوء نٿو ملي.
هن مضمون ۾ وڏي دلچسپ انداز ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي ته امريڪي حڪومت ۽ ان جي مخالف ميمبرن جي وچ ۾ تون تون مين مين ۾ طبقاتي طبقاتي ٽڪراء جو اظھار ٿيئي ٿو.۽ ھن ڳاله تي بحث پڻ ٿي رهيو آھي ته بحران جي قيمت ڪنهن طبقي کان ڪنهن قدر ورتي وڃي.جڏھن به امريڪي صدر امريڪي سماج جي دولتمند حصي تي ٽيڪس وڌائڻ جي ڳاله ڪري ٿو ته ٻي پارٽي ان تي طبقاتي ورڇ ڪرڻ جو الزام هڻي ٿي.جڏھن ته اها پاڻ محنت ڪشن ۽ غريبن جي خلاف طبقاتي جنگ ۾ مصروف آھي.
ليڪن طبقاتي جدوجهد بحران ورتل امريڪا ۽ يورپ تائين محدود ناهي.مصنف لکي ٿو ته جن ملڪن ۾ ويجهڙن سالن جي دوران ذڪر جي قابل ترقي ٿي آھي.اتي به طبقاتي جدوجهد ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي.۽ ان جو وڏو زنده مثال چين آھي.هو لکي ٿو ته جيتوڻيڪ چين جي شھرن ۾ اجرتن ۾ وڏو واڌارو ٿي رهيو آھي.ليڪن امير ۽ غريب جو فرق صاف آھي.
آمريڪي جي هڪساک واري اداري پِيو جي طرف کان ڪيل هڪ سروي ۾ اٽڪل اڌ چينين جي خيال ۾ اميرن ۽ غريبن ۾ فرق تمام.وڏو مسئلو آھي.جڏھن ته 10 منجهان 8 فرد هن ڳاله سان متفق آھن ته چين ۾ امير امير تر ۽ غريب غريب تر ٿي رهيا آھن.
اهو مارڪسسٽن جي لاء بلڪل حيراني جهڙي ڳاله اهي.اسان چئون ٿا ته سرمائيداري جي اندر معشيت جي ترقي سماج ۾ محنت ڪش طبقي جي ڪردار کي مضبوط بڻائي ٿي ۽ دولت جي اڻبرابري واري ورهاست مڪمل طور تي طبقاتي ڇڪتاڻ کي جنم ڏيئي ٿي.جيتوڻيڪ معاشي عروج ئي ڇو نه هجي.ان جو مثال اسان کي ماضي ۾ يورپ ۾ ملي ٿو.جتي عالمي جنگ کانپوء واري معاشي عروج جي دوران فرانس ۾ 1968ع ۽ اٽلي ۾ 1969ع ۾ طبقاتي جدوجهد جون تحريڪون ڦاٽ کائي ويون.
مضمون جي مطابق هڪ چيني محنت ڪش پينگ سن چئي ٿو ته “ٻاھرين ماڻھن کي اسان جي زندگي ۾ ڪافي ترقي ڏيک ڏيئي ٿي.ليڪن حقيقت ۾ ڪارخاني جي اندر زندگي ان کان نهايت مختلف آھي،امير محنت ڪشن جو استحصال ڪري فولت گڏ ڪري رهيا آھن..،اسان ڪميونزم جو شدت سان رستو تڪي رهيا آھيون.،،محنت ڪش وڌيڪ منظم ٿيندا ۽ سمورن محنت ڪشن کي متحد ٿيڻ جر اشد ضرورت پڻ آھي.
امريڪا کان وٺي ڪري چين ۽ اسپين کان وٺي ڪري يونان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ طبقن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو جائزو وٺڻ کانپوء مصنف اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته “اسان ڏسي سگهون ٿا ته مستقبل جي بهتري جي امڪانن جي سبب کان سڄي دنيا جي محنت ڪش جي صبر جو پيالو ڇلڪي رهيو آھي.ميڊرڊ ۽ ايٿنز جهڙن شھرن ۾ لکين ماڻھن جون دليون باه جي بٺي جيان پڃري رهيون آھن.“
ان کانپوء هو هن مضمون کي پڙھڻ وارن سرمائيدارن کي آٿت ڏيڻ جي لاء لکي ٿو ته“ليڪن هينئر تائين مارڪس جي انقلاب عملي روپ اختيار ناهي ڪيو“ ان ڳاله تي اسان متفق ٿي سگهون ٿا.اڃا تائين سوشلسٽ انقلاب ناهي آيو.ليڪن مصنف کي اميد آھي ته ائين ڪڏھن ٿيندو به نه .ان ڳاله سان وري اسان متفق نٿا ٿي سگهون.“
مصنف محنت ڪشن کي ان انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي ته اهي نظام جي تبديلي نٿا چاهين بلڪ ان ۾ سڌاري جا خواهشمند آھن.ان ڪم جي لاء اهي رونيورسٽي آف پيرس جي نام نهاد “ماهر مارڪسزم“ياڪ رانسئي جو سهارو وٺن ٿا.رانستئي ا هن يونيورسٽي جي پروفيسرن منجهان هڪ آھي.جيڪي پاڻ کي ظاھري طور تي ترقي پسند سڏين ٿا.ليڪن حقيقت ۾ اھي هر وقت مارڪسزم جي بنيادي نظرين تي اندر ئي اندر منجه ڪڙھي رهيا آھن.مثلا جڏھن جو چئي ٿو ته “اڄ طبقاتي جدوجهد جو مطالبو صرف نظام کي درست ڪرڻ جي لاء آھي ته جيئن دولت جي نئين سر ورهاست ڪري ان کي ڊگهي عرصي جي لاء وڌيڪ عمل جي قابل ۽ پائيدار بڻايو وڃي“پروفيسر جو تجزيو ته محنت ڪش سوشلسٽ انقلاب جو مطالبو نٿا ڪن .سرمائيداراڻي نظام کي قائم رکڻ جي خواهشمندن جي لاء آٿت جو سبب ٿي سگهي ٿو.هو چئي ٿو ته “ليبر ۽ سوشلسث پارثيون ۽ انهن جون حڪوئتون ڪٿي به نئين صف بندي ۽ انهن جي هٿان موجوده معاشي نظام جي ٿبديلي جا امڪان نهايت ئي محدود آھن“
ان جي دليل جو بنياد هرهنڌ تي مزدور تحريڪ ۽ خاص طور تي ان جي ليڊرن تي آھي ته پوء پروفيسر صاحب درست آھي.ليڪن سمجهڻ جي ڳاله اها آھي ته ليڊر سڄي زندگي ليڊر نٿو رهي.نظام جو بحران سمورن نظرين جو امتحان وٺي رهيو آھي.نظام ۾ سڌارن جي خيال تي ان نظام جي بند گهٽي ۾ ڦاسي پوڻ کان سوال اٿي رهيا آھن .هاڻي ماضيء جيان سڌارن جي ڪا گنجائش ناهي بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ ماضي جي ڏھائين ۾ طبقاتي ڪدوجهد جي ذريعي ڪيل سمورن سڌارن کي تباه ڪيو پيو وڃي.هرهنڌ محنت ڪش کي ٻي نسل پهرين واري زندگي جي حالت ڏانهن نيو پيو وڃي.فرانسيسي پروفيسر جي ڳالهين کان لڳي ٿو ته کيس کي هن ڳاله جي سمجه ناهي ته شروعات ۾ محنت ڪشن اهو سوچي ڪري نٿا اچن ته انقلاب ئي اڪيلو رستو آھي.شروعات ۾ اهي اجرتن. جي حالتن ۽ فلاح وبهبود تي ٿيڻ واري حملن جي خلاف اهي معاشي عروج جي ڏھاڙن جي واپسي جو خواب ڏسن ٿا.جڏھن سڌارا ممڪن هئا ۽ زندگي ڪجه برداشت جي قابل لڳندي هئي.ليڪن اهم.ڳاله اها آھي ته تجربن انهن اميرن کي ٽوڙي ڇڏيندا. سموري يورپ .امريڪا..افريقا ۽ ايشيا۾ وڏي پيماني جي سياسي لڇ پڇ آھي.جنهن جو اظھار چونڊن ۾ ٿي رهيو آھي.هڪ وقت ۾ مضبوط رهڻ واريون پارٽيون حالتن جي دٻاء جي اثر هيٺ اچي تباه ٿي چڪيون آھن.جنهن جو هڪ مثال يونان جي پاسوڪ( ) پارٽي آھي.محنت ڪش حڪومت ۾ ويٺل ڪٽوتين ڪرڻ وارين جماعتن جي خلاف ووٽ ڏئي رهيا آھن.يعني محنت ڪش اهو ڄاڻين ٿا ته ليڪن مسئلو اهو آھي ته هينئر تائين اهي ڪٽوتين جي خلاف ويڙھ جي گهربل پاليسين ۽ پروگرام کي ناهن ڄاڻي سگهيا.
مارڪسسٽ سدائين سچي ڳاله ڪن ٿا.تڏھن به ان کي سمجهڻ مشڪل. هجي .سڄي دنيا جي محنت ڪش ۽ نوجوانن کي پيش ايندڙمسئلن جو سرمائيداراڻي نظام جي اندر رهندي ڪو حل ممڪن ناهي.جيستائين طاقت سرمائيدار طبقي جي هٿ ۾ آھي.اهو ان کي پنهنجي دولت ۽ سهوليتن کي بچائڻ جي لاء استعمال ڪندا.جنهن جو ٻوجه محنت ڪشعوام.کي کڻڻو پوندو .ان نظام ۾ سڌارا نٿا ڪري سگهجن.ان کي تبديل ڪرڻو پوندو.ٽائيم ميگزين جي مضمون جو مصنف لکي ٿو ته “مطالبا جوڙيندڙ م صفاڻن موقعن کي يقيني بنائڻ جي لاء نوان طريقا دريافت نٿاڪن ته پوء سڄي دنيا جا محنت ڪش هڪ ٿي سگهن ٿا.مسرڪس جو بدمو معشيت بڻجي سگهي ٿو“
اسان سمجهون ٿا ته نه صرف مارڪس جو معاشي تجزيو بلڪ ان کان نڪتل يا ڪڍيل سياسي نتيجا به درست هئا.نظام جو بحران طور تي سڄي دنيا جي محنت ڪشن کي انقلابي نتيجا ڪڍڻ تي مجبور ڪندو.محنت ڪش طبقي جي تنظيمن .پارٽين ۽ ٽريڊيونينن ۾ ھڪ ريڊيڪل تبديلي جي ضرورت آھي.انهن جي ملجوده قيادت کي اميد آھي ته بحران ختم ٿي ويندو.ستت يادير اهي اڳ واري ليفيت ۾ موٽي ويندا.جتي هنن مالڪن سان ويجهڙا تعلقات رکيا هئا.ليڪن اهو مجنون جو خواب آھي“
اسان کي ڪيترن ئي سالن جون ڪٽوتيون ۽ زندگي جي معيار ۾ شديد بحران جو سامهو آھي.اهو سمجهي اچڻ تي ته ڪٽوتين جي مختصر عرصي کانپوء اهو بحران وڃڻ وارو ناهي ۽ ان نظام ۾ ڪو بهتر مستقبل ناهي.محنت ڪش طبقي وٽ اڪيلو رستو ان نظام جو انقلابي طريقي سان خاتمو ٿيندو.موجوده ڪيفيت ان ڏانهن وڌي رهي آھي ۽ ھڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو ته وري هن دنيا جي گولي تي مارڪسزم جا بهترين .بي مثال ۽ لازوال نظريا ئي قائم ٿي ويندا.؛؛؛ غلط هو ۽ کيس کي سرمائيداري جي جي بارد ۾ تمام گهٽ ڄاڻ حاصل هئي.ليڪن هو سرمائيدارد نظام ۽ ان جي سگه ۽ ان جي بحرانن کان نڪري ڪري اڳتي وڌڻ واري صلاحيت کي سمجهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو.ليڪن ڪجه ئي سالن جي دوران جڏُن اهو نظام تاريخ جي بدترين بۡحران جي ور چڙهي چڪو آھي ته وقت به وقت ماهرن جي واتان اهو چوندي ٻڌڻو پوي ٿو تهمارڪس ئي درزت هو.جنهن جو تازو مثال ٽائيم رسالي ۾ ڇپجڻ وارو هڪ مضمون آھي.جنهن جو عنوان “مارڪس جو بدلو.طبقاتي جدوجهدي نظام جي هٿان دنيا“
پهرين سٽن جا جملا ڪجه هن ريت آھن ته “ڪارل مارڪس ڪڏھوڪو دفن ٿي چڪو آھي..ليڪن اها اسان جي خيالي سوچ هئد..وڌندڙ زسآهديون ئي ثابت ڪري رهيون آھن ته شايد اهو درست هو..“پهرين جملي ۾ مصنف لکيو آھي ته مارڪس کي مئل تصور ڪيو ويندو هو ۽ ان جو سبب سوويت يونين جو زوال.طبقاتي اڻبرابري واري شدت ۾ کوٽ .عالمي واپار جي پکيڙ.ايشيا ۾ معاشي عروج وغيره وغرره.
ليڪن ٻئي سٽ ۾ ان نظام تي ٿيندڙ انهيء ڊگهي بحران کي بيان ڪيو ويو آھي.جيڪو غربت ۽ بيروزگاري جي واڌاري سان گڏ اجرتن ۾ کوٽ جو سبب بڻجي رهيو آھي.ان سان گڏ مارڪس جي هڪ لکڻي ترجمو ڪئي وئي آھي ته“هڪ پاسي دولت جو انبار بلڪل ئي ٺيڪ وري ٻئي پاسي بدحالي.مشقت جي اذيت.غلامي.جهالت ۽ ذھني پسماندگي جي جهجائپ. آھي“
ليکڪ لکي ٿو ته “1983 ع کان 2007ع امريڪا ۾ دولت ۾ ٿيڻ واري واڌاري جو 74 سيڪٽو اميرن جي هٿن ۾ آيو ۽ جڏھن ته غرببن وٽ 60 سيڪڙو جيڪي ڪجه هو ان ۾ به کوٽ واقعي ٿي آھي،“
اهو تسليم ڪرڻ کانپوء به هينئر تائين سڀ ڪجه مارڪس جي درست ٿيڻ جي نشاندهي ڪري رهيو آھي.مصنف روايتن جي موجب لکي ٿو ته “ان جو اهو مطلب ناهي ته مارڪس مڪمل طور تي درست هو. پيش ڪيل پرولتاريا جي آمريت ٺيڪ طور تي نه هلي سگهي“ڇٽي طور تي اهو سوويت يونين جي وکري وڃڻ ڏانهن اشارو آھي. ۽ ائين ان اميد تي ڪيو ويو آھي ته ماڻھو مارڪس کي وڌيڪ سنجيده نه وٺن“
اهو ماڻھن کي مارڪس کان ڊيڄارڻ جو پراڻو اوزار آھي.ماڻھن کي احساس ڏياريو ٿو وڃي ته مارڪسزم وڏي ازدا آھي. .جيتوڻيڪ مارڪس سرمائيداري جي ٽڪرائن ۾ هڪ دلچسپ تجزيو ته ڪري ورتو.ليڪن هو ڪو حقيقي ۽ عمل جي قابل ڪو متبادل پيش نه ڪري سگهيو.۽ ان جي لاء اسان کي پنهنجي قسمت تي صبر وشڪر ڪندي سرمائيداراڻي نظام ۾ ئي گذارو ڪرڻو پوندو.“
ليڪن اهي صحافي هن حقيقت کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪن ٿا ته سوويت يونين ۾ مڙھيل نظام ڪميونزم نه هو.مارڪس ڪڏھن به اهڙي سوشلزم جي ڳاله نه ڪئي هئي.جيڪا هڪ ملڪ تائين محدود هجي.۽ اھا به 1917ع ۾ روس جهڙي پٺتي پيل ۽ غير ترقي يافته ملڪ ۾. انقلاب روس جي قيادت ڪرڻ واري بالشويڪ پارٽي کي تعمير ڪرڻ واري اڳواڻ لينن ڪڏھن ائين نه سوچيو هو ۽ اهوئي ڪارڻ آھي ته هن ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي تعمير ۾ پنهنجي سموري سگه استعمال ڪئي ۽ جرمني جي انقلاب سان ايتريون وڏيون اميدون رکيائين.
“هڪ ملڪ ۾ سوشلزم“جو نظردو پيش ڪرڻ وارو اسٽالن هو.جنهن ان مامري تي مارڪسزم جي سڀني بنيادي نظرين کان انڪار ڪيو.سوويت يونين ۾ ٿيڻ واري عمل جي باري ۾ ٽراٽسڪي ڪافي ڪجه لکيو آھي.خاص طور تي سندس عظيم ڪتاب “انقلاب ۾ غداري.۾ هڪ صحتمند مزدور انقلاب جي طور تي شروع ٿيڻ واري انقلاب روس جي وحشياڻي اسٽالنسٽ حڪومت جي زوال پذيري جي حقيقت تي روشني وڌي آھي.نصاب جي ڪتابن ۽ ميڊيا ۾ اھو سڀ نٿو ٻڌايو وڃي.اسٽالن جي اقتدار کي سوويت يونين تي مارڪس جي نظرين جو سنجام پيش ڪرڻ نهايت ئي ضروري ٿي پيو آھي.ته جيئن نئون ۽ اچڻ وارو نسل مارڪس جي لکڻين کي پڙھڻ ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيئي.ليڪن سرمائيدار طبقي ۽ سندس پٺوئن جي بدقسمتي اها آھي ته اڄ شديد بحران جي هٿان محنت ڪشن ۽ نوجوانن جو وڌندڙ انگ هڪ متبادل جي جستجو ۾ لڳو پيو آھي.
انهن ماڻھن کي جيڪي (مارڪسزم جا مخالف آھن) جيئن وڻين تيئن چوندا رهن .ليڪن اڄ مارڪس جا نظريا ماضيء جي ڪيترن ئي ڏھاڪن جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي شدت سان گڏ واپس وري رهيا آھن.جنهن جو سبب عالمي پيماني تي طبقاتي جدوجهد جو عالم آھي.ٽائيم.ميگزين جي مضمون ۾ لکيو ويو آھي ته“ان وڌندڙ اڻبرابري جو نتيجو مارڪس جي بلڪل مطابق آھي.يعني طبقاتي جدوجهد جي واپسي سموري دنيا جي محنت ڪشن جي ڪاوڙ کي وڌائي رهي آھي ۽ اهي عالمي معشيت ۾ پنهنجي جائز حصي جو مطالبو ڪري رهيا آھن..امريڪي ڪانگريس جي ايوان کان وٺي ڪري ايٿنز ۽ ڏکڻ چين جي پيداواري صنعتن تائين.ناڻي ۽ محنت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سياسي ۽ معاشي واقعن جي مقرري ڪري رهيا آھن.۽ ان جي شدت جو مثال ويهين صدي جي ڪميونسٽ انقلابن کانپوء نٿو ملي.
هن مضمون ۾ وڏي دلچسپ انداز ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي ته امريڪي حڪومت ۽ ان جي مخالف ميمبرن جي وچ ۾ تون تون مين مين ۾ طبقاتي طبقاتي ٽڪراء جو اظھار ٿيئي ٿو.۽ ھن ڳاله تي بحث پڻ ٿي رهيو آھي ته بحران جي قيمت ڪنهن طبقي کان ڪنهن قدر ورتي وڃي.جڏھن به امريڪي صدر امريڪي سماج جي دولتمند حصي تي ٽيڪس وڌائڻ جي ڳاله ڪري ٿو ته ٻي پارٽي ان تي طبقاتي ورڇ ڪرڻ جو الزام هڻي ٿي.جڏھن ته اها پاڻ محنت ڪشن ۽ غريبن جي خلاف طبقاتي جنگ ۾ مصروف آھي.
ليڪن طبقاتي جدوجهد بحران ورتل امريڪا ۽ يورپ تائين محدود ناهي.مصنف لکي ٿو ته جن ملڪن ۾ ويجهڙن سالن جي دوران ذڪر جي قابل ترقي ٿي آھي.اتي به طبقاتي جدوجهد ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي.۽ ان جو وڏو زنده مثال چين آھي.هو لکي ٿو ته جيتوڻيڪ چين جي شھرن ۾ اجرتن ۾ وڏو واڌارو ٿي رهيو آھي.ليڪن امير ۽ غريب جو فرق صاف آھي.
پيو( pew ) جي طرف کان ڪيل هڪ سروي ۾ اٽڪل اڌ چينين جي خيال ۾ اميرن ۽ غريبن ۾ فرق تمام.وڏو مسئلو آھي.جڏھن ته 10 منجهان 8 فرد هن ڳاله سان متفق آھن ته چين ۾ امير امير تر ۽ غريب غريب تر ٿي رهيا آھن.
اهو مارڪسسٽن جي لاء بلڪل حيراني جهڙي ڳاله اهي.اسان چئون ٿا ته سرمائيداري جي اندر معشيت جي ترقي سماج ۾ محنت ڪش طبقي جي ڪردار کي مضبوط بڻائي ٿي ۽ دولت جي اڻبرابري واري ورهاست مڪمل طور تي طبقاتي ڇڪتاڻ کي جنم ڏيئي ٿي.جيتوڻيڪ معاشي عروج ئي ڇو نه هجي.ان جو مثال اسان کي ماضي ۾ يورپ ۾ ملي ٿو.جتي عالمي جنگ کانپوء واري معاشي عروج جي دوران فرانس ۾ 1968ع ۽ اٽلي ۾ 1969ع ۾ طبقاتي جدوجهد جون تحريڪون ڦاٽ کائي ويون.
مضمون جي مطابق هڪ چيني محنت ڪش پينگ سن چئي ٿو ته “ٻاھرين ماڻھن کي اسان جي زندگي ۾ ڪافي ترقي ڏيک ڏيئي ٿي.ليڪن حقيقت ۾ ڪارخاني جي اندر زندگي ان کان نهايت مختلف آھي،امير محنت ڪشن جو استحصال ڪري فولت گڏ ڪري رهيا آھن..،اسان ڪميونزم جو شدت سان رستو تڪي رهيا آھيون.،،محنت ڪش وڌيڪ منظم ٿيندا ۽ سمورن محنت ڪشن کي متحد ٿيڻ جر اشد ضرورت پڻ آھي.
امريڪا کان وٺي ڪري چين ۽ اسپين کان وٺي ڪري يونان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ طبقن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو جائزو وٺڻ کانپوء مصنف اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته “اسان ڏسي سگهون ٿا ته مستقبل جي بهتري جي امڪانن جي سبب کان سڄي دنيا جي محنت ڪش جي صبر جو پيالو ڇلڪي رهيو آھي.ميڊرڊ ۽ ايٿنز جهڙن شھرن ۾ لکين ماڻھن جون دليون باه جي بٺي جيان پڃري رهيون آھن.“
ان کانپوء هو هن مضمون کي پڙھڻ وارن سرمائيدارن کي آٿت ڏيڻ جي لاء لکي ٿو ته“ليڪن هينئر تائين مارڪس جي انقلاب عملي روپ اختيار ناهي ڪيو“ ان ڳاله تي اسان متفق ٿي سگهون ٿا.اڃا تائين سوشلسٽ انقلاب ناهي آيو.ليڪن مصنف کي اميد آھي ته ائين ڪڏھن ٿيندو به نه .ان ڳاله سان وري اسان متفق نٿا ٿي سگهون.“
مصنف محنت ڪشن کي ان انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي ته اهي نظام جي تبديلي نٿا چاهين بلڪ ان ۾ سڌاري جا خواهشمند آھن.ان ڪم جي لاء اهي رونيورسٽي آف پيرس جي نام نهاد “ماهر مارڪسزم“ياڪ رانسئي جو سهارو وٺن ٿا.رانستئي ا هن يونيورسٽي جي پروفيسرن منجهان هڪ آھي.جيڪي پاڻ کي ظاھري طور تي ترقي پسند سڏين ٿا.ليڪن حقيقت ۾ اھي هر وقت مارڪسزم جي بنيادي نظرين تي اندر ئي اندر منجه ڪڙھي رهيا آھن.مثلا جڏھن جو چئي ٿو ته “اڄ طبقاتي جدوجهد جو مطالبو صرف نظام کي درست ڪرڻ جي لاء آھي ته جيئن دولت جي نئين سر ورهاست ڪري ان کي ڊگهي عرصي جي لاء وڌيڪ عمل جي قابل ۽ پائيدار بڻايو وڃي“پروفيسر جو تجزيو ته محنت ڪش سوشلسٽ انقلاب جو مطالبو نٿا ڪن .سرمائيداراڻي نظام کي قائم رکڻ جي خواهشمندن جي لاء آٿت جو سبب ٿي سگهي ٿو.هو چئي ٿو ته “ليبر ۽ سوشلسث پارثيون ۽ انهن جون حڪوئتون ڪٿي به نئين صف بندي ۽ انهن جي هٿان موجوده معاشي نظام جي ٿبديلي جا امڪان نهايت ئي محدود آھن“
ان جي دليل جو بنياد هرهنڌ تي مزدور تحريڪ ۽ خاص طور تي ان جي ليڊرن تي آھي ته پوء پروفيسر صاحب درست آھي.ليڪن سمجهڻ جي ڳاله اها آھي ته ليڊر سڄي زندگي ليڊر نٿو رهي.نظام جو بحران سمورن نظرين جو امتحان وٺي رهيو آھي.نظام ۾ سڌارن جي خيال تي ان نظام جي بند گهٽي ۾ ڦاسي پوڻ کان سوال اٿي رهيا آھن .هاڻي ماضيء جيان سڌارن جي ڪا گنجائش ناهي بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ ماضي جي ڏھائين ۾ طبقاتي ڪدوجهد جي ذريعي ڪيل سمورن سڌارن کي تباه ڪيو پيو وڃي.هرهنڌ محنت ڪش کي ٻي نسل پهرين واري زندگي جي حالت ڏانهن نيو پيو وڃي.فرانسيسي پروفيسر جي ڳالهين کان لڳي ٿو ته کيس کي هن ڳاله جي سمجه ناهي ته شروعات ۾ محنت ڪشن اهو سوچي ڪري نٿا اچن ته انقلاب ئي اڪيلو رستو آھي.شروعات ۾ اهي اجرتن. جي حالتن ۽ فلاح وبهبود تي ٿيڻ واري حملن جي خلاف اهي معاشي عروج جي ڏھاڙن جي واپسي جو خواب ڏسن ٿا.جڏھن سڌارا ممڪن هئا ۽ زندگي ڪجه برداشت جي قابل لڳندي هئي.ليڪن اهم.ڳاله اها آھي ته تجربن انهن اميرن کي ٽوڙي ڇڏيندا. سموري يورپ .امريڪا..افريقا ۽ ايشيا۾ وڏي پيماني جي سياسي لڇ پڇ آھي.جنهن جو اظھار چونڊن ۾ ٿي رهيو آھي.هڪ وقت ۾ مضبوط رهڻ واريون پارٽيون حالتن جي دٻاء جي اثر هيٺ اچي تباه ٿي چڪيون آھن.جنهن جو هڪ مثال يونان جي پاسوڪ( ) پارٽي آھي.محنت ڪش حڪومت ۾ ويٺل ڪٽوتين ڪرڻ وارين جماعتن جي خلاف ووٽ ڏئي رهيا آھن.يعني محنت ڪش اهو ڄاڻين ٿا ته ليڪن مسئلو اهو آھي ته هينئر تائين اهي ڪٽوتين جي خلاف ويڙھ جي گهربل پاليسين ۽ پروگرام کي ناهن ڄاڻي سگهيا.
مارڪسسٽ سدائين سچي ڳاله ڪن ٿا.تڏھن به ان کي سمجهڻ مشڪل. هجي .سڄي دنيا جي محنت ڪش ۽ نوجوانن کي پيش ايندڙمسئلن جو سرمائيداراڻي نظام جي اندر رهندي ڪو حل ممڪن ناهي.جيستائين طاقت سرمائيدار طبقي جي هٿ ۾ آھي.اهو ان کي پنهنجي دولت ۽ سهوليتن کي بچائڻ جي لاء استعمال ڪندا.جنهن جو ٻوجه محنت ڪشعوام.کي کڻڻو پوندو .ان نظام ۾ سڌارا نٿا ڪري سگهجن.ان کي تبديل ڪرڻو پوندو.ٽائيم ميگزين جي مضمون جو مصنف لکي ٿو ته “مطالبا جوڙيندڙ م صفاڻن موقعن کي يقيني بنائڻ جي لاء نوان طريقا دريافت نٿاڪن ته پوء سڄي دنيا جا محنت ڪش هڪ ٿي سگهن ٿا.مسرڪس جو بدمو معشيت بڻجي سگهي ٿو“
اسان سمجهون ٿا ته نه صرف مارڪس جو معاشي تجزيو بلڪ ان کان نڪتل يا ڪڍيل سياسي نتيجا به درست هئا.نظام جو بحران طور تي سڄي دنيا جي محنت ڪشن کي انقلابي نتيجا ڪڍڻ تي مجبور ڪندو.محنت ڪش طبقي جي تنظيمن .پارٽين ۽ ٽريڊيونينن ۾ ھڪ ريڊيڪل تبديلي جي ضرورت آھي.انهن جي ملجوده قيادت کي اميد آھي ته بحران ختم ٿي ويندو.ستت يادير اهي اڳ واري ليفيت ۾ موٽي ويندا.جتي هنن مالڪن سان ويجهڙا تعلقات رکيا هئا.ليڪن اهو مجنون جو خواب آھي“
اسان کي ڪيترن ئي سالن جون ڪٽوتيون ۽ زندگي جي معيار ۾ شديد بحران جو سامهو آھي.اهو سمجهي اچڻ تي ته ڪٽوتين جي مختصر عرصي کانپوء اهو بحران وڃڻ وارو ناهي ۽ ان نظام ۾ ڪو بهتر مستقبل ناهي.محنت ڪش طبقي وٽ اڪيلو رستو ان نظام جو انقلابي طريقي سان خاتمو ٿيندو.موجوده ڪيفيت ان ڏانهن وڌي رهي آھي ۽ ھڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو ته وري هن دنيا جي گولي تي مارڪسزم جا بهترين .بي مثال ۽ لازوال نظريا ئي قائم ٿي ويندا.؛؛؛










