لڪي مروت: (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاران لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين دوران ڪيترن ئي خوارجن کي جهنم واصل ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪري ڇڏيا، هلاڪ ٿيل خوارج دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ اسلاحو، گولا بارود ۽ ٻيو سامان به هٿ آيو.سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز هٿان فتنة الخوارج جي ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جون به اطلاع آهن. واضح رهي ته انهن ڪارروائين ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته عوام جي مال ۽ جان جي حفاظت رهي ۽ مقامي آباديءَ کي ڪو نقصان نه پهچي. ياد رهي ته سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رکيون اچن.










