ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
ڏتڙيل ڏيهه جا ماڻهو اڳ ئي سورن سان سلهاڙيل وري مٿان ڏيڍ سال اندر ڪورونا وبا جي چوٿين لهر سندن درد ئي ٻيڻا ۽ چئوڻا ڪري ڇڏيا آهن. گذريل سال مارچ ۾ وبا پکڙجڻ سبب ملڪ اندر لاڪ ڊائون کانپوءِ مختلف وقتن تي گذريل ٽي ڀيرا ڪورونا جون لهرون اچي چڪيون، جن سنڌ سميت سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، هن دفعي ڪورونا وبا جي چوٿين لهر، جيڪا برطانيا کان آيل ٻڌائي پئي وڃي، تنهن ته هاڃا برپا ڪيا آهن. چيو پيو وڃي ته گذريل ڪجهه مهينا پهرين پوري ملڪ سميت سنڌ ۾ ڪورونا مرض ختم ٿي چُڪو هو ۽ بعد ۾ جڏهن اهو ڪورونا جو برطانوي قسم پکڙجڻ جو اهڙو اثر ٿيو جو ڀارت ۾ شهرين بابت ٻڌايو پئي ويو ته اُتي اسپتالن ۾ مريض رکڻ جي جاءِ نه هجڻ ڪري ڪورونا ۾ ورتل مريضن کي کليل ميدانن، روڊن جي فوٽ پاٿن تي رکي سندن علاج پئي ڪيو ويو ۽ ٿورڙي ئي وقت ۾ اُهو اثر اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ چوٽ ٿي پهچي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪجهه مهينا پهريان اها ختم ٿيل وبا هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي قسمت ۾ لکجي وئي آهي. جنهن سبب ملڪ ۾ هن وقت تائين فوتگين جو انگ 23 هزار 865 ۽ انهي مرض ۾ ورتل مريضن جو انگ هن وقت 10 لک 67 هزار 580 ٻڌايو پيو وڃي. سنڌ اندر جتي ٻين ضلعن ۾ مريضن جو تعداد ٻڌايو پيو وڃي ته انهي جي ڀيٽ ۾ راڄڌاني ڪراچي ۽ صوبي جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ مريضن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ مجموعي طور ٻنهي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ تمام ڳڻتي جهڙي صورتحال آهي. ڏيڍ سال اندر هن دفعي ڪورونا جي چوٿين لهر دوران جڏهن پوري سنڌ ۾ وبا ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي پئي وئي، تنهن دوران ئي سنڌ حڪومت پاران مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو. جنهن جو مدو اڄ 8 آگسٽ تائين هو ۽ اڳتي سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون وڌائڻ يا نرميون ڪرڻ بابت ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، تنهن بابت جيڪا اڄ صورتحال سامهون آهي، آئون نٿو سمجهان ته سنڌ حڪومت هڪ طرف ڪورونا ۾ وڌاءُ ۽ ٻئي طرف وفاقي حڪومت جي مخالفن ۽ ڪراچي جي واپارين جا ڏنل چتاءُ قبولي عوام کي مايوسي طرف ڌڪيندي. مجموعي طور ڏسجي ته جڏهن سال 2020ع جي شروعاتي مهينن ۾ ڪورونا وائرس هن وقت جيئان تيزي سان پکڙجي رهيو هو ته ان وقت به سڀ کان پهرين سنڌ حڪومت اشارو ڏنو هو ته لاڪ ڊائون لڳائي صورتحال ڪنٽرول ۾ آڻي سگهبي، تنهن دوران به وفاقي حڪومت سخت مخالفت ڪئي هئي ۽ نتيجي ۾ جڏهن وبا ڏينهون ڏينهن ڪنٽرول مان نڪرندي پئي وئي ته پوءِ وفاقي حڪومت جي وزيرن کي لاڪ ڊائون جو خيال آيو هو. هن وقت به جڏهن اُها 2020ع کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال موجود آهي ته سنڌ حڪومت اڳ جيئان اثرائتا قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته وفاقي نمائندا انهن ۾ رُڪاوٽون وجهڻ کان وس نٿا گهٽائين، نتيجي ۾ قومي تحفظ جا معاملا به انائن ۽ ضد جي ور چڙهندي نظر اچن پيا.
لاڪ ڊائون سبب سرڪاري ڪارونهوار به ٺپ آهي، جنهن جو اصل نقصان ته سرڪار کي پهتو آهي گڏوگڏ جتي عام ۽ خاص ڪاروبار لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيو آهي اُتي پوري ملڪ جي تعليم جو ٻيڙو تباهه ٿي ويو آهي ايتري قدر جو سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي تعليم بند هجڻ کانپوءِ ٽيوشن سينٽر به بند آهن جنهن ڪري ملڪ جي تاريخ ۾ اِهو پهريون ڀيرو ئي آهي جنهن دوران هيڏو وڏو نقصان ۽ خسارو هر عام ۽ خاص ماڻهو ڀوڳڻ تي مجبور آهن. مسلسل لاڪ ڊائون ڪري مختلف وقتن تي واپارين مزدور طبقي سميت ڏهاڙي ڪمائيندڙن توڙي جو ڪجهه سياسي ڌرين به لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو رينگٽ پئي وڃايو ۽ وفاقي حڪومت ته هونئن به شروع کان وٺي ڪنهن حد تائين لاڪ ڊائون جي خلاف رهي آهي ۽ ان وقت ڪجهه هدايتون به جاري ڪيون ويون هيون. وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت طرفان به ساڳيو ئي اعلان ڪيو ويو ۽ ايس او پيز کي سخت عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن پر اڄ سوڌو ايس او پيز تي عمل ته پنهنجي جاءِ تي پر بازار کلڻ کانپوءِ عوام جي رش ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ملڪ جو اڪثر عوام اڄ سوڌو ڪورونا وائرس تي حقيقي طور سمجهڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهي، حيرت انگيز خبرون سوشل ميڊيا تي اچڻ جو سلسلو به جاري آهي پر اهڙين خبرن اچڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت جنهن ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ سڀ کان پهريون قدم کنيو هو، جنهن کي عالمي ادارن به ساراهيو.
گذريل ڪجهه هفتن کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روزانو مريضن جو تعداد وڌندو پيو وڃي ۽ ساڳي وقت فوتگيون به رُڪجڻ بجاءِ وڌنديون پيون وڃن، اڳ جي ڀيٽ ۾ تازو جيئن ئي بازارون کلڻ شروع ٿيون آهن ته هن وقت چئني صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ مريضن جو تعداد آهي، اهڙي طرح پوري سنڌ جو عدالتي سسسٽم به ٺپ آهي، سواءِ چند ڪرمنل ڪيسن جي، جن ۾ ارجنٽ ضمانت جون درخواستون يا سيريس حراس مينٽ ڪيس ٻُڌا پيا وڃن، جنهن ڪري جتي ڪاروباري ماڻهن هن لاڪ ڊائون جو نقصان ڀوڳيو آهي ته اتي ساڳي وقت مهذب وڪيلن به هڪ وڏي امتحاني گهڙي کي منهن ڏنو آهي ۽ عدالتن اندر حڪومت طرفان ڏنل هدايتن موجب سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي. پوري دنيا سميت ملڪ ۾ آيل وبا ڪورونا وائرس جي ڪري جتي مختلف ڪاروبار ۽ سرڪاري کاتن اندر بند ٿيڻ کانپوءِ جيڪو نقصان ٿيو آهي ان سان گڏو گڏ اصل نقصان جيڪو عدالتن جي ڪارونهوار ۾ ٿيو آهي جنهن جو اندازو به نه ٿو لڳائي سگهجي، روزانو جي بنياد تي هلندڙ تيز رفتاري وارا ڪيس توڙي جو سول فيملي ۽ سندن هاءِ ڪورٽن اندر پيل اپيلون مڪمل طور هلڻ کان لاچار آهن، جنهن ڪري لکين جي تعداد ۾ ڪيس جيڪي اڳ ئي التويٰ جو شڪار هئا پر هن وقت معزز ججن حالتن کي مدنظر رکندي اهي ڪيس نه هلائڻ تي مجبور آهن جنهن جو اصل نقصان نه رڳو سائلين کي ٿي رهيو آهي پر حڪومت به اهڙي نقصان جو حصو آهي. ان کان علاوه ملڪ ۾ به موجوده صورتحال يقينن ڳڻتي جوڳي آهي، هونئن به ملڪ ۾ هر سطح تي ۽ هر شعبي ۾ جهڙي طرح بگاڙ ۽ زوال جو راڄ رهيو آهي ۽ هاڻي جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر به تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، مون کي نٿو لڳي ته هي انگ اڃا هڪ هنڌ بيهي ويندو بلڪه صحت جي سهولتن جي فقدان جي ڪري صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ۽ وڌيڪ خطرناڪ بڻجي چڪي آهي، سرڪاري سطح تي جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، اهي انساني تحفظ لاءِ بهتر ۽ مناسب ته آهن پر عوامي سطح تي اسان پنهنجي زندگي به انساني خدمت ۾ گذاري ان مصيبت کي جيترو ممڪن ٿي سگهي، ٽارڻ سميت خدمت جي جذبي سان بيوس ماڻهن جي مدد ڪري رب جي رضا حاصل ڪري سگهون ٿا.
جتي سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ وبا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پوري صوبي ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو، ان سان گڏ معاشري ۾ رهندڙ هر فرد جي اها ذميواري ٿئي ٿي ته هو حڪومتي هدايتن تي جيئن جو تئين عمل ڪري قومي فريضو ادا ڪري، مون ته گهڻن هنڌن تي اهو به ڏٺو آهي ته جڏهن سرڪاري کاتا بند ڪيا ويا آهن، ڪجهه نجي ملازم به موڪلن تي آهن پر ان هوندي به گهٽين، محلن ۾ ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ ويهي يا ته ڪچهريون ڪري رهيا آهن يا مختلف راندين ۾ مشغول نظر اچن ٿا، ائين ته پوءِ اها سڄي محنت ئي ضايع ٿي ويندي، جيڪا انتظامي سطح تي ڪئي پئي وڃي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته لاڪ ڊائون سان ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ پورهيت طبقو پريشان ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ اڳ وفاقي حڪومت پاران ڏهاڙي مزدوري ڪندڙ 70 لک مزدورن لاءِ ماهوار ٽي ٽي هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاران به پنهنجي صوبي ۾ بين امدادي سرگرمين سان گڏ غريب خاندانن تائين کاڌو پهچائڻ جا اعلان ڪيا ويا، پر افسوس ته هاڻي اهي سرگرميون نظر نٿيون اچن.
هن وقت دنيا جا ڪيئي ملڪ ان نتيجي تي پهتا آهن ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جو واحد حل ماڻهن ۾ وڇوٽين ۽ سماجي سرگرميون معطل ڪرڻ ۾ ئي آهي، ان جو مثال چين آهي، جتي هاڻي ڪورونا وائرس جا ڪيس ختم ٿيڻ جي ويجهو ته پهچي چڪا آهن، پر اڃا به رُڪجي نه سگهيا آهن، تنهن هوندي به جنهن تيزي سان وائرس پکڙجي رهيو هو، ان تي چين ڪنٽرول ڪري ويو آهي ۽ ان بيماري کي مڪمل ڪرفيو ذريعي شڪست ڏني وئي آهي، ان ڪري اسان جي حڪومت کي به حالتون بگڙجڻ کان اڳ سخت قدمن جي ضرورت آهي، جن تي عملدرآمد لاءِ عوام جو سهڪار گهربل آهي، مڃون ٿا ته اسان کان دير ٿي آهي، جڏهن چين ۾ ڪورونا وائرس تباهي پکيڙي رهيو هو ته اسان کي هڪ پاڙيسري ملڪ هجڻ جي صورت ۾ پنهنجي سگهه تحت اڳواٽ قدم کڻڻ گهرجن ها. بهرحال، ڪورونا وائرس کان هن وقت تائين بچڻ جو واحد رستو قرنطينه ۽ احتياط ئي آهي، جنهن تحت پيهه کان پاسو ڪرڻ سان مرض جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ٿو، جنهن ڪري ئي سنڌ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو. توڙي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جنهن ڪري هن وقت مالي ۽ معاشي لحاظ کان غريب ۽ مزدور طبقو متاثر ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت سان گڏ ملڪ جو شاهوڪار طبقو ايترو ته ڪري سگهي ٿو ته پنهنجي پنهنجي سطح تي انهن ماڻهن جي مالي مدد ڪن، انهن کي راشن وٺي ڏين، بيمارين جي صورت ۾ ساڻن سهڪار ڪن، اها ئي خلقِ خدا جي خدمت هوندي آهي، جنهن لاءِ ڌڻي تعاليٰ جو به حڪم آهي ته حقوق العباد تحت انسانيت جي خدمت ڪرڻ گهرجي. غريبن ۽ يتيمن جي سار لهڻ گهرجي ته ڪٿي اهي بُک ۾ ته نه پيا سمهن؟ هونئن به اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻيون سماجي تنظيمون ۽ فلاحي ادارا آهن، جيڪي انساني خدمت جي نالي تي مشهور آهن، اهي نه رڳو نجي سطح تي فنڊ گڏ ڪن ٿيون بلڪه سرڪار کان به مالي معاونت حاصل ڪنديون آهن، آئون سمجهان ٿو ته اسين جڏهن اجتماعي طور تي مصيبت جي وقت پنهنجو پنهنجو حصو وجهي غريب ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪنداسين ته ان صورت ۾ ئي مشڪل وقت مان نڪري سگهنداسين ۽ پوءِ خطرناڪ طوفان به پنهنجو رُخ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. گڏوگڏ اسان کي صفائي جو هر لحاظ کان خيال ڪرڻو پوندو، ان مرض ۾ ڏينهون ڏينهن ماڻهو متاثر ٿي انگ وڌي رهيو آهي، ان کي روڪڻ جو حل احتياط سان ممڪن آهي، بار بار هٿ ڌوئڻا پوندا، پيهه ڪرڻ کان توڙي ان ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو، حڪومت طرفان جاري ڪيل هدايتن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي اسين پاڻ ۽ پنهنجي پيارن کي ان وبا کان محفوظ رکي سگهنداسين. جيڪڏهن ايس او پيز جي پابندي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ها ته ان جا مثبت نتيجا به نڪري سگهيا پئي.
ڪورونا وبا جي تيزي سان پکڙجڻ جو بنيادي ڪارڻ احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ آهي، احتياطي اپائن جي حوالي سان شروعاتي ڏهاڙن ۾ به عملدرآمد ڪيو پئي ويو پر هاڻي ته ڪيئي شهرن ۾ ماسڪ پائڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو آهي، وڏين وڏين مارڪيٽن، تقريبن، شادين، سرڪاري توڙي نجي محفلن، اجتماعن توڙي مسجدن ۾ به ايس او پيز جو خيال نه پيو ڪيو وڃي، سوچڻ جو مقام آهي ته جيڪڏهن ملڪ جو هر شهر ڪورونا جي وبا ۾ مڪمل طرح وڪوڙجي ويو ته پوءِ اسان جو ڪمزور صحت جو نظام نه رڳو مفلوج ٿيندو بلڪه معاشي بدحاليون به اڃا وڌي وينديون. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون توڙي ضلعي انتظاميا وقت سر قدم کڻن ۽ هن پيدا ٿيندڙ خطرناڪ صورتحال کي وڌيڪ ڀيانڪ بنجڻ کان روڪيو وڃي، حڪومتي اجلاسن ۾ صرف فيصلا ڪري ڇڏڻ درست ناهي بلڪه انهن تي عملدرآمد لاءِ پوري قوت سان لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن کي متحرڪ ٿيڻ گهرجي.










