ليکڪ اياز حسين
اڄ قومي اسمبلي ۾ ميلو متل آهي، حڪومت اڳ ۾ خط تي بحث ڪرن چاهي ٿي اپوزيشن چوي ٿي ووٽنگ ڪرايو، شاهه محمود قريشي جي ڊگهي تقرير دوران اپوزيشن جي گوڙ سبب اجلاس اسپيڪر ملتوي ڪيو ۽ ظهر جي نماز بعد ٻيهر اجلاس ٿيندو. حڪومت جي ڪوشش آهي ته رات 12 هين وڳي کان ڪجهه منٽ اڳ ووٽنگ ڪرائي وڃي. ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب 9 اپريل ڇنڇر ڏينهن بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ جو عمل مڪمل ڪرڻو آهي.ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت اهڙو حڪم 7 اپريل واري پنهنجي فيصلي ۾ ڏنو هو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙ يل پنج رڪني لارجر بينج 3 اپريل تي ڊپٽي اسپيڪر پاران ڏنل رولنگ خلاف پاڻ مرادي ورتل نوٽيس تي اهڙو حڪم ڏنو هو، عدالت 3 اپريل واري رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏنو هو ۽سموري سياسي عمل کي ڊپٽي اسپيڪر واري رولنگ کان اڳ واري پوزيشن تي بحال ڪري ڇڏيو هو.عدالت پنهنجي تاريخي فيصلي ۾ اهو پڻ واضح ڪيو هو ته عدليه نظرئي ضرورت کي هميشه جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت جي ان فيصلي بعد سموري ملڪ جي جمهوريت پسند،آئين۽ قانون جي حڪمراني تي يقين رکندڙ ڌرين، سياسي پارٽين، عوام ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ۾ هڪ اطمينان ڏسڻ ۾آيو، نه رڳو ايترو پر ملڪ جي سمورن شعبن ۾ هڪ هاڪاري عمل نظر اچي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو 3 اپريل کان وٺي 7 اپريل تائين ملڪ ۾ جنهن بي يقيني ۽ بي يقيني جو عالم هو ان ٻڏ تر واري صورتحال مان ملڪ نڪري آيو.ان دوران ملڪي معيشت تي جيڪي ناڪاري اثر ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا انهن ۾ پڻ بهتري جا اشارا ملي رهيا آهن، جنهن موجب 7 اپريل تي عدالت جي آيل فيصلي کانپوءِ ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ جيڪا گهٽتائي ٿي هئي اها به بهتري ڏانهن وڌي آهي. هن وقت ڊالر جي مقابلي م رپئي جي قيمت ساڍا ٽي رپيا مستحڪم ٿي آهي. ساڳي ريت ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پڻ استحڪام ٿيو آهي. جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ٻڏتر واري سياسي صورتحال جو ملڪ جي معيشت سميت سمورن ميدانن ۾ وڏو عمل دخل آهي.
عدالت جي فيصلي کي جمهوريت پسند ڌريون قانون جي حڪمراني سان ڀيٽي رهيون آهن، قانون جي حڪمراني ڇا آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان کي قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻو پوندو. قانون جي حڪمراني جي غير موجودگيءَ ۾ ڪا به رياست پنهنجا ڪم سهڻي نموني نٿي هلائي سگهي. جيڪڏهن اسان ترقي يافته ملڪن جي ترقيءَ جو سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون ته اهڙن سمورن ملڪن ۾ قانون جو احترام لازمي امر هوندو آهي، اهوبنيادي ۽ پهريون نقطو آهي.
اهو درست آهي ته هتي جمهوريت جو عمل گهڻو سست رفتار آهي، ان جي اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ اڃان وقت گهربل آهي.ڪو ائين به چئي سگهي ٿو ته هي جمهوريت گهڻي ڪمزور آهي ۽ ان ۾ ڪمزوريون به آهن پر سياست جي مضمون جي ماهرن ۽ عالمن جو ان تي اتفاق آهي ته جمهوريت مسلسل هڪ عمل آهي اهو ارتقا جي مختلف مرحلن مان گذرڻ کانپوءَ ئي جٽادار ٿئي ٿو.جمهوري تسلسل سان ئي اسان پنهنجن شعبن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهون ٿا.
سپريم ڪورٽ پنهجي تفصيلي ٻڌڻي دوارن لاڳاپيل ڌرين جي وڪيلن، آئيني ماهرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، سياسي ڌرين جي وڪيلن کي غور سان ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجو فيصلو ڏنو هو، جنهن سان ملڪ اندر لوڏن ۾ آيل جمهوريت جو عمل بچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
عدالت سماعت هلندي نه رڳو ملڪ جي سياسي ماحول جو مشاهدو ڪندي رهي پر ان دوران ملڪ جي ٻين اهم شعبن جي سنگيني کي به غور هيٺ آندو احترام لائق جج صاحبان سماعت دوارن پنهنجي آبزويشن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال تي پڻ رمارڪس ڏنا، گڏوگڏ ان دوران عدالت اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي پڻ طلب ڪيو هو ۽ انهن کان پڻ سندن لاڳاپيل اداري جي عمل بابت راءِ ورتي هئي.
جيئن ته ملڪ ۾سياسي عمل جي ٻڌتر واري سموري صورتحال ملڪ جي گڏيل اپوزشن پاران وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ ان تي ووٽنگ جي عمل جي نتيجي ۾ پيدا هئي تنهنڪري عدالت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي 9 اپريل صبح جو ڏهين وڳي کان اڳ ووٽنگ جي عمل کي مڪمل ڪرائڻ جي لاءِ اسپيڪر کي حڪم ڏنو آهي.اهو عملجمهوريت پسند ڌرين جي لاءِ هڪ امتحان آهي،
اهو هڪ رواجي جمهوري ۽ آئيني عمل آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي ننڍي وڏي هئڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي، ايوان جي اندر اپوزيشن پنهنجي رٿ جي حق ۾ گهربل انگ پورو ڪري ويندي ته موجوده وزيراعظم هٽي ويندو ۽ جيڪڏهن اپوزيشن اهو انگ پورو نه ڪري سگهندي ته موجوده وزيراعظم کي پنهنجي حڪومت کي جاري رکڻ جو قانوني ۽ آئيني حق آهي، جنهن کان ڪا به طاقت کيس محروم نٿي ڪري سگهي.
جيئن ته هن ملڪ ۾ جمهوريت م يقين رکندڙ ڌرين سان وقت بوقت اهڙا دوکا ٿيندا رهيا آهن تنهڪري اهي هاڻي پڻ هن معاملي تي گهڻو حساس آهن، فوجي آمريت جي بد ترين شڪل هن ملڪ جي عام ماڻهون جي سموري جمهوري عمل کي ڊاهي ۽ڦٽائي ڇڏيو آهي اهڙو ئي هڪ واقعو تازو به ٿيو آهي، پر هن وقت اعليٰ عدالت قانون ۽ آئين جي محافظ هئڻ جو بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن سان عوام ۾ قانون ۽آئين جي حڪمراني ۾ يقين وڌيڪ پختو ٿيو آهي.
اسان اميد ٿا ڪريون ته عدالت جي حڪم موجب اسيمبلي جو اسپيڪر ان سموري عمل کي احسن طريقي سان مڪمل ڪري ملڪ جي هن جمهوري سفر کي اڳيان وڌائڻ ۾ پنهنجو تاريخي ڪاردار ادا ڪندو.
دنيا جي جن ملڪن ۾ جمهوريت جو نظام مضبوط آهي اتي اهڙي سياسي عمل کي به ٻين راندين جيان هڪ راند سمجهيو ويندو آهي. جمهوريت ۾ رڳو حڪومت واري ڌر ئي نه پر اپوزيشن جوبه اهم ڪرادار هوندو آهي، ملڪي مفادن ۾ گڏيل راءِ سان فيصلا ٿيندا آهن ۽ عوام جي ڀلائي، سهولت ۽ عام خلق جي اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڪم ڪندي عوام جي مفاد ۾ قانون جوڙيندي آهي، اميد ڪريون ٿا ته هي مرحلو خوش اسلوبي سان تڪيمل تي پهچندو ۽ موجود ه اپوزيشن جي رٿ ڪامياب ٿيڻ تي موجوده سرڪار نيئن مرحلي م اپوزيشن جو گهربل ڪرادر ادا ڪندي ۽ ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ هڪ مثبت ۽ هاڪاري اڳڀرائي ڪندي










