قاضي عبدالوحيد
شهباز، مريم نواز شريف حڪومت بجليءَ جا اگهه تمام گهڻا وڌائي اصل ۾ بجلي صارفين مٿان پهاڙ ڪيرايا آهن، هن ملڪ ۾ جيڪو سچ چوي ٿو اهو سڀ لاءِ دشمن بڻجي وڃي ٿو. بدقسمتي هن ملڪ جي عوام جي جو هتي اهي ٿرڊ ڪلاس حڪمران بيورو ڪريسي بڻائي وڃي ٿي جيڪا عوام دشمن هوندي آهي، واپڊا سيپڪو ۽ حيسڪو سنڌ جي اندر ڪاري سياهه دور آمريتي دور جي ياد تازه ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي اندر رڳو واپڊا سيپڪو وارا غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ئي نه پر سنڌ جي اندر وک وک تي بجليءَ جي صارفين سان ظلم، زيادتيون ، بربريت ، ڏاڍ مڙسي ،لاقانونيت جي حد ڪري ڇڏي آهي. 24 ڪلاڪن ۾ 8 ڪلاڪ به بجلي نٿي ڏني وڃي. 16 کان 18 ڪلاڪ غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري واپڊا ڇا ثابت ڪرڻ چاهي ٿي؟، اهڙي قهر جهڙي سنڌ ۾ گرمي پد 51 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي پر واپڊا سيپڪو وارا انڌي گونگي تي سوار ٿي. سڄو ڏينهن، هفتن جا هفتا بلڪ ڪٿي مهينن جا مهينا بجلي بند آهي، واپڊا سيپڪو جي غلط لاپرواهه عملدارن جي غلط پاليسين تحت بجليءَ صارفين جا ميٽر هڪ جاءِ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين جاين تي تبديل ڪري اهڙي جاءِ تي لڳايا وڃن ٿا جتي ٽرانسفارمر لڳل هجن ٿا، جتي بجليءَ جي ٽرانسفارمر جي سڙڻ نقصان جو هميشه انديشو رهي ٿو، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سدائين بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ ڪم ڪار پيو رهي ٿو انھي ۾ بجليءَ جا ميٽر لڳائن بجاءِ ڀرسان وارن بجليءَ جي پول ۾ ڇو نه ٿا بجليءَ جا ميٽر لڳايا وڃن؟، واپڊا سيپڪو جي ڪجهه عملدارن جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب سوين هزارين بجلي صارفين جا ميٽر ٽرانسفارمر جي شارٽ وغيره ٿيڻ تي ٽوٽلي سمورا بجليءَ جا ميٽر سڙي رک ٿي وڃن ٿا. تنهن کان وري جيڪي ميٽر ريڊر ريڊنگ ڪرڻ اچن ٿا ته اهي وري سمورن بجلي صارفين تي ناجائز غير قانوني ڊٽيڪشن بل يعني واڌو بل اماڻي بجلي صارفين سان ويڌن ڌار ڪن ٿا، انهيءَ مان بخوبي هر هڪ سمجهي سگهي ٿو ته اهي واپڊا سيپڪو جا ملازم ميٽر رکندڙ بجلي صارفين کي تنگ ڪري ڊائريڪٽ آفر ڪن ٿا ته توهان ميٽر نه پر اسان سان رابطي م اچي ڪنڊي سسٽم ۾ ماهوار پئسا ڳالهائي آرام جي ننڊ ڪريو. اهڙي واپڊا جي ظلم زيادتين خلاف جيڪو آواز اٿاري ٿو ته انهيءَ خلاف غير قانوني انداز ۾ دڙڪا ڌاٻا ٻيو نه ته وري وري بار بار ناجائز غير قانوني طور تي ڊٽيڪشن بل هٿ ۾ ڏنو وڃي ٿو. لاڙڪاڻي شهر ۾ ته واپڊا سيپڪو جي انتها تي دادا گيري بدمعاشي لڳي پئي آهي. ڇاڪاڻ ته اتي واپڊا سيپڪو جي عملدارن کي چوڻ وارو ڪونهي، لاڙڪاڻي جو ايم اين اي پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو صاحب آهي جيڪو پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پوليٽيڪل سيڪريٽري آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي لاڙڪاڻو جو قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٻيو ڪجهه به نه ڪن رڳو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ لاڙڪاڻو جي غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف رٿ پيش ڪري آواز اٿارين مجال آهي ڪنهن جو نواز شريف، شهباز شريف يا ڪي ٻيا لاڙڪاڻو شهر جي 18،18 ڪلاڪ غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪن. اهڙي سخت ترين گرميءَ ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڳڙهه ضلع لاڙڪاڻو نڌڻڪو لاوارث بڻيل آهي. پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ شھر لاڙڪاڻو جيتري غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هوندي. واپڊا جي شڪايت معلوم ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به نه لاڙڪاڻو مان چونڊيل نمائندا پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر جميل احمد سومرو ڪنهن لڪل سرڪاري سرڪٽ هائوس ۾ نه پر کليل ڪچهري شهر جي وچ چوڪ يا ميونسپل اسٽيڊيم جي کليل ميدان تي لڳائين پوءِ لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن کي معلوم ٿيندو جڏهن لاڙڪاڻي شهر جو عوام بجليءَ جا صارفين پنهنجا اڻ ڳڻيا واپڊا سيپڪو خلاف ظلم زيادتين ڏاڍ جبر جا واقعات بيان ڪندي هنجون هاري ويهن ٿا. پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت لاڙڪاڻو جي عوام کي ديوار سان نه لڳائي بلڪ حق سچ جو علم بلند ڪري واپڊا سيپڪو جي سياهه دور جي تاريخ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي لاڙڪاڻو جي عوام کي غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ مان مڪمل نجات ڏياري ۽ لاڙڪاڻو واپڊا سيپڪو جي هر هڪ آفيسن ۾ پيپلزپارٽي جا ساک رکندڙ ايماندار ايڪٽو سرگرم عوامي دوست اڳواڻ شڪايت سيل تي به ويهارين ته خبر پوندي ته ڇا جا غير قانوني ناجائز ڊٽيڪشن بل آهن. شهر لاڙڪاڻي ۾ واپڊا سيپڪو جي غلط لاپرواهي سبب غير قانوني طور تي وچ روڊن رستن تي لڳل بجليءَ جا ٿنڀا هٽائڻ لاءِ ڪوئي قانون ناهي، شهرن ۾ بي ترتيب اڍنگي انداز ۾ هر پاسي هيٺ مٿي لٽڪيل بجليءَ جون تارون يعني کليل موتمار بجليءَ جون تارون روز بروز ڪيترن انساني جانين سان کيڏي رهيون آهن. بجليءَ جي فراهمي ۾ وولٽيج گهٽ وڌ يعني ڊم هجڻ، فالٽ جي بهاني سڄو ڏينهن بجلي بند ڪرڻ، هٿرادو نام نهاد جهٽڪا لڳائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڏينهن جا ڏينهن بجلي بند ڪري ڇڏڻ، واپڊا جي اهڙي بي ڍنگهي رويي تي ڪراچي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڊويزن صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني کي شاباس آهي جنهن سنڌ اسيمبلي ۾ جرئتمبدي بهادري سان سنڌ جي عوام جو ڪيس کڻي واپڊا جي ڪرپٽ ڪامورن کي للڪاريندي ورجايو ته سنڌ جو عوام ٻيو ڪجهه نه ڪريو صرف واپڊا جي ملازمن کي بجليءَ کي بند ڪري 10 ڪلاڪ بند ڪمري ۾ رکيو وڃي ته انهن واپڊا وارن کي اندازو ٿئي ته سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت ڇا آهي ۽ بار بار غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪيڏو وڏو عذاب آهي. ننڍن ننڍن گهرن ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب بجليءَ جا صارفين گرميءَ ۾ تڙپي رهيا آهن. سنڌ جي عوام جي واهر ڪرڻ لاءِ واپڊا جي ڏاڍ مڙسي ظلم زيادتين خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي کليل ڪچهريون لڳائي ته بجليءَ جا صارفين سک جو ساهه کڻي سگهن.










