عوام مٿان بوجهه بڻيل سرڪار کي ڇا اپوزيشن گهر موڪليندي

عوام مٿان بوجهه بڻيل سرڪار کي ڇا اپوزيشن گهر موڪليندي

تحرير توفيق لنڊ

پي ٽي آ۽ سرڪار عام چونڊن کان اڳ پاڪستاني عوام کي لولي پوپ ڏيندي رهي ته پاڪستان جي معشيت کي ٺيڪ ڪنداسين  هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏينداسين ملڪي ادارن کي مظبوط ڪنداسين پاڪستان کي مديني جو رياست بڻائينداسين نئون پاڪستان ٺاهينداسين  ڪرپشن جو خاتمو آڻينداسين پر مديني جو رياست ٺاهيندڙ ملڪ پاڪستان کي پي ٽي آ۽ سرڪار ٻوڙي ڇڏيو پر عوام کي پي ٽي آ۽ سرڪار ڪو به رليف نه ڏئي سگهيو نه ئي اپوزيشن پي ٽي آ۽ سرڪار کان عوام کي رليف ڏياري سگهيو پي ٽي آ۽ سرڪار جي اقتدار ۾ اچڻ سان ئي عوام جو نه سوچيو پر سياستدانن جي پويان پئجي ويو هڪ سال پورو پاناما ڪيس  جو اسڪينڊل هليو هڪ دم نيب ادارو اچي ويو اپوزيشن وارن لا۽ ٻڌ ڇوڙ جو سسٽم اچي ويو ٻيو سال اچي ماڪڙ لٿو وري ڪورونا وائرس اچي ويو مطلب ته پي ٽي آ۽ سرڪار عوام لا۽ ڏمر بڻجي ويو وقت کان پي ٽي آ۽ سرڪار تي عوام اعتماد ڪيو پر پي ٽي آ۽ سرڪار عوام سان دوکو ڪيو عمران حڪومت جلد جان ڇڏائڻ لا۽ عوام ته اپوزيشن جو ساٿ ڏنو پر اقتدار جو لالچ رکندڙ عوام جو نه پنهنجا مفاد رکندا اپوزيشن وارا  جنهن ۾ وڏيون پارٽيون ن ليگ ،پيپلزپارٽي گڏجي اتحاد قائم ڪيو پي ڊي ايم صورت ۾ گڏجي عوام کي اهيو احساس ڏياريو ته هاڻي جلد عوام مٿان بوج بڻيل پي ٽي آ۽ سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪنداسين ڪجھ وقت کانپو۽ سينيٽ چئيرمين جو اليڪشن ٿيو پي ڊي ايم کي پنهنجو چئيرمين آڻڻ لا۽ واضع سرسي حاصل هئي جڏهن اليڪشن ٿي ته 11ماڻهون اپوزيشن جا فري ويا چئيرمين سينيٽ پي ٽي آ۽ جو چونڊجي ويو پو۽ ظاهر اهيو ٿيو ته عمران حڪومت ڪو خلائي مخلوق هلائي ٿو وري اپوزيشن جلسا جلوس ڪيا عوام جي جلسن ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي محسوس ٿي رهيو هو ته هاڻي پي ٽي آ۽ سرڪار گهر ويندي پر تازو هن وقت فارين فنڊنگ ۽ براڊشيٽ وارو انڪشاف اچي ويو فارين فنڊنگ انڪشاف کانپو۽ پي ڊي ايم جيڪا لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ان لانگ مارچ واري ايجنٽا تي پي پي سرڪار پوئتي هٽجي ويو ۽ آئين مطابق پارليمينٽ ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي تجويز ڏئي ڇڏيو  ان بيان کانپو۽ ن ليگ اڳواڻن پيپلزپارٽي واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ته سينٽ ۾ اڪثريت هوندي سينٽ چئيرمين آڻي نٿا سگهون ته بي اعتمادي واري رٿ ۾ وزير اعظم کي ڪئين اقتدار مان لاهي سگهون ٿا ان صورتحال مان واضع نظر اچي رهيو آه ته  حڪومت پنج سال پورا ڪندي ۽ عوام کي وڌيڪ مهانگائي واري چڪي ۾ پيسجندي.

پهنجو تبصرو موڪليو