عمران نيازي اقتدار خاطر خطرناڪ مشن طرف وڌي پيو: شرجيل

عمران نيازي اقتدار خاطر خطرناڪ مشن طرف وڌي پيو: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران نيازي اقتدار لاءِ خطرناڪ مشن طرف وڌي رهيو آهي.ھن سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته عمران خان اسان جي دشمنن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.ھن جي مهم ۽ ايجنڊا اسان جي ادارن کي بدنام ۽ بليڪ ميل ڪرڻ آهي. صوبائي وزير چيو ته پاڪستاني عوام عمران خان کي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو قول آهي ته دنيا ۾ اھڙي ڪا به طاقت ناهي ، جيڪا پاڪستان جي وجود کي مٽائي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو