اعجاز ممنائي
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي چوڪ تي احتجاج تي پي ٽي آءِ باني عمران خان، سندس گهر واري بشريٰ بي بي ۽ بيرسٽر گوهر سميت 96 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، ڪوهسار پوليس ڪيس نمبر هڪ هزار 32 ۾ 96 جوابدارن جي گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا.پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، شعيب شاهين، مراد سعيد، عمر ايوب، شير افضل مروت، فيصل جاويد، علي بخاري، عامر مغل جا به وارنٽ حاصل ڪيا.عدالت طرفان زلفي بخاري، سلمان اڪرم راجا، رئوف حسن، علي زمان، پير مصور، ميان خليق الرحمان، سهيل آفريدي، شهرام ترڪئي، بريگيڊيئر (ر) مشتاق الله، ميجر (ر) راشد ٽيپو جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.ان کانسواءِ ايم اين اي عبداللطيف، فاتح الملڪ، علي ناصر، صوبائي وزير رياض خان، خالد خورشيد جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.جڏهن ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪيو ويو،پي ٽي آءِ 12 ڪارڪنن جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،ٻئي پاسي پارٽي اندر اختلاف به شدت اختيار ڪري ويا آهن،بئريسٽر گوهر عمران خان سان ملاقات کانپوءِ سوين ڪارڪنن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪندڙ علي امين گنڊاپور،لطيف کوسي، شيخ وقاص اڪرم وغيره کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،هاڻي عمران خان کي پارليامينٽ ياد آئي آهي ۽ ميمبرن کي چيو آهي ته ڊي چوڪ سانحي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو وڃي،عمران خان جي جيل ۾ صحت به بلڪل صحيح آهي،قاسم سوري ۽ ٻين جي اها دعويٰ به غلط ثابت ٿي،ذريعن مطابق عمران خان بيلاروس جي صدر جي دوري جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏئي پنهنجي لاءِ وڌيڪ مصيبتن کي دعوت ڏئي ڇڏي آهي،بلاول ڀٽو جي تازي تقرير ۾ ڏنڊي جي زور تي يا ڳالهين ذريعي استحڪام آڻڻ واري ڳالهه به ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته پي ٽي آءِ بابت هاڻي نرم رويا ختم ٿيندي نظر پيا اچن،اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ دلچسپي نٿي رکي،هوڏانهن اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سوين ڪارڪنن جي مارجڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارن کان لاتعلقي جو اعلان ڪريون ٿا، اسان جا 12 ڪارڪن شهيد ٿيا، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خراب صحت بابت خبرون غلط آهن، الحمدالله تمام ٺيڪ ۽ صحتمند آهي، اسان جمهوري ۽ ذميوار سياسي پارٽي آهيون، اسان 12 ڄڻن جي موت جي باضابطا اطلاع ڏني آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪيو ويو،پي ٽي آءِ 12 ڪارڪنن جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،پارٽي اندر اختلاف به وڌي ويا آهن،بئريسٽر گوهر عمران خان سان ملاقات کانپوءِ سوين ڪارڪنن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪندڙ علي امين گنڊاپور،لطيف کوسي، شيخ وقاص اڪرم وغيره کان لاتعلقي جو اعلان ڪري حيرت زده ڪري ڇڏيو آهي،هاڻي عمران خان کي پارليامينٽ ياد آئي آهي ۽ ميمبرن کي چيو آهي ته ڊي چوڪ سانحي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو وڃي،عمران خان جي جيل ۾ صحت به بلڪل صحيح آهي،قاسم سوري ۽ ٻين جي اها دعويٰ به غلط ثابت ٿي،ذريعن مطابق عمران خان بيلاروس جي صدر جي دوري جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏئي پنهنجي لاءِ وڌيڪ مصيبتن کي دعوت ڏئي ڇڏي آهي،بلاول جي تازي تقرير ۾ ڏنڊي جي زور تي يا ڳالهين ذريعي استحڪام آڻڻ واري ڳالهه به ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته پي ٽي آءِ بابت هاڻي نرم رويا ختم ٿيندي نظر پيا اچن،اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ دلچسپي نٿي رکي،هوڏانهن اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سوين ڪارڪنن جي مارجڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارن کان لاتعلقي جو اعلان ڪريون ٿا، اسان جا 12 ڪارڪن شهيد ٿيا،جن بابت پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪندو، هن چيو ته اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به ڏوهه ناهي.جڏهن ته اهي به اطلاع مليا آهن ته پي ٽي آئي جا مرڪزي اڳواڻ رات جي انڌيري ۾ پڻ عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪري کيس پارٽي جي دفاع لاء تجويزون پڻ ڏئي ويا آهن جنهن وفد جي اڳواڻي شاهه محمود قريشي ڪري رهيو هو ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عمران خان لچڪ نه ڏيکاري ته سندس گهيرو اڃا وڌيڪ تنگ ڪيو ويندو۔گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ست نون ڪيسن ۾ گرفتاري وڌي وئي آهي.راولپنڊي پوليس ست نون ڪيسن ۾ عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ تي عمران خان خلاف ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيا ويا هئا جيستائين اسٽبلشمينٽ سان سندس سيٽنگ نه ٿي ٿئي تيستائين عمران خان ڏينهون ڏينهن سوڙهو ٿيندو ويندو ۽ سندس آزادي ممڪن ئي ناهي.










