رحمت الله ٻرڙو
عمران خان جي گرفتاريء کانپوء وار صورتحال وقتي طور تي وڏي دٻاء واري حڪومت کي محسوس ٿيندي پر جيڪا ملڪي سياسي ۽ عوامي معاشي صورتحال آھي ته گهڻو ڪونھ هلي سگهندي. خبرون آيون آھن ته عدالت ۾ ضمانتن خاطر آيل تحريڪ انصاف جو چيئرمين حڪومت پاران گرفتار ٿي چڪو آھي ۽ سندس گرفتاريء جو سبب القادر ٽرسٽ ڪيس ٻڌايو وڃي ٿو جنهن ۾ نيب هن جا وارنٽ کڻي عدالت پهتي ۽ هن جي گرفتاري وارنٽن جي بنياد تي گرفتاري پڻ ڪئي وئي آھي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاريء خلاف پوري ملڪ ۾ سندس پارٽي ورڪرز ۽ اڳواڻن پاران جلائو گهيراء ڪري احتجاج پڻ ڪيا ويا آھن ،احتجاجين جي شدت ايتري شديد هئي جو هنن رياستي سلامتي واري اداري جي زميوارن جي آفيسن ۽ گهرن جو گهيراء ڪيو آھي ۽ پوري ملڪ جي ۽ خاص طور پنجاب ڪي پي ڪي ۾ عوامي ملڪيتن کي بھ وڏو نقصان پهچايو آھي. انهيء پس منظر ۾ جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي سياسي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين تھ جيڏانهن ڪيڏانهن افراتفري ،ڀرڌڪ،هڻ مار ،وٺ وٺ وٺان لڳي پئي آھي. سڀ کان پهريان تھ ملڪ جي معاشي صورتحال ظاهري طور انتهائي معاشي طور وينٽيلٽر تي ڄڻ تھ بيٺل آھي.!! جنهن جا چرچا فقط حڪمران حلقن ۽ سندن سياسي مخالف حلقن وٺ ئي نھ پر عوامي توڻي پرڏيهي ميڊيا جي خبرن جي زينت بڻيل آھن. ان سلسلي ۾ عالمي پس منظر رکندڙ پاڪستان دوست ملڪ بھ پاڪستان سان همدردي رکندي پاڪستان سان معاشي سهڪار سميت ڪجھ اهڙا ڪاروباري سلسلا وڌائي رهيا آھن جنهن جي بنياد تي پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال کي بحال ڪندي پاڻ ڀرو ٿي اچي.ان سلسلي ۾ انهن جو چوڻ آھي تھ معاشي ترقي يا ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاء سڀ کان پهريان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ضروري آھي جنهن لاء هو سفارتي پس منظر ۾ به ۽ پاڙيسري اتحادي ملڪ طور بھ اسان کي مشورا ڏئي رهيا آھن۔انڪري اسان جي سياسي حلقن کي گهرجي تھ هنن حالتن ۾ سياسي استحڪام لاء گڏجي ڪم ڪن تھ جيئن ملڪ ۽ عوام جا معاشي مسئلا فوري حل ڪري سگهجن! گذريل هڪ وڏي عرصي کان کانپوء ملڪ جي معاشي سڌارن لاء حڪمران حلقا ۽ ملڪي سلامتي وارا حلقا ادارتي طور هڪ وڏي غور وفڪر بعد هن خطي ۾ پاڙيسري عالمي اقتصادي پس منظر رکندڙ ملڪن چين ، رشيا ۽ پاڙيسري اتحادي ملڪن سان پنهنجي ملڪي معاشي صورتحال کي بهتري طرف آڻڻ خاطر ڪوشان آھن ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ پاڪ، چين ۽ افغان پرڏيهي وزيرن جي ٽه ڌري ڪانفرنس ٿي آھي جنهن ۾ بھ خاص طور چين جنهن جو پس منظر عالمي اقتصادي طاقت جو تعارف رکندڙ نمائيندو پرڏيهي وزير پاڪستان جي حڪمران حلقن ۽ چيف آف آرمي سان ملاقات ڪندي هن ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاء چيو تھ ملڪ جي معاشي صورتحال جي بهتري لاء سياسي استحڪام هجڻ ضروري آھي.چين پاڪستان ۾ اچي جيڪي معاشي راهداريون اختيار ڪرڻ چاهي ٿو ان لاء پاڙسري ملڪن جو هڪ ٻئي سان اتحاد يا الحاق ضروري سمجهي ٿو جنهن ڪري هن هن خطي سڀ کان پهريان امن وامان تي برقرار رکڻ تي زور ڀريندي سفارتي بنيادن تي ايران سعودي،پاڪستان افغانستان سفارتي ۽ ڀائيچاري وارن تعلقات کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏيندي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي جڏهن تھ چين ۽ رشيا پنهنجي اقتصادي راهدارين جي بنياد تي پاڪستان سان هم آھنگي برقرار رکي پاڻ کي اقتصادي ۽ عالمي پس منظر ۾ سامهون کڻي اچي رهيو آھي. ان بنياد تي گذريل ڏهن سالن کان پاڪستان ۾ سياسي انارڪي تي جيڪو ڪجھ ڪم ٿيو آھي ۽ ٿي رهيو آھي ۾ ٻاهرين مداخلت کي رد نٿو ڪري سگهي . ان سموري پاڪستان جي ڊگهي ۽ بهتر سفر ۾ رڪاوٽن وجهڻ جو سبب ملڪ ۾ سياسي انارڪي کي هٿ ڏياري وئي آھي جنهن ۾ ڏيهي سياسي حلقا استعمال ٿي رهيا آھن ۽ پرڏيهي هٿ ۽ ملڪ دشمن هٿ ملوث ٿي پاڪستان جي ملڪي سياسي ۽ اقتصادي ترقي ڏسڻ نٿا چاهين جنهن سان هنن جو تھ ڪو ظاهري فائدو آھي الائي ڪونھ پر هو پاڪستان جي ترقي ڏسڻ ۾ نٿا چاهين ۽ ان صورتحال ۾ جيڪا اسپيس چائنا ۽ رشيا کي ملي رهي آھي سا به هنن لاء اک جو ڪنڊو ثابت ٿئي ٿي.هن وقت عمران خان جي گرفتاري کانپوء واري کانپوء واري ملڪي سياسي صورتحال بگڙجندڙ امن وامان واري خراب صورتحال ۽ خصوصي طور تي ملڪي رياستي سلامتيء واري اداري تي حملا ڪرڻ کان ويندي عوامي ملڪيتن جو نقصان ڪرڻ ڪنهن سياسي فهم واري سياسي قيادت نٿي ڪرائي سگهي ۽ نه ئي سياسي ڪارڪن يا سياسي فهم اهو ڪڌو عمل نٿو ڪري سگهي .!!خود گرفتار اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي دور ۾ ميان نواز شريف ،شهباز شريف ،مريم نواز،آصف علي خان زرداري ،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ادي فريال ٽالپر ۽ سيد خورشيد شاه جن جون گرفتاريون ٿيون هيون پر اهڙي ڪابه هڙا هوڙي ۽ بدامني قائم ڪرڻ واري صورتحال ڪونه ٿي ايستائين جو هو پنهنجو سياسي تعارف تمام رکڻ باوجود به نه ڪري سگهيو جو هنن وٽ هڪ وڏو سياسي بيڪ گرائونڊ ۽ سياسي فهم پڻ رکن پيون. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جون معاشي ۽ سياسي حالتون انهن حرڪتن ۽ ملڪي رياستي سلامتي وارن ادارن تي حملي جون متحمل نٿيون ٿي سگهن.ان ڪري خصوصن ملڪ جي قومي ملڪيتن ۽ عوامي ملڪيتن تي حملا ڪري سياسي طور تعارف رکندڙ پي ٽي آء جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ملڪ ۾ سياسي انارڪي پيدا ڪندي ملڪ جي ادارن ۽ ملڪي سياسي ۽ معاشي رستن ۾خبر ناهي ڪنهن ٻاهرين قوتن جي چوڻ تي حرڪتون ڪري رهيا آھن سي نه ڪرڻ کپن.اسان جي حڪمران حلقن ۽ رياستي سلامتي جي ادارن کي به کپي ته ملڪ دشمن قوتن ۽ سياست جي نالي تي ملڪ ۾ سياسي طور انارڪي پيدا ڪندڙن قوتن ۽ شخصيتن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ کپي ۽ سياسي قيادتن کي کپي ته ملڪ جي هنن ڏکين حالتن ۾ ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاء ڪمڪن ۽ ملڪ جي سياس معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاء حالتن پٽاندڙ جنهن کي روح العصر فيصلا ڪرڻ کپن ته جيئن ملڪي توڻي بين الاقوامي پس منظر ۾ ملڪ کي ڏکين حالتن مان ڪڍي ترقيء طرف کڻي اچجي.ملڪ جي موجوده آيل رپورٽن موجب هن وقت تائين پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن وامان ڪنٽرول ڪرڻ لاء فوج کي طلب ڪيو ويو آھي ۽ هوڏانهن پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان جي آفيس جو گهيراء ڪري ٽوڙ فوڙ ڪرڻ جا پڻ اطلاع سامهون اچي رهيا آھن۔هاڻي هن سموري ڪشيدگيء واري صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي هوش ۽ سياسي سمجهداري کان ڪم وٺندي ملڪ ۾ انارڪي کي ڪنٽرول ڪرائڻو پوندو جي نه ته هيء صورتحال سياسي حلقن ۽ ملڪي رياستي ادارن لاء ڪا چڱي ڪونه هوندي. ان ڪري اسان ملڪ جي سڀني ھمدرد حلقن ۽ حڪمرانن کي گوش گذار آھيون ته ملڪ جي هنن حالتن ۾ ڪا گڏيل ڪانفرنس فوري طور سڏائي ملڪي حالتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ کپي.هوڏانهن ملڪي سياسي حلقن جي ويجهو رهندڙ ذريعن جو چوڻ آھي ته ملڪ جي هنن حالتن ۾ نمبر هڪ اسيمبلين جو 6 مهينا مدو وڌائي سگهڻ جا پرڏا آھن. وڌيڪ جي حالتون بگڙيون ته ڪا به نگران قومي حڪومت جنهن جو مدو گهٽ ۾ گهٽ 2 سال هجي تي پڻ غور ٿي رهيو آھي. ملڪ جي پاليسي ميڪرز پاران بگڙجندڙ سياسي ۽ ملڪي حالات تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء غور طلب اجلاس ٿي رهڻ جا اطلاع آھن جن وٽ ايمرجنسي ۽ ايمرجنسي جي مقابلي ۾ مختلف آپشنن تي سوچ ويچار ڪيو پيو وڃي.










