عشق ۾  مست ٻن نوجوانن کي پوليس اغوا کان بچائي ورتو

عشق ۾ مست ٻن نوجوانن کي پوليس اغوا کان بچائي ورتو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) خيرپور واسي اڪبر پنھوار ۽ زور ڳڙھ واسي محبوب گولي کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو۔ ٻنھي ڄڻن کي جاگيراڻي گينگ جي ڏوھارين عورتاڻي آواز تي ھرکائي دوستي رکڻ بھاني گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ھيو  جيڪو ٽيليفون جي جديد ٽريسنگ واري نظام تحت ناڪام بڻايو ويو۔ پوليس جي دعوا۔ غوثپور پوليس ڪچي جي ڍنڍي واري علائقي مان مبينا اغوا ٿيندڙ ٻن ڄڻن خيرپور واسي اڪبر پنھوار ۽ زور ڳڙھ واسي محبوب گولي کي ٽيليفون جي ٽريسنگ ذريعي ڪچي وڃڻ کان روڪي کين مبينا اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي۔ ان سلسلي ۾ پوليس سان رابطو ڪيو ويو ته ايس ايڇ او غلام سرور ٻرڙو ٻڌايو ته جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين خيرپور واسي اڪبر پنھوار کي عورتاڻي آواز تي ھرکائي دوستي رکڻ بھاني ۽ زور ڳڙھ واسي محبوب گولي کي تعويذن ڏيڻ بھاني گھرائي دوکي سان اغوا جو منصوبو جوڙيو ھيو جيڪو پوليس ناڪام بڻائي ٻنھي ڄڻن کي بچائي ورتو آھي۔ ٻئي پاسي ڏوھاري پوليس جي اچڻ جو ٻڌي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو