تحرير الله بچايو رند
لاڳاپا هن لوڪ جا جڏهن ڇڏيا جن، تڏهن ڏٺو تن ڏونگر وارو سپرين
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، ذات جو مڱريو هو ، سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو وڏو خليفو هو. پاڻ ان زماني جي بي نظير هستين مان ٿي گذريو آهي. ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق هوندو هئس ۽ ايتري قدر علمي تجربو حاصل ڪيائين جو سڄي سنڌ ۾ ملتان کان ويندي ٺٽي تائين نالو ڪمايائين. منقول توڙي معقول ۾ اعلي درجي جي مهارت هئس ۽ مباحثي ۽ مناظري ۾ ايڏو ته دسترس هوس جو ڪو به عالم مڃائي نه سگهندو هوس، فقهه جي ميدان ۾ جهڙي تهڙي کي ته مڃيندو ئي نه هو ۽ هميشه پنهنجي اجتهاد تي هلندو هو، مرحوم وڏو ضدي ۽ ڪاوڙيل هوندو هو.
گرهوڙي صاحب جي ڄم جي تاريخ جي پوري نموني خبر ناهي پئجي سگهي ، پر جنهن صورت ۾ سندس شهادت سن 1192 هجري / 1139 عيسوي ۾ واقع ٿي ۽ ان وقت سندس عمر چاليهه سال هئي، تنهن صورت ۾ خيال آهي ته سندس ولادت سن 1152 هجري / 1778 عيسوي ۾ ٿي. ڪٿي ڄائو ڪٿي وڏو ٿيو تنهن جو به پورو پتو ڪو نه ٿو پوي، پر ٻڌ سڌ مان ڄاڻ ملي ٿي ته سندس جنم خيرپور رياست جي مشهور شهر راڻي پور ۾ ٿيو . سندس والد جو نالو سعدالله هو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو احوال ڪو نه ٿو ملي. سندس ماءُ سندس لاڏاڻي تائين جيئري هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هڪ انگريزي مقالي مان ملي ٿو ته گرهوڙي صاحب کپري تعلقي جي ڳوٺ واڙ ۾ پيدا ٿيو.سندس شھادت متعلق به تاريخ ۾ پتو نٿو ملي سندس مزار گرهوڙ شريف ضلع ميرپور خاص جي آخري حدن ۾ آھي جتان ٿوري مفاصلي کانپوء عمرڪو ضلع شروع ٿئي ٿو. سندس اڳ ڪٿيون موجوده دور ۾ سچ ثابت ٿي رهيون آھن جنهن مان هن بزرگ هستي جي دور انديشي جو اندازو پڌري پٽ پيل آھي.
الله وڏو وير ڀورو لوڪ نه ٻجهڻو
کرين پياري کير سڄڻ چاڙھي سورين
تتر کرڙي اڀ ۾ منڌ ۾ پاڻي اڃ
ڀول مڙيئي ڀڃ آيو گر گرهوڙ ۾
اتران ٿي عيد ڏکڻا ڏٺو چنڊ
جڙيو ڦڙيو جنڊ گجي ٿو گرهوڙ ۾
پنڌ کٽندا سڱ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن
راجا راڪاس ٿيندا ۽ گولا پيئندا گيهه










