ليکڪ : ماهر علي
لڳ ڀڳ هڪ سال جي گهيري ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف) جي شهر تي قبضي کان پوءِ، الفاشر ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ قتل عام جي ڪري، گذريل ڏهن ڏينهن ۾ سوڊان جي تڪرار ۾ بين الاقوامي دلچسپي وري بحال ٿي چڪي آهي، جيتوڻيڪ هن خوفناڪ خونريزي کي روڪڻ لاءِ ڪا به واضح ڪوشش نه ڪئي وئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته آمريڪي فوجون نائيجيريا ۾ ’اسان جي پياري عيسائين‘ تي حملو ڪندڙ ’دهشتگرد غنڊن‘ سان نمٽڻ لاءِ ’بندوقن جي چمڪ‘ سان گڏ داخل ٿي سگهن ٿيون. آفريڪي براعظم جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن وانگر، نائيجيريا کي به انتهاپسند تنظيم بوڪو حرام جي ظلمن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، پر اهو صرف عيسائي ماڻهو ئي نه آهن جيڪي دهشت ۾ آهن.
ان کان علاوه، شايد آمريڪي صدر کي خبر هجي يا نه هجي (ان جي لاعلمي جو امڪان وڌيڪ آهي) ته آفريڪا ۾ ڏهاڪن تي پکڙيل آمريڪي فوجي مداخلت، القاعدہ سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ ذيلي تنظيمن جي گندين سرگرمين سان نمٽڻ ۾ تمام گهڻو ناڪام رهي آهي.
ڪنهن خاص مذهب تي توجه ڏيڻ ٽرمپ جي تنگ نظر ذهنيت جو عڪاس آهي يا شايد اهو انهن جي ڪوڙ جو پردو چاڪ ڪري ٿو جن غزہ ۾ خطري ۾ گھيريل يا پنهنجي جان وڃائيندڙ عيسائين لاءِ ڪڏهن به پريشاني جو اظهار نه ڪيو ۽ جيئن ته نائيجيريا جي ڳالهه آهي ته خدشا صحيح آهن پر اهو به سچ آهي ته اهو آفريڪا جو اهو ملڪ نه آهي جيڪو هن وقت سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار آهي.
اهڙي پريشاني سوڊان بابت هئڻ گهرجي جيڪو 1956ع ۾ برطانوي نوآبادياتي طاقت کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ مختلف قسمن جي تڪرارن ۾ گھريل رهيو آهي. پر هن تشدد جي تازي تاريخ ۾ ڪو به مثال نه ملندو جيڪو سوڊان 7 سال اڳ عوامي بغاوت جي نتيجي ۾ فوجي آمر (ڪرنل عمر البشير)جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ برداشت ڪئي هجي.
عمر البشير 1989ع کان اقتدار ۾ هو ۽ هو سنگين ڏوهن جي ذميوار قرار ڏيڻ جو مستحق آهي جنهن ۾ 2003ع ۾ دارفر نسل ڪشي شامل آهي جڏهن حڪومت جي مدد يافته ’جنجاويد مليشيا‘ خطي ۾ غير عرب رهواسين تي حملو ڪيو هو. جنجاويد جي قيادت هڪ بي رحم جنگجو محمد حمدان دگالو ڪئي هئي جنهن کي همدتي به سڏيو ويندو آهي.
وقت سان گڏ هي مليشيا آر ايس ايف ۾ تبديل ٿي وئي. 2021ع ۾ فوجي بغاوت کان پوءِ جزوي طور تي عوامي حڪومت کي هٽائڻ کان پوءِ جيڪا عمر البشير جي جاءِ ورتي هئي، آر ايس ايف سوڊاني مسلح افواج (ايس اي ايف) سان گڏ اقتدار جو اشتراڪ ڪيو جيتوڻيڪ ان حڪومت جو مقصد سوڊان کي جمهوريت ڏانهن راغب ڪرڻ هو، پر ايئن ڪون ٿيو.
2023ع ۾ آر ايس ايف ۽ ايس اي ايف جي وچ ۾ وڏو تڪرار ٿيو جنهن کان پوءِ افراتفري پکڙجي وئي. آر ايس ايف جي نشانن ۾ خرطوم به شامل هو جنهن کي هن غضب جو نشانو بڻايو. ان کان پوءِ ٻنهي پاسن مختلف قسمن جي انساني حقن جي خلاف ورزين ڪيون آهن. گذريل سالن ۾ انهن علائقائي اتحاد به ٺاهيا آهن جيڪي هٿيارن ۽ سفارتي سطح تي مدد ڪن ٿا.
جهڙوڪ خاص طور تي آر ايس ايف متحدہ عرب امارات جي مدد تي انحصار ڪري ٿي جيڪو چين ۽ برطانيه جهڙن ذريعن کان آر ايس ايف کي هٿيار فراهم ڪري ٿو جڏهن ته لڙائي لاءِ ڪولمبيا کان فوجين جي خدمت حاصل ڪري ٿو. انهن جو اتحاد سال اڳ شروع ٿيو هو جڏهن آر ايس ايف يمن جي جنگ ۾ متحدہ عرب امارات ۽ سعودي عرب جي مدد ڪئي هئي.
هاڻ متحدہ عرب امارات صرف احسان موٽائڻ جي مقصد لاءِ انهن پرتشدد گروهن جي مدد نه ڪري رهيو آهي پر ان جا پنهنجا مقصد به لاڳاپيل آهن۔ متحدہ عرب امارات سوڊان کان سوني تائين مستقل رسائي، زرخيز زمينن تي کييتي باڙي ۽ بحيرہ احمر تي بندرگاهن جي ڪنٽرول جو خواهشمند آهي۔ انهن ۾ سڀ کان پهريون مقصد يعني سوني جو حصول ئي اماراتي رياست کي فائدا پهچائي رهيو آهي.
اهڙيون به رپورٽون آهن ته مبينا طور تي متحدہ عرب امارات پنهنجي علائقائي بالادستي وڌائڻ لاءِ اسرائيل سان گڏجي يمن جي ساحل کان پري بندرگاهن ۽ ٻيٽن کي به حاصل ڪري رهيو آهي ۽ ساڳئي وقت ليبيا ۽ صوماليا ۾ پنهنجي ڪلائنٽس کي سوڊان ۾ پنهنجي پراڪسيز جي مدد لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.
پر اهو به سچ آهي ته ايس اي ايف کي متحدہ عرب امارات جي علائقائي حريفن جهڙوڪ سعودي عرب، قطر، مصر ۽ ترڪيه جي مدد حاصل آهي. چين، روس ۽ اتي به يوڪرين جهڙا ملڪ سوڊان جي خراب ٿيندڙ صورتحال لاءِ جزوي طور ذميوار آهن، تنهنڪري اهي ان ۾ ملوث ٿيڻ کان مڪمل انڪار نٿا ڪري سگهن.
هي سوال ذهن ۾ اٿي ٿو ته جيڪڏهن نام نهاد بين الاقوامي برادري نسل ڪشي روڪي نه سگهي ته آخر ان جي حيثيت ئي ڇا رهجي وڃي ٿي؟ آڪٽوبر 2023ع ۾ غزہ ۾ ٿيندڙ شهادتن جي سلسلي کي في الحال روڪيو ويو آهي پر ان بابت وڌيڪ يقين سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي ۽ انهن جي پويان مرڪزي گروپ جا ٻيا منصوبا واضح آهن.
سوڊان ۾ وڏي پيماني تي قتل عام صرف ان صورت ۾ گهٽ يا روڪي سگهجي ٿو جڏهن لڙندڙ گروپن جا حامي نظرثاني ڪن ته آخر اهي ڪهڙي مقصد لاءِ گهرو جنگ ڪري رهيا آهن؟
جيڪڏهن ڪو تمام اهم اتحادي انهن تي دٻاءُ وجهي ٿو ته شيخ اڪثر پنهنجو ذهن بدلائي وٺن ٿا پر انهن کي اهو احساس ڏيارڻ ۾ صرف هڪ انتباہ ڪافي نه هوندو ته حفتر يا همدتي جهڙن ماڻهن جي مدد ڪرڻ اصل ۾ انهن جي پنهنجي مفادن جي خلاف آهي.
ڪنهن کي به هن وهم ۾ نه رهڻ گهرجي ته متحدہ عرب امارات کي سوڊان جي بدترين گروهن جي سرپرستي کان روڪڻ سان اچانڪ ملڪ جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. اهو ياد رکڻ به ضروري آهي ته آفريڪا ۾ اثر رسوخ جي مقابلي جي راند اڃا به مضبوط آهي ۽ ٻنهي پراڻين نوآبادياتي طاقتن کان علاوه خليج ۽ ٻين هنڌن تي نوان بالادست ملڪ به جلد ئي پوئتي هٽڻ جو ارادو نٿا رکن.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته غزہ ۽ ٻين هنڌن تي متاثرين اڪثر اقتدار ۾ رهندڙن لاءِ ڪا به اهميت نه رکندا آهن. مستقبل حال ۽ ماضي کان بهتر ٿيندو يا نه، اهو ڏسڻ اڃا باقي آهي.(نوٽ هي مضمون ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










