سلمان علي لغاري
سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي جتي هر ڪنهن کي اهو چوڻ، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جي آزادي آهي جيڪو هو چاهي ٿو. هي پليٽ فارم ظاهري طور تي جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ عوامي شرڪت جو چيمپيئن آهي پر افسوس جي ڳالھ آهي ته اهو لاپرواهي، ڪوڙ، سنسني خيز ۽ ذهني طور تي ڊپريشن پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجي چڪو آهي. اڄڪلھ جي دور ۾ اڻپڙهيل ۽ ذهني طور تي نابالغ ماڻهن جي هٿ ۾ موبائيل اچي وڃڻ سبب سوشل ميڊيا تي سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق ئي ختم ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي هر روز هزارين وڊيوز، تصويرون ۽ خبرون وائرل ٿينديون رهنديون آهن، جن مان گهڻيون تہ ڪوڙ تي ٻڌل هونديون آهن يا وري حقيقت جي برعڪس پيش ڪيل هونديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن پراڻن وڊيوز کي ڪنهن نئين جنگ يا حادثي سان ڳنڍي سنسني خيز بڻايو ويندو آهي. اگر ڏٺو وڃي تہ اڄ جي دور ۾ سراسري صارفين وٽ وقت تمام گهٽ هوندو آهي ۽ خبرن جي هر ٽڪڙي تي تحقيق ڪرڻ جي تربيت جي پڻ کوٽ آهي. نتيجي طور جعلي خبرون حقيقي خبرن کان وڌيڪ ۽ تيزي سان پکڙجن ٿيون ۽ ماڻهو بي خبريءَ سان افواھ پکيڙيندڙ بڻجي وڃن ٿا، اگر ان حوالي سان ميڊيا جي ڳالھ ڪجي تہ جيتوڻيڪ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مڪمل طور تي غير جانبدار نہ آهن پر انهن وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڪجھ ضابطا، ادارتي نگراني ۽ قانوني طور تي ڪجھ فريم ورڪ ضرور موجود هوندو آهي، صحافي تربيت يافتہ آهن ۽ خبرون شايع ڪرڻ کان اڳ هڪ خاص نظام مان پڻ گذرن ٿا. ان جي ابتڙ، سوشل ميڊيا تي هر ڪو “رپورٽر” بڻجي ويو آهي بغير ڪنهن تحقيق، تربيت، يا ذميواري جي انڪري نفسياتي ۽ سماجي طور تي تمام گهڻا منفي اثر پئجي رهيا آهن، جڏهن سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي سڀني پاسن کان ساڳئي قسم جي ڏکوئيندڙ، سنسني خيز يا ناگوار مواد جي سامهون آندو ويندو آهي تہ اهو ڊپريشن، بي حسي، ڪاوڙ ۽ عوام ۾ تمام گهڻي مايوسي جهڙا اثر پيدا ڪري ٿو. خاص طور تي نوجوان نسل، جيڪو مسلسل پنهنجي موبائيل اسڪرينن ۾ 24 ڪلاڪ اکيون وجهيو ويٺل هوندو آهي، آهستي آهستي حقيقي زندگي کان الڳ ٿي رهيو آهي ۽ “مصنوعي جذباتي ٿڪاوٽ” جو شڪار ٿي رهيو آهيو ، هنن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ذهني پختگي ۽ ڊجيٽل شعور جي سخت ضرورت آهي، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ صارفين کي گهرجي تہ هو هر وڊيو، تصوير يا پوسٽ شيئر ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پاڻ کان ڪجھ سوال پڇن تہ ڇا هي معلومات صحيح ۽ تازه ترين آهي؟ ڇا هي پوسٽ ڪنهن کي نقصان نہ پهچائيندي. ؟ ڇا مان هن پوسٽ ۾ ڄاڻايل معلومات کان سواءِ به پنهنجي ڪا ٻي راءِ ڏئي سگهان ٿو..؟ ان سان گڏوگڏ حڪومت کي بہ گهرجي تہ هو ميڊيا لٽريسي يعني ميڊيا جي ڄاڻ کي تعليمي ادارن ۽ عوامي تربيت جو حصو بڻائي تہ جيئن ماڻهو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪري سگهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي بہ ضابطہ اخلاق جو پابند هجڻ گهرجي ۽ جعلي خبرون پکيڙڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائيون ڪرڻ گهرجن، سوشل ميڊيا هڪ اهڙو طاقتور اوزار آهي جيڪو قومن کي جاڳائي سگهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ ساڳي وقت گمراه پڻ ڪري سگهي ٿو، فرق صرف اهو آهي تہ ان کي علم، تحقيق، عقل ۽ ذميواري جي احساس سان استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسان هي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿياسين تہ پوءِ ياد رکجو سوشل ميڊيا نعمت بدران اسان لاءِ زحمت بڻجي سگهي ٿي، آخر ۾ آئون پنهنجي طرفان سنڌ واسين خاص طور تي نوجوانن کي هٿ ٻڌي اهو عرض ڪندس تہ سوشل ميڊيا تي فرقا وارانہ مواد شيئر ڪري فسادات پيدا ڪرڻ کان پرهيز ڪيو وڃي تہ جيئن سنڌ ڌرتيءَ جو امن و امان برقرار رهي سگهي










