سنڌي سماج زوال پذير ڇو ٿي رهيو آهي؟

سنڌي سماج زوال پذير ڇو ٿي رهيو آهي؟

ليکڪ  اعجاز علي سوڍر

اڄ جي هن مفاد پرستي ۽ نفسا نفسيءَ واري دور ۾ هر هڪ شخص جي هٿ ۾ ٻئي کي مارڻ لاءِ خنجر نظر اچي ٿو. ڪجھه ماڻهو لفظن جي خنجر سان روح کي زخمي ڪري وجھن ٿا ته وري ٻيا ان مجروح دل مٿان لُوڻ ٻرڪڻ لاءِ تيار ويٺا هوندا آهن. هر دل دردن سان ڀريل رهي ٿي. ڪنهن کي ڀاءُ طرفان ڪو اهنج رسيل هوندو آهي ته وري ڪنهن کي پنهنجي اولاد جو سُور ستائي ٿو، ڪنهن کي مٽ مائٽ ڏک ڏين ٿا ته ڪنهن کي دوستن طرفان دغا مليل آهي، ڪنهن سان آفيسرن جو آزار آهي ته ڪنهن کي پنهنجا ڪليگ تنگ ڪندا رهن ٿا، ڪنهن کي پنهنجن طرفان مات ملي ٿي ته ڪنهن کي پَراون طرفان ڌوکا ۽ فريب ملن ٿا. اگر اسان پنهنجي سماج جي اندر رهندڙ انساني لبادو اوڙهيل جانورن کي ڏسون ته هو ڪنهن وحشي کان گھٽ نظر نه ايندا. هر ماڻهو ٻئي جي دل ڏکائڻ ۾ وَسان گھٽائي ڪين ٿو. گڏ کائي، دل جا راز ڄاڻي اهڙو ته وار ڪندا آهن جو انسان اهو ڌڪ ڏاڍي مشڪل سان پچائيندو آهي. انساني رُوپ ۾ کوڙ سارا بگھڙ گھمندا وتن ٿا. اڳي ماڻهو اڪثر پيدل سفر ڪندا هئا. سفر دوران اڪيلو شخص اها تمنا ڪندو هو ته ڪاش! ڪو ماڻهو ملي جنهن سان ڪچهري ڪري سفر ڪاٽجي. اڳ ۾ روڊ رستا تمام گھٽ هئڻ ڪري سَر، ٻوٽا، ننڍا وڏا وڻ ۽ ننڍيون ننڍيون جھاڙيون جام هونديون هُيون. جنهن ڪري آبادي کان علاوه وارو علائقو جھنگل جو ڏِک ڏيندو هو ۽ رات جو ويتر وڌيڪ ڀوائتو لڳندو هو. ان وقت اتان گذرندڙ شخص اها دعا گھرندي اتان گذرندو هو ته الله ڪري مَن ڪو ماڻهو منهن پَوي ته جيئن ساڻس ڪچهري ڪري موذي جانور جي اچانڪ حملي کان محفوظ رهون ۽ ڪچهري ڪندي هي ڀوائتو رستو پار ڪري وٺون. اڄ ان جي بلڪل اُلٽ آهي. ڪنهن به اهڙي رستي تان گذر ڪرڻ وقت جيڪو آباديءَ کان ڪجھه اڳڀرو آهي دعا گھرجي ٿي ته الله ڪري مَن ڪو ماڻهو منهن نه پَوي، باقي جانور جو ڪو ڀَؤُ نه رهيو آهي. ڇو ته جانور هڪل هوڙ سان پري ڀڄي ويندو آهي پر اڄ جو حضرت انسان ان راھه مسافر کي لُٽي سندس هٿ ۽ کيسا خالي ڪرائي آخر ۾ سڀ ڪجھه کَسي روانو ڪندو آهي. اگر ايترو هجي ته به ٺيڪ آهي پر اڄ ڪلھه ته راھه مسافر کي ڦري آخر ۾ ٺاهوڪي مارڪٽ ڪري تقريبًا اڌ مُئو ڪري يا مورڳو ئي ماري وجھن ٿا. اهو ته اڄ ڪلھه جي ٽرڙن ڇورن جو ڪاروبار بڻجي چڪو آهي ته جي اگر داءُ لڳو ته پوءِ ڪجھه ڏينهن عياشي ڪرڻ جو بندوبست ٿي ويندو، اگر داءُ نه لڳو ته وري ٻئي هنڌ يا ٻئي ڏينهن ڪنهن جو دڳ جھلبو. حڪمرانن ۽ وڏيرن جي ظلم کي ڇڏي به منهنجي سنڌي عوام لاءِ پنهنجا ڀائر هڪ وڏو آزار بڻيل آهن.

اڳ ۾ به چور هئا، ڌاڙيل هئا، ڦورو هئا، پر انهن ۾ ڪجھه مڻيا باقي هوندي هئي. راقم ڪجھه اهڙن عمر رسيده ماڻهن جيڪي پنهنجي وقت جا مشهور چور خان هئا سان ملاقات ڪري سندن سابق زندگيءَ جي ڪجھه ورق گرداني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي حميعت ۽ غيرت ٻُڌي سوچ ۾ پئجي ويس ته اگر هنن جي دور ۾ چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن ۾ ايتري غيرت هوندي هئي ته پوءِ هاڻوڪو نسل ايترو بي حس ڪيئن بڻجي ويو آهي؟ انهن ٻُڌايو ته جنهن به ڳوٺ ۾ ڪڏهن به ڪو ماني ڳڀو، ڀَتَ جو ڪو گرھه يا اگر پاڻيءَ جو ڍُڪ به پيتو هوندو ته ان ڳوٺ طرف ڪڏهن به ڏوھه ڪرڻ جي ارادي سان پَير نه پائيندا هئاسين يا جنهن ڳوٺ ۾ ڪو مٽ مائٽ رهندو هو يا ڪو دوست واقفڪار رهندو هو ته اتي به هرگز هرگز نه ويندا هئاسين ته متان سڀاڻي کان پوءِ مائٽن ۽ دوستن جا مياري ٿي پئون. هي هئا چور، ڦورو پر هنن منجهه شناس باقي هئي ته ڏوھه ڪيون پر پوءِ به ارڏا بڻجي ڪنڌ کڻي ڳالهائي سگھون. ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي متان ڪو چوي ته نمڪ حرامي ڪئي اٿن يا رشتيداري ۽ دوستيءَ جو به ڪو ڀرم نه رکيُن. اڳ جا جوان ميار ۽ طعني ملڻ کان به غيرت کائيندا هئا ۽ هاڻي جا جوان اهڙا جو نه انهن ۾ اها حميعت نه ئي وري غيرت. جنهن هٿن جي پڪل ماني کائيندا انهن هٿن ۾ پاتل چوڙين ۾ نگاھه هوندن، جن ٿانون ۾ کائيندا اهي ئي ٿانو کڻڻ جي چڪر ۾ هوندا. اصل ۾ هي معتبر پٽ پڦي ماسي جي ڪا شيءِ چوري ڪري ئي ته سکندا آهن يا وري پاڙي جي ڪا چوري ڪندا آهن ته جيئن اگر پڪڙجي پئون ته بس ٿورڙي ٿُڪ بُجي ۾ جان ڇُٽي وڃي. اهڙي بي حيائي ڪندي بعد ۾ وڏا چور خان ۽ ڌاڙيل خان بڻجي ويندا آهن. اسان جي تَرَ ۾ مرحوم محمد پريل چانڊيو عرف پَرو چانڊيو مشهور ڌاڙيل ٿي گذريو آهي. هن جوڌي جوان جا قصا ۽ ڪهاڻيون هر ٻچي ٻار پوڙهي ۽ پڪي جي وات هونديون هيون. پَرو امير ماڻهن کي لُٽيو پر ڪڏهن به ڪنهن غريب مسڪين کي تنگ نه ڪيائين بلڪه انهن جي ڪافي مدد ڪندو ۽ هر موڙ تي ساڻن سهڪار ڪندو رهيو. سندس اهڙا اڻ ڳڻيا واقعا مشهور آهن. هڪ دفعي پاڻ پنهنجي ساٿين سان ڪنهن هنڌ بيٺو هو ته هڪ ٽريڪٽر ٽرالي ڄڃ سان ڀريل لانگھائو ٿي. انهن کان پڃيائون ته ڪير آهيو ۽ ڪيڏانهن پيا وڃو؟ انهيءَ پڇا دوران پَرو جي ڪن تي هڪ مائي جا پاراتا پيا ته پرو ڏاڙيل کان هاڻي شرم حيا به ڇڏائي ويو جو اسان نياڻين جو شرم به نه پيس، اسان نياڻين جا زيور به لهرائي ورتائين. اسان نياڻيون کيس بد دعائون ڏينديوسين. اها ڳالھه ٻڌي پرو کانئس پوري تفصيل پڇي. کيس خبر پئي ته ڪجھه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هن ڄڃ کان ڦر ٿي آهي. انهن ڦورن پرو جو نالو استعمال ڪيو ۽ نياڻين جا زيور به لهرائي ورتا اٿن. اهو ٻُڌي پرو ان ڄڃ کي اتي روڪي پاڻ انهن ڦورن جي پٺيان ويو. انهن ڌاڙيلن کان اهو ڦر ڪيل سمورو سامان ورتائين ۽ کين سخت سست چيائين. موٽي انهيءَ ڄڃ وٽ آيو ۽ سڀني کي سندن ڦر ٿيل سمورو سامان سنڀالي واپس ڏنائين. انهيءَ کان بعد مرد توڙي عورتن کي هٿ ٻڌي معافي ورتائين. چوڻ لڳو ته پَرو اڃان ايترو بي غيرت ناهي ٿيو جو هو نياڻن جي عظمت وساري ويهي، پَرو آءٌ ئي آهيان، انهن نڀاڳن منهنجو نالو بدنام ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو. خير هي جوان هئو ته ڏوهاري پر ڏوهاري به غيرتمند. ڪڏهن به ڪنهن غريب کي ڪين ڏکايائين، ڪنهن به ٻار، پوڙهي ۽ عورت کي ڦرڻ جو ته ڪڏهن سوچيو به نه هوندائين. اسان وٽ اهڙا جوان به پيدا ٿي گذريا آهن. هئو ڌاڙيل پر شايد صدين تائين سنڌي عوام جي دلين ۾ زندھه رهجي ويندو.

اڄ ڪلھه ته اهو شرم حياءُ ڀي نه رهيو آهي. نه ننڍي وڏي جو ڪو حياءُ رهيو آهي نه ئي وري مرد يا نياڻيءَ جي ڪا تمييز باقي بچي آهي. هي چور، ڌاڙيل، ڦورو آخر ڪير آهن؟ هي پوري خبر هوندي بي گناهن کي ٿاڻي ۾ واڙي جاني توڙي مالي مار ڏيڻ وارا پوليس وارا ڪير آهن؟ هي رستن تي بيهي ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي بهاني عريبن جي کيسي منجھان پئسا ڪڍڻ وارا قانون جا محافظ سڏجڻ وارا ڪير آهن؟ هي دڪانن تي نقل مال جو سودو ڌوکي سان ڪرڻ وارا، خام مال سُٺي مال جي نالي سان وڪڻڻ وارا دڪاندار ڪير آهن؟ هي چانور، ڪڻڪ ۽ چيٽ ذخيرو ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ هي تَورَ جي بي ايماني ڪرڻ وارا ريڙهي وارا ۽ دڪاندار ڪير آهن؟ هي گھرن جي درن اڳيان بيهاريل گاڏيون چورائڻ وارا چاٻي چور ڪير آهن؟ هي شهرن جي حالت خراب ڪرڻ وارا، روڊن رستن کي لاوارث ڪرڻ وارا، هر گلي هر گھٽي گٽرن جو ڏِک ڏيارڻ وارا بي ڌيان ميونسپل ڪاميٽي وارا ڪير آهن؟ هي آفيس اندر پاڻ يا پنهنجا واٺا ڇڏي اٻوجھن کي رشوت جي لعنت سان لُٽڻ وارا آفيسر ڪير آهن؟ هي عوام جي دلين ۾ نفرت جي باھه ڀڙڪائڻ وارا، نِيم ملان خطره ايمان، هي اڻ پورو علم رکڻ وارا، وڏا واعظي، هي عالم جي روپ ۾ ابليس، هي ايمان جا دلال ڪير آهن؟ هي لوڀي لومڙي جي ڪردار وارا ماڻهن کي ٺڳڻ وارا ڪير آهن؟ هي ويل ڊريسڊ گڏ ڪا جوان عورت هڪ ٻن ٻارن سان ساڻ ڪري ڪنهن شهر ۾ “ادا فلاڻي شهر جو آهيان، منهنجا پئسا نڪري ويا آهن، ٻچڙا ساڻ آهن، ڪرائي جا پئسا ڏيو ته گھر وڃان” وارو راڳ الاپي ڪيترن ئي رحمدل ماڻهن کي ڦرڻ وارا ٺڳ ڪير آهن؟ هي نسلن جا نسل پنڻ جي ڪاروبار تي لڳائي، صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ٻار، جوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ عورتون اڪيليون پنڻ لاءِ مختلف طرفن روانو ڪرڻ وارا، نوجوان ڇوڪرين کي اڪيلو گلي گلي پنڻ جي بهاني فحاشي ڦهلائڻ وارا، هر سارين جي فصل تيار ٿيڻ تي، هر ڪڻڪ جي فصل تيار ٿيڻ تي، هر ٿريشر تي ٽولن جي صورت ۾ پهچڻ وارا پيشيور پينو ڪير آهن؟ هي رستن تي بيهي ماڻهن کان موٽر سائيڪلون، موبائلون، پئسا ۽ ٻيو سامان ڦرڻ وارا ڪير آهن؟ هي مسيحا جي روپ ۾ ڪاسائي، هر ايندڙ لاچار ۽ بيوس بيمار کي مُڏي ڪاتيءَ سان ڪُهي ڪروڙين روپيه ڪمائڻ وارا، هي مختلف ڪمپنين سان ڊيل ڪري بنا ضرورت جي هر مريض کي واڌو دوائون لکي ڏيڻ وارا ڪير آهن؟ هي ٻه ٽي سال ڪنهن ڊاڪٽر جي ماتحت اڻ پوري طرح علاج ڪرڻ سکي پنهنجا هَٽ کولي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏائي اٻوجھه عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽڻ وارا نيم حڪيم خطره جان ڪير آهن؟ هي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي پرچيءَ ۾ لکيل دوا جي بدلي لوڪل ڪوالٽي ۽ لوڪل ڪمپنين جي دوا بدلائي ڏيڻ وارا، هي سيمپل کي پوري قيمت ۾ کپائڻ وارا ميڊيڪل اسٽورن وارا ڪير آهن؟ هي ڪجھه وقت ڪنهن ليباريٽري ۾ چانھه پاڻي پيئارڻ وارو ڪم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجا دڪان کولي ڪوڙي سوڙي ٽيسٽ ڪري ڊاڪٽرن کي حصو پتي ڏئي عوام کي الجھائڻ وارا ڪير آهن؟ هي اڻ پوري تعليم حاصل ڪري صرف ايڪسري مشين هلائڻ سکِي منٽن ۾ ايڪسري ٽيڪنيشن بڻجي الٽا سيڌا ايڪسري ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ هي هر خاص مهيني ۽ خاص ڏينهن ۾ پنهنجي چاهت وارو ريٽ رکي هٿرادو مهانگائي ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽڻ وارا ڪير آهن؟ هي حڪومت جي بجلي پاڻ پئسن تي وڪڻي پنهنجا ۽ پنهنجن صاحبن جا کيسا گرم ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ هي نياڻين کي سربازار روڊن تي نچائڻ وارا ڪير آهن؟ هي بهتر تعليم ڏيڻ جي دعوى ڪري سرڪار کان سرٽيفڪيٽ وٺي فيسن، ڪتابن، ڊريسن ۽ اسٽيشنري جي آڙ ۾ عوام کان مال ڪڍي تعليم جو ستيا ناس ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ هي پيغمبري پيشي سان وابسطه رهي، ويزا وٺي، اڻ پوري ڊيوٽي سرانجام ڏئي حرام جي پگھار وٺڻ وارا ڪير آهن؟ هنن سڀني کي لغام ڏيڻ جن جنابن جي ڊيوٽي آهي اهي اگھور ننڊ ستل هوندا آهن يا ڪجھه رشوت وٺي خاموش رهڻ واريون اعلى اختياريون ڪير آهن؟ هي رشوت عيوض هر ناجائز ڪم کي جائز بنائڻ وارا، هي رشوت عيوض عوام کي ڪُهڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ وارا، هي اقتدار ڌڻي، هي قوم جا رکوالا، هي عوام طرفان ايلچي مقرر ٿيڻ وارا، هي ايوانن ۾ ويهي عوام سان راتاهان ڪرڻ وارا قانون پاس ڪرائڻ وارا ڪير آهن؟ هي سڀ منهنجا پنهنجا آهن، هي سڀ منهنجي سنڌ امڙ جا ڄاوا آهن. بس شيطان جي بهڪاوي ۾ اچي ڀلجي ويا آهن، نفس هٿان مات کائي پنهنجن کي مارڻ لاءِ ڪات هٿن ۾ کڻڻ جي بيوقوفي ڪري چڪا آهن. هي رستو ڀٽڪي ويل منهنجا ئي ڀائر آهن. بس دنيا جي لالچ ۾ ايمان جو سودو ڪري گناهن جي دلدل ۾ ڦاسجي ويا آهن. هي هيمو هوشو جو نئون نسل آهي، هي سچل، سامي ۽ ڀٽائي جو روحاني اولاد آهي، هي سَن واري سيد ۽ سنڌ جي سچي سپوت ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي پڪار آهن، هي غيرت جا رکوالا آهن، هي سچائي تي کلي سِر گھوري ڏيڻ وارن جو ٻيو روپ آهن. بس ڏک اهو اٿم ته هو پنهنجي اصليت وساري راھه ڀلجي ويا آهن. ضرورت آهي هنن کي صحيح گس ڏيکارڻ جي، ضرورت آهي هنن کي صحيح پٽڙيءَ تي پهچائڻ جي. aijazsodhar58@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو