عبدالمجيدبروھي
ھن وقت سنڌ ۾ ھر طرف سنڌو مٿان لڳندڙ ڌاڙي خلاف سنڌ جا ماڻھون ھاري ناري سنڌ جون تمام سياسي سماجي مذھبي ڪاروباري ماڻھون سراپا احتجاج آھن سڀني جو ھڪ ئي مطالبو آھي تـ اسان کي سنڌوء مٿان ٺھندڙ ڪو بـ ڪينال منظور نـ آھي ڀلي اھي ڪٿي بـ ٺھن سنڌ ۾ ٺھن پنجاب ۾ ٺھن يا بلوچستان ۾ ٺھن اسان اھي ڪينال سنڌ سڪائڻ سنڌ خلاف سمجھون ٿا سنڌوء کي سڪائڻ جي سازش سمجھون سنڌوء مٿان گڊوء ۽ چولستان ڀرسان ٺھندڙ ڪينالن سان سنڌوء جو رخ تبديل ڪري سنڌوء جي ماڻھن کي معاشي طور تي تباھ ٿيڻ جي سازش سمجھي سنڌ جو ھر ننڍو وڏو ناري پوڙھو جوان ان خلاف آھي پر پوء بـ وفاقي حڪومت انھن ڪينالن کي ٺاھڻ لاء ضد تي آھي وفاقي حڪومت کي سوچڻ گھرجي تـ ھن وقت ملڪي حالتون انتھائي خراب آھن سڀني صوبن جا ماڻھون ھڪ ٻئي کان پري ٿي رھيا آھن صوبن جا ماڻھون احساس محرومي جو شڪار آھن بلوچستان ۽ سنڌ بعد ھاڻي ڪي پي ڪي ۾ پڻ پنجاب خلاف ٿي پيا آھن وڌيڪ ڪجھ بـ ٿيڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھون رياست کان باغي ٿي ويندا ان جي ڪري وفاقي حڪومت کي اھو احساس ھجڻ گھرجي تـ انھن ڪينالن جي ٺھڻ سان پاڪستان ۽ وفاق کي ڪجھ ڪو نـ ملندو رياست مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزور ٿيڻ جو انديشوـآھي ڪينال ٺاھڻ جو ڪم فوري طور تي بند ڪري اھو اعلان ڪيو وڃي تـ اسان کي پاڪستان کان وڌيڪ ڪجھ بـ نـ آھي صوبن مان نفرت ختم ڪرڻ لاء ڪينالن جو ڪم بند ڪيو وڃي ان جي لاء پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏنل راء تي ھلڻ گھرجي جنھن پڻ صاف چيو آھي تـ ڪينال جيڪڏنھن اتفاق راء سان ٺھندا تـ ڀلو ڪم آھي جيڪڏنھن زور زبردستي سان اھي ڪينال ٺاھيا ويندا تـ اسين ھر گذ قبول نـ ڪنداسين ۽ پ پ پ انھن ڪينالن کي سنڌ دشمن سمجھي ٿي وفاق کي ھلائڻ اھڙا فيصلا نـ ڪيا وڃن جن سان صوبا وڌيڪ وفاق کان پري ٿيندا وڃن ھن وقت وفاق مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آھي سڀني جو عوام پنجاب کي پنھنجو دشمن سمجھي پيو انجي لاء پنجاب کي ھاڻي وڏي ڀاء جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ سڀ کان پھريان بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام جي دلين ۾ پنھنجي لاء ڪجھ ھمدردي حاصل ڪري وفاق کي اڳ وانگر مضبوط ڪيو وڃي باقي اھڙا فيصلا جن سان وفاق ڪمزور ٿي اھڙا فيصلا نـ ٿيڻ گھرجن ھن وقت سنڌ ۾ انھن ڪينالن جي ٺاھڻ جي ڪري نـ صرف قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن کي ان سان گڏ پ پ پ ن ليگ سنڌ پي ٽي آء سنڌ جي يو آء سنڌ ايم ڪيو ايم پاڪستان مطلب سمورن سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ ان رٿا کي رد ڪري چڪا آھن پر پوء بـ وفاقي حڪومت انھن ڪينالن تان ھٿ کڻڻ لاء تيار نـ آھي ھن وقت انھن سنڌ دشمن ڪينالن خلاف ھڪ موثر ۽ جامع پاليسي جوڙڻ جي سخت ضرورت آھي ان جي لاء 90 جي دور وانگر ھڪ اھڙو اتحاد جڙڻ گھرجي جنھن سنڌ دوست سڀ پارٽيون شامل ھجن سڀ ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري اتحاد سان ھلن جيئن نواز شريف جي 98 واري حڪومت پاران ھر صورت ۾ پابندي مڙھيل ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو اعلان ٿيو ھيو ان وقت شھيد راڻي ان رٿ خلاف آواز بلند ڪري تمام سياسي سماجي مذھبي ڪاروباري جماعتن کي گڏ ڪري اينٽي ڪالاباغ ٿل ڪينال اتحاد ٺاھيو ويو ھيو جنھن ۾ بشيرخان قريشي رسول بخش پليجو قادرمگسي سميت تمام قومپرست جماعتن کي نمائندگي ڏني وئي ھئي ان بعد ڪمون شھيد وٽ تاريخي ڌرڻو ھنيو ويو ھيو ان ڌرڻي جي خاص ڳالھ اھا ھئي تـ ان وقت ان ڌرڻي ۾ رحيم يار خان صادق آباد جا ھاري اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا ھيا ۽ اھي سنڌ واسين سان گڏ ٿي ڪالاباغ ٿل ڪينال کي رد ڪيو ھيو لکين ماڻھن جي ڌرڻي بعد نواز شريف ڪالاباغ ٺاھڻ جي ضد تان لٿو ھيو اڄ وري سندس ڀاء شھباز شريف ۽ نواز شريف جي ساڳي پارٽي۔ ن ليگ جي حڪومت آھي وفاق ۾ اھي وري ساڳي طريقي سان پاڪستان جي ڀائپي رواداري ۽ ساليمت سان کيڏي رھيا آھن اھي وري صوبن جي عوام ۾ ويڇا وڌائڻ جي پويان آھن ھن وقت ڪينال ٺاھڻ جو اعلان ڪري سنڌ جي عوام کي ڪاوڙايو ويو آھي جيڪي شديد غم ۽ غصي جو اظھار ڪري ڌرڻا ھڻي احتجاج ڪري ان انھن ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو آھي ان صورتحال ۾ پ پ پ لاء پڻ امتحان جي گھڙي ھئي انھن مٿان اھي الزام ھيا تـ اھي وفاقي حڪومت سان انھن ڪينالن جي حوالي سان گڏ آھن پر جڏنھن شروع ۾ انھن ڪينالن جي ٺاھڻ جي ڳالھ ٿي تـ سڀ کان پھريان سنڌ اسيمبلي مان انھن ڪينالن خلاف قرارداد پاس ڪري پ پ پ انھن ڪينالن جي ٺاھڻ کي رد ڪري ڇڏيو پ پ پ سنڌ جي قيادت پاران صوبي جي ھر ضلعي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ان رٿا جي سرعام مخالفت ڪيائون جي يوآء سنڌ پاران انھن سنڌ دشمن ڪينالن خلاف آل پارٽيزڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن پ پ پ سنڌ جو صدر نثاراحمدکھڙو سنڌ جو وڏو وزير سيدمرادعلي شاھ شريڪ ٿيا ۽ اي پي سي ۾ اھو اعلان ڪيائون تـ اسين سنڌ دشمن ان منصوبي خلاف ھر اتحاد ۾ شامل ٿي ان خلاف ھر احتجاج ۾ گڏ بيھنداسين ان کان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري پنھنجو بيان جاري ڪندي چيو آھي تـ ڪينال ٺاھڻ کان اڳ سموري پاڪستان جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ گھرجي ھا اتفاق راء سان اھي ڪينال ٺاھيا وڃن ھا تـ بھتر ھيو بغير اتفاق راء وارا ٺھندڙ ڪينال ڪنھن بـ صورت ۾ قابل قبول نـ آھن ـ
ھن وقت تمام ڌرين کي گڏجڻ گھرجي ھڪ ٻئي کي غدار ۽ سنڌ دشمن جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ وارو راڳ بند ڪري سنڌ خاطر سنڌوء خاطر گڏجي ھڪ طاقتور اتحاد جوڙي انھن ڪينالن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو ھڻي ان رٿا خلاف آواز بلند ڪري انـکي رد ڪرائجي لکين ماڻھن جي احتجاج بعد ورلڊ بئنڪ وارا پاڻمرادو انھن ڪينالن لاء فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا بس ھاڻي سياسي اختلاس ھڪ طرف رکي ھڪ ٿي ڪري احتجاج ڪيو وڃي بھتر رھندو باقي الڳ الڳ اتحاد ٺاھڻ سان ڪو بـ فرق نـ پوندو ھڪ ٿيڻو پوندو سنڌوء خاطر سنڌو درياء خاطر گڏجڻو پوندو










