سنڌ ۾ ملتوي ڪرايل مڪاني چونڊون ۽ پنجاب ۾ ٿيل سياسي سيٽ اپ!

سنڌ ۾ ملتوي ڪرايل مڪاني چونڊون ۽ پنجاب ۾ ٿيل سياسي سيٽ اپ!

محمد اسماعيل
سنڌ صوبي اندر ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن کي ملتوي ڪرائڻ لاء ٻُڌايو پيو وڃي ته پ پ قيادت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي خدشن کان آگاه ڪيو ته سنڌ صوبي اندر برسات ۽ ٻوڏن جو خطرو آهي جنهن سبب ووٽرن ۽ عملي کي پولنگن تائين پهچائڻ وارو عمل ڏُکيو ٿي ويندو ۽ انجي پسمنظر ۾ اليڪشن ڪميشن پاران درخواست تي عمل ڪندي چونڊن جو ٻيو مرحلو آگسٽ جي 28 تي ڪرائڻ جو فيصلو ٻُڌايو آهي پر چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪُجھ ڪهاڻي ٻي ٻُڌائي پئي وڃي ته پنجاب صوبي ۾ ٿيل ضمني چونڊ نتيجن ۾ حڪمران جماعت ۽ وڏين اتحادين جي حمايت هوندي ن ليگ جي شڪست سنڌ جي حڪمران جماعت پ پ کي وڏو خوف هو ته اگرچ برسات دوران ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ته کين ڪارڪردگي خراب ٿي سگهي ٿي ان ئي سبب ٻئي مرحلي جي چونڊن کي ملتوي ڪرايو ويو آهي تخت لاهور ۾ ڪاميابي بعد پي ٽي جي ڪارڪردگي ۾ نئون روح ڦوڪجي چڪو آهي جيڪو سنڌ ۾ خاص طور راڄڌاني ڪراڇي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سان منهن ٽوڙ مقابلي لاء مذهبي جماعت ٽي ايل پي سندرا ٻڌي بيٺي آهي پهرين به ڪراچي جي هڪ تڪ تي ٿيل ضمني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٽي ايل پي اميدوار وچ ۾ ون ٽو ون مقابلو پڻ ٿيو هو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي خدشو هو ته ترت ٿيندڙ اليڪشن ۽ برساتن جي ڪري هڪ طرف ورڪ ۾ ڏُکيائيون ٿينديون ٻئي طرف کين عوام کي مطمئن ڪرڻ ناممڪن ٿي سگهي ٿو اليڪشن ملتوي ڪرائي مضبوط تڪن تي ڪُجھ قدر ترقياتي ڪم ڪرائي ووٽرن کي مطمئن ڪجي جيئن شڪست واري خطري کي في الحال ٽاري سگهجي سنڌ صوبي اندر بلدياتي چونڊن واري اعلان کان پوء خاص طور صوبي جي وڏين سياسي پارٽين کي خوف هو ته صوبي اندر مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل عوام کان ڪهڙي نموني ووٽ جي گُھرڪري سگهبي , ان لاء انهن فارمولو طئي ڪري اليڪشن ڪميشن کان سنڌ صوبي اندر چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرايو ذريعن موجب پ پ اهو جواز ڏنو آهي ته خاص طور سنڌ جي ٻھراڙين ۾ روڊ رستن جي حالت خراب آهي انهن علائقن ۾ چونڊ انتظامن کي تشڪيل ڏيڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو, ۽ جڏھن ته ٻئي طرف ساڳي پ پ سنڌ صوبي ۾ گذريل پندرنهن ورهين کان برسراقتدار آهي ۽ وڏي واڪي پڻ دعوائون ڪندي رهي آهي ته سنڌ ۾ خاص طور روڊن جو ڄار وڇايو ويو آهي جيڪڏھن روڊ رستا به بهتر هئا ته پوء چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ڪهڙو جواز ذريعن موجب تخت لاهور ۾ ضمني چونڊن ۾ 20 سيٽن تي پي ٽي آء جي ڪلين سوئيپ بعد ن ليگ قيادت کي ايندڙ قومي اليڪشن ۾ شڪست جو وڏو خطرو هو اڪثريت جي حساب سان تحريڪ انصاف ن ليگ کي چئلينج ڏنو ته وفاقي حڪومت کي ڪيرائڻ اسان جي هٿ وس آهي پي ٽي آء جي ڪاميابي بعد سڀ کان وڏو خوف پ پ کي هو, پنجاب ضمني نتيجن جي اعلان بعد آصف علي زرداري اڳ ئي بيان جاري ڪندي چئي ڇڏيو هو ته ڪُجھ به ٿئي وزير اعلي حمزا شهباز ئي هوندو زرداري صاحب جي ان بيان بعد شيخ رشيد چيو اسان جي اميدوارن کي خريد ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن ۽ظاهري طرح ان ٿيل سياسي سازش جو نتيجو ملڪ جي عوام سامهون پڌرو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ وزير اعلي جي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف اميدوار پرويز الاهي اڪثريت باوجود 10 ووٽ خارج ٿيڻ تي حمزا شهباز 179 ووٽن تي وزير اعلي پنجاب منتخب ڪيو ويو, پنجاب ۾ وزير اعلي جي سيٽ تي ڪافي وقت کان مختلف نمونن جون قياس آرائيون ڪيون پئي ويون ته ضمني چونڊن ۾ ن ليگ ناڪام ٿيڻ کانپوء شايد شهباز شريف جي وزارت عظمي کي خطرو آهي پر اهي سڀ ڳالهيون حمزا شهباز جي وزير اعلي منتخب ٿيڻ بعد هوا ۾ اُڏامي ويون آهن ۽ دراصل تحريڪ انصاف جي اڪثريت باوجود هارائڻ هڪ وڏو سياسي الميو قرار ڏنو پيو وڃي ته آخر ملڪ اندر عوام جي مينڊيٽ کي ڪڏھن تسليم ڪيو ويندو طاقتور ڌرين کي جيئن وڻي ٿو تيئن ڪن ٿيون ته پوء اليڪشنن ۾ اهي اربين رپيا خرچ ڪرڻ ڪهڙي ڪم جا, جيڪڏھن سليڪشنن جو قدر آهي ته پوء اليڪشنون اجايو ۽ فضول تصور ئي ڪجن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو ملتوي ٿيڻ ۽ پنجاب ۾ وزير اعلي جي چونڊ ۾ حيرت انگيز نتيجن تي هر عام ۽ خاص ماڻھون ڄاڻي چُڪو آهي ته هن وقت عام چونڊون ڍونگ آهي الڪشنن جا فيصلا عوامي ووٽن سان نه پر وڏين لالچن وسيلي ٿي رهيا آهن جنهن جو فيصلو پنجاب جي وزير اعلي جي چونڊ ثبوت آهي ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جي مداخلت سان عوام جي تقدير ۽ قسمت کي بدقسمتي ۾ تبديل ڪرڻ واري روش انتهائي ڳڻتي جوڳي روش آهي اگرڇ عوام جي ڀلائي لاء ڪُجھ نٿو سوچيو وڃي ته ذرا ملڪ جي بهتر ۽ ڀلائي لاء سوچيو وڃي ڪنهن جي حق تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي جمهوري روايتن جي پاسداري تحت حق پائمال نه ڪجن
سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ ۽ پنجاب ۾ سياسي سيٽ اپ واري ماحول سبب عوامي ذھنن ۾ ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن ته آخر اصل طاقتن اڳيان عوام جي حقن جو حقيقي قدر ڪڏھن ٿيندو ان ئي سوال عوام جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ۽ حڪمرانن جي پاليسين عوام جي ڦٽن تي مرهم بجاء لوڻ ٻُرڪڻ وارو ڪم جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو