” منور برھماڻي “
دودي جي سنڌ ايڏي نڌڻڪي ته نه ھئي ، ھوشو ھيمون رت جو ريج اڄ جي سنڌ جي صورت حال لاءِ ته نه ڏنو ھو ، روپلي ڪولھي ، شھيد فاضل راھو جان جو نظرانو ان ڪري ته پروان نه ڪيو ھو ، جو سنڌ کي قتل گاھ بڻائي امن جي پکين کي پرديسي پکين جيان آڏاري دھشتگردن ، غنڊن ڀوتارن جي دلا ھٿياربندن ، ڌاڙيلن جي حوالي ڪئي وڃي ، سنڌ جي ننڊي وڏي شھر ، ڳوٺ ۾ ماڻھون ھر وقت احتجاج جي روپ ۾ آھن ، ڪٿي ڳڀرو جوان جو لاش رکي ، ڪٿي پنھنجي ئي گھر ۾ محفوظ نه ھجڻ خلاف ، ڪٿي پوليسگردي ته ڪٿي سري عام فرلٽ ته ڪٿي لاقانونيت ۽ ڏاڍ جبر جي خلاف دانھن ڪوڪن جي روپ ۾ روڊن تي آھن ، مگر قانون انڌن گوگن جيان خاموش تماشبين بڻجي رھجي ويو آھي ، ڪٿي آصف مغيري کي ڏينھن ڏٺي جو گولين جو خاڄ بڻائي ابدي ننڊ سمھاريو وڃي ٿو ته ڪٿان معصوم ٻارن ، عورتن جون ريھون ڪيھون آسمان ڏارين ٿيون ، مزدور ماڻھون ڪم تي ويندي آغواھ ٿيو وڃن ، آغواه برائي طيوان جي نالي ، جيڪو انسان سڄو ڏينھن مزدوري ڪري ، ھر ڪاھي ، زمين جو سنو چيري ۔کيت کيڙي ٻچن جي ٻن ويلھي ماني لاءِ جسم جو پگھر واھائي ، اُن ڪڻي لاءِ، ڀلا ان مسڪين وٽ ڇا ھوندو ڏيڻ لاءِ ، مٿان وري آسمان تڏھن ريزا ريزا ٿئي ٿو جڏھن آزادي لاءِ ويھ لک گھريا وڃن ٿا ، جنھن شخص ڪڏھن ھڪ ئي ٽائيم ويھ ھزار نه ڏٺا ھجن اھو ويھ لک ڪٿان ڌيندو ، پورو خاندان سڄي زندگي لاءِ پاڻ کي گروي رکي تڏھن به ايتري رقم جي تڪازه ڪرڻ سندس لاءِ ناممڪن آھي ، سنڌ ڌرتي جيڪا پنھنجي ثقافت ۾ امن ، ڀائيچاري جي نالي جيڪا دنيا ۾ سڄاڻپ پيدا ڪئي ، مان مرطبو حاصل آھي ، جنھن مھاوري تي اسان فخر ڪندا آھيون “ ڇا موجوده صورت حال ۾ اسان ان جا دائويدار جا حقدار آھيون ، اھو ڪانسيپٽ مونکي پري پري تائين نظر نه ٿو اچي ، تازو
پولينڊ کان آيل سئيڪل ٽئورريسٽ کان سجاول ۾ ھٿيارن جي زور تي ڦور ڪھڙو ڏس پي ڏئي ،اھي ڪھڙو ميسج کڻي ويندا سنڌ سجاول لاءِ ، جيڪي 10ملڪ گھمي سنڌ جا تاريخي ماڳ نظرن سان پسڻ لاءِ اکين ۾ ڪئي خواب سجائي سجاول پھتا ، جتي جي ۾ جايون ڏئي ڈ آڌر ڀاءُ ڪرڻ بجائي ڏک تڪليف ڏني، ھاڻ ڪھڙا خواب ، ڪھڙو ميسج کڻي ويندا ، ڦرون ڌاڙا آغواه برائي طيوان قتل و غيرت ، ويڙھ جھيڙا ، چادر ۽ چوديواري جو پئمال ، عورتن ، ٻارن ، جوانن جي لاشن جون تصويرون اخبارن جو پيٽ ڀري خبرن جي زينت بڻجن ٿا ، قانون نالي ته ڄڻ ڪو وجود ئي ناھي ، ڪڏھن ڪراچي ۾ ڌاري لوڌ ھٿان سنڌي شھزادا ماريا وڃن ٿا ، ته ڪٿي پنھنجن ھٿان ڳوٺن ۾ روز پيا ڪسجن ته ڪٿي اميرن ھٿان تزليل ۽ عزتن جا جنازا کڄندي نظر اچن ٿا ، سنڌ اندر بدامني جو راڄ قائم ڪيو پيو وڃي ، سنڌ پوليس ۽ قانوني ايدارا ڪرائيم کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن ، جنھن سبب اسٽريٽ ڪرائيم ڏينھن به ڏينھن وڌڻ ڪري شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن ، وڌندڙ ڏوھن عام ماڻھو جو جئيڻ جنجھال ڪري ڇڏيو ، ٻه ڏينھن اڳ قلندر جي نگري ۾ گول مارڪيٽ ڀرسان نامعلوم ھٿياربند اچن ٿا ،وچ شھر ۾ ھٿيارن جا منھن کولي چوويھ سالا نوجوان سجاد ينگياڻي کي قتل ڪري آرام سان فرار ٿي وڃن ٿا ، پوري شھر جتي وک وک تي پوليس موجود آھي “ ڪنھن به نظر نٿا اچن ، ان کان وڌيڪ انڌير نگري چرٻٽ راڄ ڪنھن چئبو آھي،رھي ڪثر چونڊيل نمائيندا پنھنجي حلقي ۾ مرضي جا عملدار رکرائي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي پوري ڪن پيا ، پوليس ، اعلیٰ عملدار ڪمداري ڪرڻ ۾ پورا آھن ، ته ڪجھ ھٿ ٻڌيو ويٺا آھن ، سندن جو چوڻ ھوندو آھي اسان کي ڪجھ به ڪرڻ کان روڪيو ويو آھي ، جنھن جو پورف ڪجھ ڏينھن اڳ جو ايس ايس پي حفيظ بگٽي جو بيان سوشل ميڊيا تي موجود آھي ، جنھن ايتراف ڪيو ته ، مان وڏي محنت کان پوءِ ڏوھاري گرفتار ڪيو ته ، ڪلاڪ اندر مونکي بالا آفيسر جي ڪال آئي ان ماڻھو کي ڇڏي ڏيو ، موتي وڏو پريشر وڌو ويو ، انھي سڄي معملي تي انڊين مووي نائيڪ اکين ڏٺو ثبوت آھي ، ماڻھو آخر دانھن کڻي وڃي به ته ڪنھن وٽ ، ڪو وقت ھوندو ھو ، انسان پاڻ کي پنھنجي گھر ۾ محفوظ سمجھندو ھو ، گھر اچي سک جو ساھ کڻي پاڻي جو گلاس پئي کٽ تي وينھاڻي کي ٺيڪ ڏئي ڪجھ گھڙين لاءِ وڏا ساھ کڻي پاڻ کي پنھنجي ننڍڙي سلطنت جو بادشاھ سمجھندو ھو ، مگر موجوده وقت ۾ گھر اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ ويرم ئي سوک جو ساھ نه کڻي سڳھندو آھي ، اندر داخل ٿيڻ کان پوِءِ به اکيون کليل ۽ در ، ديوارن ڏانھن انھي خوف کان کڄنس ٿيون متان ڪو چورو ، ڦورو داخل نه ٿي اچي ، ھڙ ۾ ته ڪجھ ناھي مگر مرڻ جو خوف ننڊون کڻي وڃيس ٿو ، سنڌ جو اھو شھر ڳوٺ ، ڪنڊ ناھي جتي واردات جو جنم نه ٿيندو ھجي ، رھي ڪثر ڀوتار ۽ پوليس پوري ڪري ڇڏين ٿا ، صفا ھٿ کس واري مرحلي مان سنڌ جو عام ماڻھو گذري پيو ، سنڌ حڪومت جي نااھلي چئجي يا انسانيت جو موت ، جو انساني جانين جي ڄڻ ڪا اھميت ئي نه رھي آھي ، ماڻھو ، ماڻھو جو ائين پيو ٿو خون وھائي ، ڄڻ قرباني تي جانور زبح ڪيا ويندا ھجن ، وڏو علميو اھو آھي ته اھي ماڻھو ماري به سري عام وري به ھٿياربنده ٿي گھمن ٿا ، پوليس کي طاقت ناھي جو انھن جو نالو وٺي وڃي ، ڇو ته انھن مٿان چونڍيل نمائيدن ، ايم پي اي ، ايم اين اي يا ڪنھن نالي واري ڀتار خور صحافي جو مٿن آشيروات ھجي ٿو ، رسول بخش پليجو ، جي ايم سيد ، بشير خان قريشي سدائين ان ڏاڍ ظالم جي خلاف جدوجھد ڪئي ، عوامي ميڙاڪن کي مخاطب ٿي تڏھن ئي ڇئي ڇڏيو ھو ، ھي ڌاڙيل اٿئو ، چور ، دھشتگرد ، صفيد پوش وڏيران آھن ، سنڌ کي وڻڪي سنڌ جو امن امان تباھ ڪري ڇڏيندا ، اڄ اھي سڀ حقيقتون اسان جي سامھون آھن ، سنڌ جي شھرن سکر ، جيڪب آباد ، ڪشمور ، ڪنڏ ڪوٺ ، لاڙڪاڻو ، ٿر ، بدين ، دادو مڪمل طور ڌاڙيلن ڦورن ، دھشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏيا ويا آھن ، سنڌ مان امن جو پکي آڏامي ويو آھي ، پرديسي پکين جيان ڪنھن اڻڄاڻيل ڏيھ ڏانھن ، جتي ڳولڻ مشڪل ٿي ويو آھي ، مگر اتي سوال اھو ٿو پيدا ٿي آخر سنڌ جي امن امان جي تباھ ڪن صورتحال جو زميوار ڪير آھي ، سنڌ پوليس ، چونڍيل نمائيندا يا سنڌ حڪومت ۔










