ڄامشورو: (ن س) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب پهچائڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو چوڻ آهي ته سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي خاص هدايتن تي 31 جولائي کان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي درسي ڪتاب پهچائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو هو، 15 ڏينهن اندر سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ تعلقي سطح تائين درسي ڪتاب پهچايا ويا آهن.چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو چوڻ آهي ته درسي ڪتابن جي کوٽ وارين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران درسي ڪتابن جي تياري، اشاعت ۽ ورهاست کي يقيني بڻائيندي سنڌ جي نئين نسل کي علم ۽ شعور سان گڏو گڏ فني تعليم واريون صلاحيتون وڌائڻ وارو مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.










