سريلنڪا پهرين ون ڊي ۾ زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي

سريلنڪا پهرين ون ڊي ۾ زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي

هراري (ويب ڊيسڪ)سريلنڪا پهرين ون ڊي ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ زمبابوي کي 7 رنسن سان شڪست ڏني.هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا پهرين بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن تي 298 رنسون ٺاهيون.سريلنڪا لاءِ پاٿم نسانڪا 76، جنٿ لياناج 70 ۽ ڪمندو مينڊس 57 رنسون ٺاهيون.جواب ۾ زمبابوي پهرين اوور ۾ ٻه وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، پوءِ بين ڪران ۽ شان وليمز اسڪور کي 118 رنسن تائين پهچايو، ڪران 70 ۽ وليمز 57 رنسن تي آئوٽ ٿيا.زمبابوي کي آخري اوور ۾ 10 رنسن جي ضرورت هئي، پر سريلنڪن بالر دلشان مادوشنڪا 3 بالن ۾ 3 وڪيٽون وٺي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏانهن وٺي ويا.سڪندر رضا 92 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پر هدف کان 10 رنسن گهٽ آئوٽ ٿي ويو. زمبابوي 8 وڪيٽن تي 291 رنسن ٺاهڻ کان پوءِ همت وڃائي ويٺو.سيريز جو ٻيو ۽ آخري ميچ آچر تي ٿيندو. سيريز جا سڀئي ميچ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس چينل، جيو سوپر تي لائيو نشر ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو