ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڊچ هيڊ ڪوچ سيگفيڊ ايڪمن سڄي رمضان مهيني جا روزا رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڳالهائيندي سيگفيد اڪمان چيو ته مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته روزا رکڻ ايترا فائديمند هوندا، مون هاڻي پوري رمضان جا روزا رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”شروعات ۾ مون کي ان جي عادت ٿيڻي هئي، مون کي سر درد هو، مون کي معدي جي تڪليف هئي، پر اهو ڪجهه ڏينهن تائين هلندو رهيو،“ سيگفريڊ ايڪمن چيو.ڊچ ڪوچ جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ مون سوچيو هو ته جيڪو تجربو ڪري رهيو آهيان اهو گهڻو وقت نه هلندو، اهو ڪجهه ڏينهن تائين هلندو پر پوءِ مون کي هر شيءِ پسند اچڻ لڳي ۽ مون کي عادت پئجي وئي.










