رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو ۽ رليف پيڪيج جا سکڻا اعلان

رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو ۽ رليف پيڪيج جا سکڻا اعلان

اعجاز ممنائي
رمضان المبارڪ 1445هه جو آغاز ٿي چڪو آھي مسلمان لاء هي نهايت افضل ۽ عبادت جو مهينو آھي. هي مهينو روزن سان منسلڪ آهي جنهن جي ڪري هن مهيني کي وڏي فضيلت حاصل آهي ماه رمضان المبارڪ برڪتن ۽ رحمتن جي نزول جو مهينو آهي خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي رمضان المبارڪ جو پورو پورو حق ادا ڪن ٿا. روزو اها خاص عبادت آهي. جنهن ۾ انسان جو روح پاڪ ۽ جسم چاڪ و چوبند ۽ تندرست رهي ٿو. ڪجھه به نه کائڻ سان جسم جي اندر اهڙا اينٽي وائرس پيدا ٿين ٿا ، جيڪي بيمارين واري وائرسن کي ختم ڪري ڇڏين. ۽ روزي جي بدولت عبادت رياضت ۽ پڻ گناهن کان بچجي ٿو ، هن سان انسان جو روح پاڪ و پاڪيزه رهي ٿو. انسان الله پاڪ جي ويجهو رهي ٿو ۽ شيطان کان پري رهي ٿو.پوري مسلم دنيا هن مهيني جي اهميت ۽ فضيلت کي بيان ڪري ٿي پر عملي ميدان ۾ اسان جي ملڪ ۾ ھن مهيني کي ڪمائيء جو مهينو قرار ڏيئي عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا ڪيا وڃن ٿا۔ مون سوشل ميڊيا تي رمضان المڀارڪ جي استقبال جو عجيب واقعو پڙھيو ته اتر عراق جي شهر ”موصل“ سان تعلق رکندڙ جنرل اسٽور جي مالڪ ”مويد الميزان“ رمضان المبارڪ جي استقبال ۾ پنهنجي ‘قرض جي ڪاپي’ ساڙي ۽ پنهنجي تمام قرضي ڪسٽمرز کي قرض معافي ڪري ڇڏيو آهي ”مويد الميزان“ جو چوڻ آهي ته پنهنجي قرض جي ادائگي جي لاءِ ڪوبه ڪسٽمر منهنجي دڪان جو رخ نه ڪري ڇوته رمضان المبارڪ جو مهينو معافي تلافي جو مهينو آهي مان توهان کي قرض معاف ٿو ڪيان جيئن ﷲ مون کي به معاف ڪري ۽ توهان قرض جي ٻوجھه کان هلڪا ٿي ڪري بالڪل سڪون سان ﷲ جي عبادت ڪري سگهو۔ ٿي سگهيوَ ته مون کي به پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو!!۔
پر اسان وٽ پاڪستان ۾ رمضان ايندي ئي ضروريات زندگي جي شين جي زخيرہ اندوزي ڪري ڄاڻي واڻي ريٽ چاڙهيا ويندا آهن ۽ ماهه مبارڪ رمضان کي رحمت جو مهينو سمجهڻ بجاءِ ”غريب ماڻهن“ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو مهينو سمجهيو ويندو آهي! عوام حڪومت مان اميد رکندو آھي ته هن مهيني گهٽ ۾ گهٽ مهانگائيء مان جان ڇٽندي ۽ پنهنجي اولاد کي ٻه ويلا ماني سڪون سان کارائي سگهبي۔ روزيدارن لاء شيون سستي اگهه تي ملنديون ڇوته ملڪ تي ٻن خاندانن جي مسلط ٿيل حڪومت وري جڙي چڪي آھي ۽ حصه پتي تي ملڪ جون واڳون سنڀالي مهانگائي کي ٻنجو ڏيڻ لاء قدم کڻندا۔ ڇوته هاڻي تازو عوام سان وعدا ڪري ووٽ وٺي ويا آھن۔
ماهه مبارڪ رمضان جو چنڊ ڏسندي ئي ٻيو ڀيرو چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اشرافيا کي ملندڙ سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. ڪابينا جو چوڻ آهي ته ڪميٽي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. وزيراعظم ضروري شين جي قيمتن ۾ غير ضروري واڌ ۽ ناجائز منافعو خورن خلاف سخت ڪارروائي جي سخت هدايت ڪئي ۽ چيو ته منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهو مهانگائي جي بار هيٺان دٻجي ويو آهي، اشرافيه کي سبسڊي ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي. هن چيو ته اسان جي گذريل حڪومت ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ ۾ 12 ارب رپين جو رليف پيڪيج ڏنو، موبائل يوٽيلٽي اسٽور ٻيهر شروع ٿي رهيا آهن، بي آءِ ايس پي تحت اضافي ڪيش ڏنو پيو وڃي. شهباز شريف چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافي رقم ڏني پئي وڃي، قوم کي سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي. مهانگائي گهٽ ڪرڻ اسان جو پهريون امتحان آهي، غريبن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ قيمتن تي ضابطو صوبن سان گڏ ڪنداسين. آڱرين تي ڳڻڻ جيتري اشرافيا 90 سيڪڙو وسيلن تي قابض آهي، انهن کي سبسڊي جو ڪو جواز ناهي، گئس ۽ بجلي جو گردشي قرض 5 هزار ارب رپيا آهي، پگهارون به به قرض وٺي ڏئي رهيا آهيون هول سيلرز غائب ۽ ننڍا وڪرو ڪندڙ جدوجهد ڪري رهيا آهن. عالمي ادارا چون ٿا ته ريزڪي ڪاروبار ڪندڙن تي ٽئڪس لڳايو، اهي پنهنجي جاءِ تي پر ٻڌي ڪاروبار وارا ڪاڏي ويا.وزيراعظم جي اعلان ٻڌندي ئي واپارين ڪن لاٽار ڪندي شين جا اگهه آسمان تي چاڙھي ڇڏيا نالي ماتر رمضان پئڪيج ساڍا ارب مان وڌائي 12 ارب ڪرڻ باوجود عوام مٿان مهانگائيء جو بم ڪيرايو ويو ان مهانگائيءکي روڪڻ ڪنهنجي زميواريء ۾ شامل آھي۔ هن وقت ڀاڄين جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آھي پٽاٽا 80 روپيه ڪلو،بصر 300 روپيه ڪلو۔ٽماٽا 200 روپيه في ڪلو جڏهن ته ڦروٽ غريب جي وٺڻ کان تمام پري ٿو۔هر ضلعي جي ڊي۔سي نمائش طور ريٽ لسٽ دڪان تي لڳائي ڇڏي آھي پر ان جي باوجود غريب کي ڪوبه فائدو ڪونهي۔ سرڪار جا رليف رڳو ڪاغذن تائين محدود آھن جيڪڏهن عوام کي هن ڀلاري مهيني ۾ به عملي طور فائدو نه ٿا رسائي سگهن ته پوء اهڙا اعلان ڇو ٿا ڪن۔هر ڊي سي پنهنجي پنهنجي ضلعي ۾ وزيراعظم جي رليف پئڪيج کي عملي جامو پهرائڻ لاء سرگرم ٿي وڃن ۽ زخيره اندوزي ڪندڙن خلاف بي رحمانه ڪاروائي ڪري عام واهپي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪن ته عوام هن مقدس مهيني جي رحمتن ۽ برڪتن کي حاصل ڪري وٺندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو