لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي ماڻهن کي خلا ۾ وڃڻ جي خواهش هوندي آهي ۽ هاڻ ان خواهش جي پورائتي ڪرڻ به آسان ٿي ويو آهي ڇو ته دنيا جو پهريون نجي خلائي اسٽيشن جو عملو متعارف ڪرايو ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب دنيا جو پهريون نجي خلائي اسٽيشن عملي جي قيادت آمريڪي خلائي اداري(ناسا) جا اڳوڻا خلا باز ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ اهو هيوسٽن جي ڪمپني ايڪسيم اسپيس جي لا3 ڪم ڪري رهي آهي. ناسا اسپيس اسٽيشن پروگرام جي اڳوڻي مئنيجر ان حوالي سان چيو هو ته هي عالمي خلائي اسٽيشن جي جي پهرين نجي اڏام آهي ۽ ان کان اڳ ائين ڪڏهن ناهي ڏٺو.جڏهن ته هي منهنجي به عالمي خلائي اسٽيشن جي لاءِ پهرين نجي اڏام هوندي. دنيا جي پهرين نجي خلائي اشٽيشن تي اڏام جي لاءِ ويندڙ خواهشمند ٽن ماڻهن مان في ماڻهو 55 ملين ڊالر ادا ڪندو خلا ۾ ويندڙ اهي ٽئي ماڻهو مدار ۾ تحقيق ڪندا. جڏهن ته ڪمپني خلا جي ان سفر جي شروعات ايندڙ سال جنوري ۾ ڪندي.










