جهاد گروپ آف انڊسٽريز لميٽڊ جي بيشمار ترقي ۽ سرمائيڪاري جا فائدا

جهاد گروپ آف انڊسٽريز لميٽڊ جي بيشمار ترقي ۽ سرمائيڪاري جا فائدا

طفيل مگسي
هي انهن ڏينهن جي ڳاله آهي ته۔۔۔جڏهن به ڪشمير ۾ ڪو چوڪرو شهيد ٿيندو هو ته ان جي گهر وارن کي شهادت جو اطلاع ڏيڻ جو طريقو نهايت عجيب وغريب ۽ دلچسپ هوندو هو۔۔۔جماعت جي طرف کان ٽي چار ڀاء ۔۔۔جن جا جمائتي نالا هوندا هئا۔۔۔۔ابو تراب يا ابو طلحه يا ابوالقاسم۔۔سڀني جي نالن ۾ ابو سڃاڻپ جي طور تي ساڳئي هوندي هئي۔
اها گينگ شهيدن جي گهر اطلاع ڏيڻ ويندي۔۔۔ته اوهان جو نينگر حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي۔۔۔ته ڳاله اوهان جي لاء ڪنهن اعزاز کان گهث ناهي۔۔۔جيتوڻيڪ اوهان جي نينگر جي جنازي جي نماز حافظ صاحب يا عبدالرحمن مڪي يا سيف الله خالد يا ڪو ٻيو امير المجاهدين صاحب پڙهائيندو۔۔۔۔۔۔
پوء نه ته شهيد جي ماء پنهنجي جگر جي ٽڪري جي لاش تي روڄ راڙو ڪندي هئي نه وري پوڙهو پيء پنهنجي جگر جي ٽڪري جي جنازي کي ڪلهو ڏئي سگهندو هو نه ڀيڻ پنهنجي ڀاء جي لاش تي ماتم ڪري سگهندي هئي۔چوته انهن جي عزير جو لاش نه ڄاڻ ڪنهن جي ڌنڌي جو رزق بڻجي ڪري سرينگر جي چوڪ ۾ ٽنگجي ويو۔۔
مگر جماعت جي هفيتوار اخبار يا رسالي ۾ باقاعدگي سان شهيد جي ڪرامتن ۽ انهن جي گهر وارن جي حوصلي جا داستان ۽ جنازي جون وڏيون خبرون چپنديون هيون۔۔
مگر نه چپندو هيو ته فقط اهو نه چپندو هو ته شهادت جي ڊيل ۾ ان ڌنڌي جي سي او ڪيترا نوٽ چاپيا يا ڪمايا۔۔۔۔
اوهان جي پث يا ڀاء جي موت جي پبلسٽي کان ڪيترو چندو انهن جي اڪائونٽ ۾ ويو۔۔۔اوهان جو پٽ يا ڀاء ته ان انڊسٽري جي هڪ انويسٽمنٽ هو۔جئين اميرالحمزه جهڙي ليکڪ شهيد جي لاش کان ڪيترائي سال پوء به تازو رت وهنڻ ۽ انهن جي قبرن کان اچڻ واري خوشبو جي پٺيان لڪائينداسين۔۔۔۔
اهو جهاد حقيقت ۾ تمام وڏي انڊسٽري آهي۔۔۔جتي اربن جو ڌنڌو ٿيئي ٿو۔۔۔هتي ڪروڙن جي فنڊنگ هڙپ ٿي وڃي ٿي۔۔۔ڪٿي سعودي کان ريالن جو من وسلوي لهي ٿو۔ڪٿي نمبر ون جون تجليون انهن کي فائدو ڏين ٿيون۔۔۔۔
انهن جو اهو ڪاروبار نهايت منظم هوندو آهي۔۔۔۔وڏين پارٽين کان فنڊ ڪڍڻ ۾ اهي وڌا ماهر ۽ چالاڪ هوندا آهن۔ايستائين ته اسامه بن لادن جي استاد عبدالله عزام کان به ڪروڙ ڪڍي وٺندا هئا۔۔هنن مريدڪي مرڪز جي تعمير جي لاء۔۔۔جماعت جي ويڙهاڪ ونگ جي سربراه ۽ زڪي الرحمن لکنوي جا عرب ڪنڪشن ڪافي مظبوط آهن۔۔۔انهن جي ڀيڻ هڪ عربي شيخ ابو عبڍالله صحرائي سان پرڻائي وئي آهي۔۔۔صرف ابو عبدالله ڏه ملين روپيا ڏنا هئا مريدڪي جو مرڪز تعمير ڪرڻ جي لاء۔۔۔۔
چندي جي لاء انهن وٽ هڪ کان هڪ وڏو فنڪار هوندو آهي۔۔۔برصغير ۾ سرسيد کانپوء چندي گڏ ڪرڻ جو هنر انهن کي ئي وراثت ۾ مليو آهي
“ڪشمير جي ڌيء رت ۾ وهنتل چادر ويڙهيون تنهنجي راه تڪي رهي آهي۔۔۔سرينگر جي زندان ۾ قيد مجاهد تنهنجي انتظار ۾ آهن۔هندو سنگينن جي هيٺان زندگي گهارڻ وارن ڪشميري ڀائرن کي تون ڪهڙو منهن ڏيکاريندين محشر جي ڏينهن”۔
ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي ڪري ته مون جهڙو منڪر انسان به پگهرجي سگهي ٿو ته نارمل مسلمان ڪئين نه پگهرندو۔۔۔۔
پنج سو ملين روپيا صرف چندي جي مدد ۾ اڏاريا وڃن ٿا۔نه صرف اهو بلڪ ان سان شهيدن جي فنڊ جا نالي سان به کيسا ڀريا وڃن ٿا۔۔۔۔خاص ڪري حج واري عيد جي دوران کلون گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا۔
ٻوڏ ۾ ٻڏل يا زلزلي جي ماريل يا فلسطيني يا برما جي مسلمانن جي مدد جي نالي تي چگي ڪافي دولت گڏ ڪئي وڃي ٿي۔۔۔ان جو هڪ دلچسپ مثال بالاڪوٽ واري زلزلي جو آهي۔۔۔۔ان جي فنڊنگ واري نالي تي پنج ملين برطانوي پائونڊ هتي وٽن پهتا ته هن منجهان اڌ به متاثرن کي نه ڏنا ويا۔۔۔۔بلڪ ادارو خدمت خلق جي نالي ساڻ هڪ ڊمي جماعت ٺاهي ڪري انهن کي ڳڙڪايو ويو۔۔۔
جهاد انڊسٽري رئيل اسٽيٽ ۾ به ڪافي انويسٽ ڪري ٿي۔” jihad inc ….back in business ” جو مصنف عامر رانا لکي ٿو ته ۔۔۔صرف هڪ جماعت جا لاهور ۽ جيدرآباد ۾ هڪ سو اسي ملين جا پلاٽ آهن۔۔۔۔جن کي رئيل اسٽيٽ جي ڌنڌي ۾ استعال ڪيو وڃي ٿو۔۔
سيد دائود گيلاني عرفHoward headly تمام دلچسپ ڪردار آهي امريڪي نسل لشڪر طيبه جو ميمبر هو۔۔۔حافظ صاحب جي نهايت ويجهو هو۔۔۔امير جي ئي چوڻ تي هن بمبئي حملن جي لاء بمبئي وڃي ڪري ڪردار ادا ڪيو هو۔۔۔جيڪو بعد ۾ امريڪي ادارن جي هٿان گرفتار ٿيو۔۔۔ان جو ڳالهيون چرڪائايندڙ هيون۔۔۔هن جانچ وارن کي ٻڌايو ته۔۔۔۔
“تنظيم غير قانوني هٿيارن ۽ منشيات جي ڌنڌي ۾ به ملوث آهي”
هن پاڪستاني ڳجهن ادارن جي خلائي تنظيمن کي فنڊنگ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ۔۔۔
“جڏهن هو انڊيا جي مشن تي وڃي رهيو هو ته پاڪستاني ڳجهي اداري جي ميجر اقبال مون کي پنجويه هزار ڊالر جون ٽي دستيون ڏنيون۔
جهادي تنظيمن جي منشيات جي ڌنڌي ۾ ملوث هئڻ جي تصديق جيترن ئي سورسز کان ڪري سگهجي ٿي۔طالبان جي آمدني جو وڏو حصو افيون جي پوکي راهي کان ايندو هو ۽ اسان جا ڪافي مقدس مقدس ادارن جا آفيسر ان ۾ ملوث آهن۔
سهيل وڙائچ پنهنجي ڪتاب “غدار ڪير” ۾ نواز شريف کان هڪ انٽرويو جو ذڪر ڪندي نواز شريف جو هي اعتراف بيان ڪري ٿو۔
“نواز شريف کي ڳجهي اداري جي ٻن آفيسرن افغانستان جي منشيات کان ٿيڻ واري ڪمائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ وزيراعظم کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست کي ان ڌنڌي ۾ انويسٽ ڪرڻ گهرجي”
مولانا مسعود اظهر جي الرشيد ڀه ڪافي پسئو گڏ ڪندڙ فرنچائيز آهي۔۔۔هن جا مجموئي ڊونر سعودي ۽ اورسيز مسلمان آهن۔۔۔۔اڳ ۾ هن جو ڪاروبار افغان جهاد سان هلندو هو۔ليڪن بعد ۾ مارخور جي چوڻ تي هن پنهنجو رخ ڪشمير ڏانهن موڙي چڏيو۔
ڪشمير ۾ اڳ حزب المجاهدين ۽ حرڪت الانصار اوج تي هيون۔مگر لشجر طيبه وارن۔انهن جو دڪان برباد ڪري چڏيو۔ڪشمير جي اندر مقامي تنظيمون به آهن۔جيئن ڪشمير لبريشن فرنٽ وغيره۔۔۔انهن جي اڪثر فنڊنگ پاڪستان ڪري ٿو۔
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي فنڊنگ جي سڀ کان وڏي beneficiary آهي۔۔۔۔صرف يسد علي گيلانيء ١٩٥٥ء ڏه ڪروڙ روپيي جي روزي ڪمائي هئي ان فنڊنگ کان۔۔۔۔۔
ٻاهرين چندي کي صاف ۽ قانوني جي لاء ڪافي ٽرسٽ ڪشمير ۾ ڪم ڪري رهيا آهن۔۔۔۔جيئن اقبال ميموريل ٽرسٽ ۔اسلامڪ ويلفيئر ٽرسٽ يا ڪشمير ميڊيڪل ٽرسٽ اهي سڀ سندن جي ٻاهرين فنڊن کي پاڪ جرڻ جو ڪم ڪن ٿا۔
ڪولمبيا يونيورسٽيء” Financing structure o terrorist organization in Kashmir “جي نالي سان هڪ آرٽيڪل پبلش ڪيو هو۔۔۔اهو آرٽيڪل پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو۔۔۔ان ۾ نهايت ڏاهپ سان انهن جهادي تنظيمن جي بجٽ کان وٺي ڪري هڪ عام مجاهد جي ٽرينگ ۽ ان جي سامان وارن خرچن تي روشني وڌي آهي۔
اهي جيڪي جهاد جي نالي تي ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارت جي بربادي وارو دهل وڄائين ٿا۔۔۔سڌي ڳاله اها آهي ته اڄ تائين نه ڪشمير آزاد ٿيو آهي ۽ نه ڀارت برباد ۔۔۔۔ها ايترو ضرور ٿيو آهي ته صرف ڪارڪن ئي برباد ٿيو آهي۔
سوچڻ جي ڳاله اها آهي ته جهادي اڳواڻن کي ايتروئي جهاد جو شوق آهي يا جنت ۾ وڃڻ جي ايتري تڪڙ آهي ته پوء اهڙي جهاد ۾ حافظ سعيد جو نينگر چو نٿو وڃي ڪشمير
۔۔۔۔سيد صلاح الدين جا ٻار ته يورپ جي يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا۔۔۔مسعود اظهر جا ٻار چو نٿا شهيد ٿين ڪشمير ۾ ۔۔۔۔چو صرف غريبن جي ٻارڙن کي شهادت جا جام پيارا ويا۔۔۔۔جن جي گهر وارن جو ڪو والي وارث ناهي هوندو۔
شهيدن واري فنڊ جي نالي تي اٽي جي هڪ ٿيلهي ۽ سڪل ڪتل جو هڪ پيڪٽ سال ۾ هڪ ڀيرو رمضان ۾ شهيدن جي وارثن جي منهن تي هڻڻ جو منظر جيڪڏهن ڪو شهيد موت کان اڳ ڏسي وٺي ها ته ڪڏهن جهاد انڊسٽريز ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش نه ڪري ها۔۔۔
ساڳيو ئي حال فلسطيني۔يمني۔لبناني ۽ شام جي بيوقوف عوام سان سندن ليڊرن ڪرايو۔۔۔۽ اڄ اهي غريب فلسطيني۔يمني لباني ۽ شامي پنهجو سڀ ڪجه برباد ڪرائي رهيا آهن۔جڏهن ته باقي مسلمان تماشائي بڻيل آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو