طفيل مگسي
ڪنهن به مذهب جي گستاخي يا ڪنهن به مقدس ڪتاب جي بيحرمتي ڪرڻ نهايت ئي غليظ .بدبودار ۽ ناقابل برداشت عمل آھن.جيڪي ماڻھو انهيء قسم جون ڪريل حرڪتون ڪن ٿا.انهن کي ايترو ئي چوندس ته اي انسانيت جي روپ ۾ بگهڙ صفت.حيوانيت جي سوچ جا مالڪ ۽ غليظ نالي جا ڪيڙا جيڪڏھن اوهان ڪنهن مقدس ڪتاب يا ڪنهن هستي کي نٿا مڃيو ته وڃي ڌوش پايو.ليڪن اوهان ڪنهن طبقي جي دل آزاري جي لاء گستاخي يا توهين جهڙو غليظ عمل ڪيو ٿا ته اهو اوهان کي انسانيت جي دائري کان خارج ڪري ڇڏي ٿو.هونئن به ڪنهن کي اهڙو ڪو به حق ناهي ته اهي بنا ڪنهن سبب جي ٻين جي دل آزاري ڪن.
حقيقت ۾ جيڪي سهڙا عمل ڪن ٿا ته يقينن اهي جانورن کان به ڪريل چئبا.انهن ڪريل صفتن کي منهنجو صرف ايترو چوڻ آھي ته جيڪڏھن اوهان ڪنهن شيء کي درست نٿا مڃيو يا سمجهو ته پوء گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڪريو ته پنهنجي درست شيء کي سامهون رکي۽ فيصلو ماڻھن تي ڇڏي ڏيو نه ڪي بغض ماويا جيان غافل ٿي ڪري ڪنهن جي مٿان بيهي ڪري پنهنجي ڳاله مڃرائڻ جي ڪوشش ڪيو.
هونئن به عقل جي انڌن کي اهو سمجهڻ گهرجي ٿه جنهن ڳاله کي زبردستي مڃرايو ويندو آھي ته اها قطعي درست ناهي هوندي.
ٻيئي پاسي گستاخي ۽ توهين جي نسلي تي هر ايندڙ ڏينهن.جيڪا وحشت گردي ڏيکاري وڃي ٿي اها قطعي طور تي درست ناهي.جيڪڏھن عوام قانون کي پنهنجن هٿن ۾ کڻندو ته اهڙي صورتحال ۾ يا ته رياست جي ڪمزوري جي نشاني آھي.
هڪ رياست جيڪا اوهان جو محض وطن ئي ناهي هوندي بلڪ ان جي آس پاس ٻيون رياستون به هونديون آھن.جيڪي اهڙي غليظ سوچ رکڻ واري رياست سان پنهنجو ڪو به لاڳاپو ناهن رکنديون.جنهن سبب کان رياست اڪيلي ٿي ڪري هوريان هوريان پنهنجو وجود ئي وڃائي ويندي آھي.
مسلم ليگ اها سرڪاري پارٽي آھي.جنهن اڻگهڙيلن جو ٻج پنهنجن هٿن سان ڇٽيو ۽ ان کي پاڻي ڏئي ڏئي ڪري ٻوٽي منجهان وڃڻ ڪري ڇڏيو.ائين جڏھن به مسلم ليگ جو دور ايندو آھي ته بربريٿ وڌي ويندي آھي.جنهن کان اهو تاثر نڪري ٿو ته مسلم ليگ اهڙن اڻگهڙيلن جي حوصله افزائي ڪري ٿي.جيڪي انسانيت جي زندگين سان جلاد بڻجي کيڏدن ٿا.
ڏوهاري ڪهڙي به ليول جو هجي.ان کي به صفائي پيش ڪرڻ جو حق حاصل هوندو آھي.ايستائين ته قيامت جي ڏينهن به جزا و سزا کان پهرين هر شخص پنهنجي عملن جو چٺو پڙھڻ جي ڳاله ڪئي وئي آھي نه کڻي کڻي ڪري فوزخ ڀيرو ڪيو ويندو.جي ائين ٿيو ته پوء اهو انصاف نه ٿيندو.انصاف هيئن ٿيندو ته هر شخص جي عملن جو چٺو سندس هٿ ۾ ھوندو.جذبا ۽ عقيدا پنهنجي جاء تي ليڪن اهو ته ثابت ٿيئي ته ڏوهاري واقعي ڏوهاري آھي.
انهن انسانيت کان ڪريل واقعن کان ٻيو تاثر جيڪو موجوده رجيم جي اڀري ٿو اهو هي آھي ته حڪومت پنهنجي نا اهلي کي لڪائڻ جي لاء پڻ اهڙين واقعن ۾ ملوث آھي.
ملڪ جو عوام جيڪو اڳ ئي مهانگائي.بک و بدحالي.فاقه ڪشي.بيروزگاري بيزار ٿي چڪو آھي ۽ مٿان وري بيحرمتي جهڙا واقعا ڪر کڻن يقينن رياست جي لاء وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿو.ان ڪري مناسب اهوئي آھي ته وقت تي سخت قدم کڻندي ماڻھن جي جان و مال جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ناپسنديده ماڻھن تي بنا ڪنهن فرق جي سخت کان سخت قدم کنيو وڃي ته جيئن ان قسم جا نفرت جي باه کي ڀڙڪائڻ وارا واقعا نه ٿي سگهن.جيڪي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ ناهن؛؛؛










