تعليم کاتي پاران انرولمينٽ وڌائڻ ڀلو ڪم پر سهولتون ڪير ڏيندو؟

تعليم کاتي پاران انرولمينٽ وڌائڻ ڀلو ڪم پر سهولتون ڪير ڏيندو؟

محمد خالد ميمڻ
گذريل ڏينهن تعليم کاتي سنڌ جي وزير سيد سردار علي شاه پاران اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاء انرولمينٽ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان اعلان جي ڀرپور آجيان ڪجي ٿي ڇوته سنڌ ۾ لکين ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ اگر ڀرپور نموني سچائي سان ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ واري مهم هلائي وئي ته اسڪولن کان ٻاهر رهيل ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿي تعليم حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪندا پر اگر اڳ وانگر اهڙا اعلان رڳو ٺلها اعلان ٿيا ته سنڌ جي تعليم اڳ کان به پوئتي رهجي ويندي پر گڏوگڏ سنڌ سرڪار کي سنڌ جي تعليم کاتي کي اسڪولن جي اڻپورين سهولتن طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي ان سلسلي ۾ جڏهن اسان اسڪولن ۾ ملندڙ سهولتن ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته خبر پوندي ته گهڻن اسڪولن ۾ شاگردن گهڻا ته وري استاد ۽ بلڊنگ ناهي ڪٿي وري جتي استاد گهڻا آهن ته شاگردن لڀن ئي ڪونه جيئن مين پرائمري اسڪول ڦل ۾ صورتحال آهي جتي استادن جو تعداد شاگردن کان وڌيڪ آهي ڪٿي ته وري بلڊنگ آهي ته استادن ناهن مطلب اسڪولن ۾ ڪابه شئ بيلينس طريقي سان ناهي جيئن ته منهنجا گهڻا دوست تعليم کاتي سان لاڳاپيل استاد آهن ۽ انهن سان تعليم جي تباهي جا ڪارڻ تعليم جي تباهي جي سبب تي گهڻا بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن مان کين چوندو آهيان ته اوهان استاد چئو ٿا ته پرائيويٽ اسڪولن جي بنسبت سرڪاري اسڪولن جي تعليم بهتر آهي ته پوء اوهان سڀ استاد پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڇو ٿا پڙهايو ۽ گذريل ڏينهن ته هڪ دوست استاد کي پنهنجي نياڻي پرائيويٽ اسڪول ۾ ڇڏڻ وقت سندس ٻانهن مان وٺي بيهاري اهو سوال به ڪيومانس ته ان استاد محترم جيڪو جواب ڏنو ان ۾ به ڪافي وزن هيو ان جواب ڏنو ته سرڪاري اسڪولن ۾ هاڻي به بهتر تعليم ڏني ٿي وڃي پر اتي سهولتون ناهن جنهن جي ڪري تعليم متاثر ٿئي ٿي ۽ اسان به پنهنجا ٻار ان ڪري پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ٿا ڪرايون ته مون کيس چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ ڪهڙيون سهولتون ناهن جو اوهان سرڪاري اسڪولن جا استاد به مجبور ٿي ڪري پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهايو ٿا ته استاد ٻڌايو ته هڪ ته اسان وٽ هڪ استاد کي هڪ سئو کان مٿي شاگردن کي پڙهائڻو ٿو پوي جڏهن ته عالمي تعليمي قانون موجب هڪ استاد 25 کان 30 شاگردن کي پڙهائي ته تعليم بهتر نموني ڏئي سگهي ٿو ۽ اها سهولت پرائيويٽ اسڪولن ۾ موجود آهي اتي هڪ استاد 25 کان 30 شاگردن کي پڙهائي ٿو ۽ ٻيو ته اسان وٽ جيڪو به شاگرد اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو اهو جيڪڏهن پرائمري اسڪول هجي ته پهرئين درجي ۾ مڊل هجي ته ڇهين درجي ۾ ۽ هائير سيڪينڊري هجي ته يارهين درجي ۾ داخلا ٿو وٺي جڏهن ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ پهريان ڪجھ سال ٻارن کي نرسري ۾ داخل ڪري پڙهايو ٿو وڃي ۽ ان ڪري پهرين درجي ۾ داخلا کان اڳ ٻار نرسري ۾ پڙهڻ سان سندس بنياد پڪو ٿي ٿو وڃي پر اهو سسٽم سرڪاري اسڪولن ۾ رائج ناهي استاد محترم جون اهي ڳالهيون ٻڌڻ بعد مون وري ٻين استاد دوستن کان ان بابت پڇيو ته انهن به سرڪاري اسڪولن ۾ اڻپورين سهولتن جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ سميت ٻيون سهولتون ڪلاس رومز سائنس هال ڊرائينگ هال فرنيچر ناهي ۽ اسڪولن ۾ واش روم ناهن جيئن گذريل ڏهاڙي ڦل شهر جي هڪ استاد فيس بوڪ تي پوسٽ رکي هئي ته ڦل شهر جي گرلس اسڪول ۾ اسڪول جي ماسترياڻي ان ڪري هڪ 5 سالن جي نياڻي کي اسڪول وٺي نه اچڻ جو حڪم ڪيو جو ان ڇوڪري اسڪول ۾ اسٽاف جي استعمال هيٺ رهندڙ واش روم جو استعمال ڪيو هيو ۽ ان اسڪول ۾ اهوئي واحد استعمال لائق واش هيو باقي خراب حالت ۾ هيا ۽ اهو واش روم ماسترياڻين پنهنجي استعمال لاء مختص ڪري ڇڏيو هيو باقي شاگردياڻيون ڪاڏي وڃن ان جو نه اسڪول انتظاميه ۽ نه ئي تعليم کاتي کي ئي ڪو خيال آيو ۽ نه ئي آهي مطلب ته سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي ۽ ان کوٽ کي ختم ڪرڻ کانسواء اسڪولن جي انرولمينٽ واڌائڻ جي مهم ڪامياب نه ويندي باقي استادن جون تازيون جيڪي ڀرتيون ڪيون ويون آهن ان جي ڪري اها استادن جي ڪجھ کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي پر ان جي لاء تعليم کاتي جي انتظاميه کي چيڪ ڪرڻو پوندو ته ڪٿي استادن جي کوٽ آهي ته جيئن جتي کوٽ آهي اتي استاد موڪلي کوٽ ختم ڪن پر ائين نه ٿئي جو سياسي سفارش ڏوڪڙن عيوض اتي استاد ڏنا وڃن جتي اڳ ئي استاد وڌيڪ آهن باقي مڊل هاء هائير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ فرنيچر ڪلاس رومز سائنس هالن واش واش رومز جي کوٽ کي پوري ڪرڻ کانسواء شاگردن جي انرولمينٽ وڌائڻ سان مورڳو اسڪولن تي بار وڌندو ۽ تعليم جي بهتري بجاء اڃان به خرابيون جنم وٺنديون ۽ اگر سنڌ سرڪار واقعي به سنڌ جي تعليم بهتر ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو آهي ته سرڪاري تعليمي ادارن کي سڀ سهولتون مهيا ڪري ۽ تعليم ادارن مٿان سياسي دٻاء گهٽائي سميت ايس ايم سي فنڊن جو شفاف نموني استعمال ڪرائڻو پوندو ڇوته ايس ايم سي فنڊن ۾ گهوٻين جون جتي ڪٿي خبرون ملن ٿيو اگر اهي فنڊ صحيح نموني استعمال ٿيندا ته پوء انرولمينٽ مهم هلائڻ جي به ضرورت ڪونه پوندن ڇوته اگر سرڪاري تعليمي ادارن ۾ بهتر سهولتن سان گڏ معياري تعليم ملندي ته پوء ڪير به پنهنجي کيسي جا پيسا خرچ ڪري پرائيوٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي ڪونه موڪليندو باقي اگر رڳو سياسي بيان بازي ڪرڻي آهي ته اها ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلي ٿي پئي ۽ ان ڪري ئي ته سرڪاري تعليمي ادارا ۽ تعليم برباد ٿي آهي ان ڪري سچائي ايمانداري سان ڪم ڪرڻ پهريون ۽ آخري شرط آهي جنهن کان بعد سنڌ جي تعليم سڌري سگهي ٿي#

پهنجو تبصرو موڪليو