استنبول(ويب ڊيسڪ) ترڪي جو صدر طيب اردگان ۽ فرانسيسي صدر ميڪرون وچ ۾ لاڳاپا بحال ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو.گذريل ڏينهن فرانسيسي صدر ميڪرون پاران اسلام مخالف بيان کانپوءِ ترڪي ۽ فرانس ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي نظر اچڻ لڳي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي جي پرڏيهي وزير ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران تصديق ڪندي چيو ته ترڪ صدر فرانسيسي هم منصب کي پنهنجي خط ۾ نئين سال جو پيغام ڏنو آهي ۽ گذريل سال فرانس ۾ ٿيل حملن تي افسوس جو اظهار ڪيو.ترڪي جي پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته فرانس صدر طيب اردگان جي خط جو مثبت جواب ڏنو ۽ ملاقات لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي.










