برسات جو پاڻي نه نڪتو،حڪومت جي ذميواري، ڪڻڪ جي پوکائي مشڪل

برسات جو پاڻي نه نڪتو،حڪومت جي ذميواري، ڪڻڪ جي پوکائي مشڪل

عبدالمجيدبروھي
پاڪستان جي عوام کي ھن مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ لاء وفاقي حڪومت ھاڻي پنھنجا بين الاقوامي دورا اتي پڄاڻي تي پھچائي فوري طور تي پاڪستان تمام صوبن خاص ڪري صوبي سنڌ ڏانھن وڌيڪ توجھ ڏئي ڪري در پدر ٿيل سنڌ واسين کي پنھنجن اباڻن ڪکن ڏانھن محفوظ طريقي سان واپس ڪرڻ لاء تڪڙا ۽ بھتر کان بھتر اپاء وٺڻ گھرجن ھن وقت سنڌ اندر سڀ ڪجھ تباھ ٿي چڪو آھي پوري سنڌ جا ھاري آبادگار تباھ وبرباد ٿي چڪا آھن جن جو ساريالو فصل مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آھي انھن غريب ھارين ۽ آبادگارن جن مھانگي اگھن تي چائنا جا ھائبرڊ ٻڄ وٺي پوکيا ان بعد مزدور ڪري پنھنجن زمينن ۾ سارين جو رونبو ڪرايو ان بعد انھن سارين کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ڏنو مختلف بيمارين کان بچائڻ لاء زھريلي دوائن جو استعمال ڪيو ان کان اڳ سارين جو فصل پوکائي کان اڳ ٻـ ٽي ھر ڏياريائون ڪيڻ ھڻي ليول سڌو ڪري فصل پوکيائون انھن غريب ھارين ۽ آبادگارن جا لکين رپيا زمين تي لڳي ويا پر تباھي برپا ڪندڙ برسات ۽ برسات بعد ڳوٺ ۽ فصل ٻوڙيندڙ سم نالن ۽ شاخن سندن جو سڀ ڪجھ لوڙھي ڇڏيو سندن فصلن ۾ پنج کآن اٺ فٽن تائين پاڻي بيھجي ويو لکين ايڪڙ درياء جو ڏيک ڏيڻ لڳو فصل ٻڏي ويا ھارين جا ارمان ٻڏي ويا سندن لکين ڪروڙين روپيا ٻڏي ويا سندن گھر ڊھي پيا سندن جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا پاڻ ٻچڙن سميت روڊن رستن تي رھڻ تي مجبور آھن پر تنھن باوجود سندن جا حوصلا بلند آھن اھي ھن وقت سارين جي فصل لاء نـ پر ايندڙ مھيني ٿيندڙ ڪڻڪ جي فصل جي پوکائيلاء سخت پريشان ضرور آھن ھارين آبادگارن جو اھو موقف آھي تـ اسين ڄاڻون ٿا اسان جو جيڪو نقصان ٿيڻو ھيو اھو ٿي ويو آھي انجي لاء روئڻ پٽڻ کان بھتر آھي اسان اڄ کان ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي لاء ڪوششون وٺون اسان پنھنجن زمينن ڏانھن وڃون ٿا پاڻي جي نيڪال لاء اسان پاڻ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪوشش پڻ ڪريون ٿا پر ھر طرف پاڻي ئي پاڻي آھي پوري سنڌ ۾ دريا وارو منظر ڏسڻ ۾ اچي پيو اھو سڄو پاڻي اسان ھاري آبادگار نيڪال نٿا ڪري سگھون ان جي لاء حڪومت کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي پاڻي ۾ لاٿ بعد سنڌ حڪومت جا ڪامورا پاڻي جي نيڪال ڪجھ بـ نٿا ڪن رھيل پاڻي جيڪڏنھن ان رفتار سان نيڪال ٿيندو رھيو تـ پوء اسان ڪڻڪ جي پوکائي لاء بـ سوچي نٿا سگھون ڪامورا ۽ آبپاشي جا عملدار زمينن مان پاڻي ڪڍڻ لاء ڪجھ نٿا ڪن بس آفيسن ۾ ويھي اسان تباھي جو مزو وٺي رھيا آھن ڊي سيز ۽ ٻيا ڪامورا صرف راشن جي ورھاست ۾ لڳل آھن اتي ب۔ پنھنجا نوازي لڳل آھي
بحرحال جيڪڏنھن وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کي سنڌ جي عوام کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻو آھي تـ پوء فوري طور تي پوري علائقي مان ھيوي مشينري ذريعي برسات جو جيڪو پاڻي دريا جي صورت ۾ زمينن ۾ بيٺل آھي ان کي نيڪال ڪرڻو پوندو جيڪڏنھن ايندڙ مھيني جي پڄاڻي تائين برسات جو پاڻي زمينن مان نيڪال نـ ٿي سگھيو تـ پوء ھن سال سارين جو فصل تـ برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي نظر ٿي ويو پر ڪڻڪ جي پوکائي پڻ نـ ٿي سگھندي عوام کي اھو آسرو آھي تـ جيڪو ڪجھ ڪيو رب پاڪ ڪيو آھي ھاڻي اسان پنھنجن ڳوٺن ۾ وڃي ڪڻڪ جو فصل پوکي پنھنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪنداسين ۽ ھن درپدري مان اسان نجات حاصل ڪنداسين
جيڪڏنھن انھن مظلومن جو اھو خواب بـ پورو نـ ٿيو تـ پوء پوري سنڌ ۾ وڏو ڏڪار ايندو ماڻھون بک بدحالي ۾ وٺجي ويندا سندن معصوم ٻچڙن جون آھون ڪيڪون کين جيئڻ ڪو نـ ڏينديون ۽ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو ان سڄي صورتحال کي سنڌ حڪومت کي ڏسڻو آھي پوري سنڌ مان سنڌ حڪومت کي برسات جو پاڻي ڪڍڻ گھرجي گھڻو ٿيو جيڪو ٿيو خوب ٿيو ھاڻي پنھنجن ٻچڙن جي ڪري ھن عوام مٿان رحم ڪريو ۽ سستي ڇڏي پاڻي کي زمينن ۽ ڳوٺن مان ڪڍي عوام کي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجن بيھڻ لاء ڪامورن کي سخت ھدايت ڪري کين حڪم ڪيو تـ اھي ايندڙ مھيني تائين زمينن مان پاڻي نيڪال ڪري پوء آفيسن ۾ ويھن ٻئي صورت ۾ اھڙو ڏڪار ايندو جو سڀ ڪجھ ان ۾ لڙھي ويندو اڄ ڳوٺ تباھ آھن تـ سڀاڻي شھر بـ تباھ ٿي سگھن ٿا شھرن جو ڪاروبار بـ انھن ڳوٺاڻن جي ڪري ھلندو آھي جيڪڏنھن ڳوٺاڻا شھر نـ ايندا ۽ انھن جي قوت خريداري ختم ٿي ويندي تـ پوء شھر واسين جا ڪاروبار بـ بند ٿي ويندا ان بعد بدامني وڌي ويندي ان سڄي صورتحال کان بچڻ لاء حڪمرانن کي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ گھرجي زمينون آباد ٿيڻ سان ويران سنڌ جا ڳوٺ بـ ٻيھر آباد ٿي ويندا۽ شھرن ۾ ڪاروبار پڻ عروج وٺندو

پهنجو تبصرو موڪليو