اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جا هدف تيار ڪري ورتا آهن، جنهن تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ڊي پي جي 7.7 سيڪڙو مالياتي خساري سان تيار ڪئي وئي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي 7.1 سيڪڙو جي بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب بجيٽ ۾ 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو مالي خسارو هوندو، جڏهن ته 7300 ارب رپيا قرضن ۽ سود جي ادائيگين تي خرچ ڪيا ويندا.ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رپيا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 430 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر لاءِ 9200 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، نان ٽيڪس روينيو لاءِ 2800 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.










