حاڪم علي چانڊيو
5 فيبروري ڪشمير ڊي رڳو هڪ تاريخ ناهي پر رت سان لکيل اهو داستان آهي جيڪا هر ساهه سان جيئرو آهي وادي ڪشمير ۾ جڏهن صبح ٿئي ٿو ته سج جي ڪرڻن کان اڳ بندوقن جا پاڇا جاڳن ٿا گهرن جا در بند آهن رستن تي ڪرفيو جي خاموشي آهي ۽ ان خاموشي ۾ فوجي بوٽن جي ڌمڪ انساني دلين کي لتاڙي ٿي هندستاني فوجي جارحيت رڳو طاقت جو مظاهرو ناهي پر اها منظم بربريت آهي جتي هر نوجوان شڪ ۾ هر ماءُ ڏوهه ۾ ۽ هر ٻار مستقبل کان محروم ڪيو وڃي ٿو گولين جي آواز سان گڏ مائرن جون صدائون آسمان ڏانهن اٿن ٿيون پر آسمان به ڄڻ ته بي حس بڻجي ويو آهي تشدد ايترو عام ٿي ويو آهي جو ظلم روزمره جي خبر بڻجي چڪو آهي پر انهن خبرن جي پويان جيڪي چهرا آهن اهي اڃا تائين زندهه آهن اکين ۾ خوف دلين ۾ مزاحمت ۽ هٿن ۾ خالي اميد فوجي چيڪ پوسٽن تي بيهاريل نوجوانن جا سوال ڪو به نٿو ٻڌي سندن وجود ئي سندن جرم بڻايو ويو آهي گهرن اندر ڇاپا گهرن جي تلاشي عزت جي تذليل ۽ پوءِ خاموشي اها خاموشي جيڪا صدين تائين ڳالهائيندي رهندي ڪشمير جون مائرون جيڪي هر ڏينهن پنهنجي پٽن جي واپسي جو انتظار ڪن ٿيون سي هر شام در تي ويهي روئنديون آهن سندن اکين جا لُڙڪ سڪي وڃن ٿا پر انتظار ختم نٿو ٿئي ڪيترن گهرن ۾ ٿانون خالي آهن بک سبب نہ پر ان ڪري جو هٿ کائڻ لاءِ اڳتي وڌن ٿا ته پٽ جي ياد نڙي ۾ اٽڪي پوي ٿي اسڪول بند آهن ٻارن جا خواب قيد آهن ڪتابن جي جاءِ تي قبرستانن جون قطارون وڌن ٿيون هر جنازو نئون سوال ڇڏي وڃي ٿو ته آخر ڪشمير جو ڏوهه ڇا آهي؟ آزادي جي خواهش يا سچ سان گڏ بيهڻ وادي ۾ هر وڻ هر درياهه هر پٿر شاهد آهي ته ڪهڙي ريت گوليون ڳالهائين ٿيون ۽ قانون خاموش آهي ڪرفيو رڳو رستن تي ناهي پر ذهنن تي به لاڳو آهي سوچڻ ڳالهائڻ جيئڻ سڀ تي پابندي آهي پر ان سڀ جي باوجود مزاحمت زندهه آهي ڇو ته ظلم ڪيترو به شديد هجي انساني جذبو مري نٿو سگهي هي پهريون منظر آهي جنهن ۾ رت پسينو ۽ لڙڪ گڏ ٿي ڪشمير جي ڪهاڻي بڻجن ٿا ۽ هتي ڪشمير جو درد فلسطين جي زخم سان گڏ بيهي هڪ ئي صدا بڻجي وڃي ٿو ڇو ته ٻئي زمينون فوجي قبضي هيٺ آهن ٻئي قومون آزادي جي خواهش سبب ڏوهاري ٺهرايل آهن ۽ ٻنهي جڳهن تي طاقت قانون کي لتاڙي ٿي فلسطين ۾ بمباري آهي ته ڪشمير ۾ گوليون آهن اتي نسل ڪشي آهي ته هتي خاموش قتل عام آهي فرق رڳو اهو آهي ته فلسطين جون تصويرون عالمي اسڪرينن تي اچن ٿيون ۽ ڪشمير جو درد خبرن جي هيٺين پٽي ۾ دفن ٿي وڃي ٿو جيڪڏهن ڪشمير يورپ ۾ هجي ها ته شايد ڪرفيو کي انساني حقن جي خلاف قرار ڏنو وڃي ها شايد هر شهيد تي قرارداد پاس ٿئي ها شايد اقتصادي پابنديون لڳن ها ۽ شايد ظلم ڪندڙ رياست کي مهذب دنيا مان ڪڍيو وڃي ها پر ڪشمير ايشيا جي ڪنڊ ۾ آهي تنهن ڪري انساني حقن جو ترازو هتي مختلف وزن ڏيکاري ٿو هتي ظلم به علائقائي مسئلو بڻجي وڃي ٿو ۽ آزادي دهشتگردي سڏجي ٿي اهو ئي ٻٽو معيار آهي جيڪو دنيا جي اخلاقي دعوائن کي ننگو ڪري ٿو ۽ هتان کان پاڪستان جو ڪردار سمجهڻ ضروري ٿي پوي ٿو پاڪستان ڪشمير کي رڳو پاڙيسري تڪرار نه پر نظرياتي ذميواري طور ڏٺو آهي قيام پاڪستان کان وٺي گڏيل قومن جي فورمن تائين پاڪستان ڪشمير جي حق خود اراديت جو ڪيس کڻي ويو تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان جنگين کان سفارتڪاري تائين هر محاذ تي ڪشمير جو نالو کنيو آهي اقوام متحده جون قراردادون اڄ به فائيلن ۾ زندهه آهن جن ۾ راءِ شماري جو وعدو لکيل آهي پاڪستاني رياست جي پاليسي ۾ ڪشمير قومي شه رڳ قرار ڏنل آهي پر هي رڳو جذباتي نعرو ناهي پر هڪ نظرياتي موقف آهي جيڪو ٻن قومي نظريي سان جڙيل آهي فڪري طور پاڪستان ڪشمير کي نوآبادياتي ورثي جو اڻپورو سوال سمجهي ٿو تحقيقاتي طور هي معاملو بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ سياسي طور هي ڏکڻ ايشيا جي امن سان ڳنڍيل آهي پاڪستان جي سفارتڪاري ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ڪمزور رهي آهي پر ڪشمير جو ڪيس ڪڏهن ختم نه ٿيو آهي هر جنرل اسيمبلي هر انساني حقن جي اجلاس ۾ پاڪستان آواز بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا دنيا ٻڌڻ لاءِ تيار آهي يا نه؟
هاڻي جڏهن ڪشمير جي درد مان گذري سياسي بي حسي ۽ عالمي ٻٽي معيار کي ڏسڻ بعد سوال اڀري ٿو ته هن مسئلي جو انجام ڇا آهي ۽ ڇا اهو انجام بارود مان نڪرندو يا ڳالهين مان ڇو ته ڪشمير رڳو زمين جو ٽڪرو ناهي پر ٻن ايٽمي ملڪن جي وچ ۾ ڦاٿل انساني تقدير آهي جنگ جو خطرو هر وقت موجود رهيو آهي ڇو ته جڏهن به ڳالهه ٻولهه بند ٿئي ٿي تڏهن بندوقون ڳالهائڻ لڳن ٿيون ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته هندستان ۽ پاڪستان جنگون وڙهي چڪا آهن جن جي پاڇي ۾ ڪشمير ئي رهيو آهي پر اڄ جي دور ۾ جنگ رڳو سرحدن تائين محدود نه رهندي پر سڄي خطي کي باهه ۾ وجهي ڇڏيندي ايٽمي هٿيارن جي موجودگي ۾ ڪا به جنگ محدود نٿي رهي سگهي تنهن ڪري سوال اٿي ٿو ته ڇا ڳالهين جي ميز ئي واحد رستو ناهي حقيقت اها آهي ته ڳالهين کان سواءِ ڪو به پائيدار حل ممڪن ناهي پر ڳالهين ۾ اصل ڌر ڪشميرين کي شامل ڪرڻ کان سواءِ اهي رڳو وقت گذارڻ بڻجن ٿيون ڪشميري قوم ڇا ٿي چاهي اهو سوال سڀ کان اهم آهي ڇو ته آزادي جو مطلب دهشتگردي ناهي پر ساهه کڻڻ جو حق آهي گهڻا ڪشميري پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻ چاهين ٿا ڪجهه پاڪستان سان الحاق ڏسن ٿا ڪجهه مڪمل آزادي جو خواب ڏسن ٿا ۽ ڪجهه هن وقت رڳو ظلم جي خاتمي کي اوليت ڏين ٿا اقوام متحده جنهن جون قراردادون هن مسئلي جو بنياد آهن اڄ پاڻ ئي پنهنجي اعتبار جي بحران ۾ آهن ڇو ته جيڪڏهن گڏيل قومون پنهنجن واعدن تي عمل نٿيون ڪرائي سگهن ته پوءِ ڪمزور قومون ڪهڙي در تي وڃن نيٽو جو ڪردار هتي انساني حقن جي دعوائن تائين محدود رهيو آهي پر عملي قدم نظر نٿا اچن جيڪڏهن ڪشمير تي وڏي جنگ ڇڙي ٿي ته چين جيڪو خطي ۾ وڏو اسٽيڪ هولڊر آهي خاموش نه رهندو ڇو ته سي پيڪ ۽ سرحدي مفاد هن کي مداخلت تي مجبور ڪندا آمريڪا جيڪو هندستان سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا رکي ٿو توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پر پنهنجي مفادن کان هٽي نه سگهندو روس روايتي طور طاقت جي سياست کي ترجيح ڏيندو جڏهن ته اسلامي ملڪ بيانن کان اڳتي وڌڻ جي آزمائش ۾ هوندا ڇو ته امت جي ڳالهه ۽ مفادن جي سياست ۾ هميشه فاصلو رهيو آهي اهڙي جنگ جو اثر رڳو ڪشمير تائين محدود نه رهندو پر ڏکڻ ايشيا جي معيشت سياست ۽ امن سڀ ڪجهه لرزي ويندو تنهن ڪري حل اهو ئي آهي ته طاقت بدران حق کي مڃيو وڃي ڪشميرين کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي ۽ دنيا پنهنجو ضمير جاڳائي ڇو ته جيڪڏهن اڄ ڪشمير جو سوال حل نه ٿيو ته سڀاڻي تاريخ هر خاموش طاقت کان سوال ڪندي ۽ اهو سوال ڪنهن به ميزائل کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو










