اپوزيشن جو سرگرميون تيز، عدم اعتماد جي تياري

اپوزيشن جو سرگرميون تيز، عدم اعتماد جي تياري

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه

ڪجهه ته پاڪستان ۾ ٿيڻ وارو آهي ، هڪ طرف حڪومت پاران مهنگائي جي تلوار بار بار عوام مٿان استعمال ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪپتان بار بار عوام سان مخاطب ٿيندي اڪثر چوندو آهي ته گھبرانا  نهين  ، هاڻ ته عوام ان ڳالهه تي چڙي پوي ٿو، جڏهن ته  پاڪستان پيپلزپارٽي جي بي تاج سياست جي استاد جناب آصف علي زرداري وري اپوزيشن کي گڏ ويهي ڪپتان خلاف راند کيڏڻ شروع ڪئي آهي جنهن ۾ في الحال ته  ان جي پلاننگ کي ڪامياب سمجهان ٿو اهو ان ڪري جو هڪ ٻئي سان سدائين  ڌوڪيبازي ڪندڙ سياستدان  سياسي پارٽيون  هاڻ ڪپتان کي شڪست ڏيڻ لاء لانگ مارچ به ڪن پيا ته  ڪپتان خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ لاء به حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن  جڏهن ته اجلاس ۾ اهو به طئه ٿيو آهي ته  جيئن ئي وزيراعظم جناب عمران خان روس جي دوري کان بعد پاڪستان پهچندو تئين ئي ان خلاف اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ويندي ، اهري صورت حال بعد ملڪ اندر ڪافي  سياسي گرمي نظر پئي اچي ،  پر مان عرض ڪيان ته ڪپتان به  ميدان ۾  اچڻ کان اڳ پنهنجا رانديگر ميدان تي راند کيڏڻ لاء لاهيندو ، جيڪڏهن   انهن کان  ڳالهه چڙهي وئي ته پوء پاڻ به ميدان ۾ لهندو پر في الحال اهري صورت حال  جنهن کان پوء  گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي، ته مخالف ڌر عقل کان ڪم وٺي، انهن جي بيوقوفي سان ڪو وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، ڪو به انتشار پيدا ٿيو ته ان جي ذميواري مخالف ڌر تي هوندي، اپوزيشن تحريڪ عدم اعتماد جو شوق پورو ڪري وٺي، عمران خان ڪامياب ٿيندو، اسلام آباد ۾ جديد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، 3 نيون اسپتالون، عورتن جي بازار ۽ پوليس جو جديد خدمت مرڪز بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ کيڏڻ لاءِ 27فيبروري تي پاڪستان اچي رهي آهي، جنهن جي سيڪيورٽي لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت چوي ته رينجرز جو تعداد وڌائڻ لاءِ تيار آهيون، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جيڪو به سهڪار گهرندو فراهم ڪيو ويندو. جيڪڏهن هو چوندو ته ٿاڻن ۾ به رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي مان ذميواراڻي ڪردار  جي اميد آهي. سنڌ ۾ 13 نيون پاسپورٽ آفيسون کوليون پيون وڃن. 28 نوان آءِ ڊي ڪارڊ اسٽيشن به کوليا ويندا. چئني صوبن ۾ هڪ هڪ آفيس جو مان پاڻ افتتاح ڪندس. وزيراعظم سڀاڻي تاريخي دوري تي وڃي رهيو آهي. 1819 سروس جو افتتاح به جلد ڪيو ويندو. 1122 کي جديد بڻائينداسين. هن چيو ته مخالف ڌر تحريڪ عدم اعتماد آڻي يا احتجاج ڪرڻ چاهي ته شوق پورو ڪري انهن کي حاصل ڪجهه به نه ٿيندو. مخالف ڌر اڳواڻن کي ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن به تحريڪون هلنديون آهن ته نتيجا پنهنجي خواهشن مطابق ناهن ملندا. تحريڪ عدم اعتماد ۾ به مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. ايف -6 اسلام آباد ۾ پوليس جو اعليٰ معيار جو خدمت مرڪز قائم ڪيو پيووڃي، جتي هڪ ڇت هيٺان 28 سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته اپوزيشن 23 مارچ تي اچڻ چاهي ٿي ته بيشڪ اچي . عام چونڊن ۾ هڪ سال رهجي ويو آهي، شهرن ۾ چونڊ سرگرميون شروع ٿي چڪيون آهن. ڪيترين ئي جاين تي ته اميدوارن جا بينر به لڳي ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته جهانگير ترين سان 5-6 سالن کان منهنجي ملاقات ناهي ٿي. هو هڪ سٺو ماڻهو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ (ق) ليگ اسان جا اتحادي آهن، منهنجو حڪومت کي مشورو آهي ته جيڪڏهن جهانگير ترين سان ڳالهيون ڪيون وڃن ته هو ذميواري جو ثبوت ڏيندو. هن چيو ته پاڪ فوج هڪ عظيم ادارو آهي، نوشڪي، تربت، پنجگور سميت بلوچستان ۽ ملڪ جي سرحدن تي فوجي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. مان اهو سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن قسم جو انتشار ٿيو ته فوج حڪومت سان گڏ هوندي. بلاول ڀٽو زرداري شوق سان اسلام آباد اچي پر ان کان اڳ انتظاميه کي پنهنجي شيڊول بابت آگاهه ڪري. اپوزيشن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته ڪالهه تائين جيڪي هڪ ٻئي جا مخالف هئا، اڄ اهي پاڻ ۾ ڀاڪر پائي رهيا آهيون. اپوزيشن جي سياسي غلط فهمي ۽ بي وقوفي سان ڪو وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته بلوچستان ۽ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪجهه طاقتون پرڏيهي اشارن تي ڪم ڪري رهيون آهن، جن کي ختم ڪيو ويندو، برحال مان عرض ڪيان ته سياستانن جي پنهنجي ذاتي ويڙهه ۾  تباهه عوام ئي چڪو آهي ، مهنگائي جي صورت هال به اسان جي اڳيان آهي ، جڏهن ته تعليمي ادرن اندر نياڻين  شاگردياڻين سان جنسي حيوانگي جا واقعه به لڪيل ناهين ،  جڏهن ته حراسان ڪري  هاڻ ته عورتون ميڊيا اڳيان اچي  دانهين ٿيون ،   جنهن سان  ٻيو ڪجهه نه ٿئي اهو ظالم پوء ڪامورو هجي  جاگيردار هجي يا ڀوتار هجي ، برحال ان کي انصاف ملي ٿو ان ڪري هن وقت ملڪي صورت هال به عجيب غريب ڏسي رهيو آهيان ،، مان عرض ڪيان ته جڏهن هڪ عام تقريب جنهن م  نيوز ايڊيٽرس جنهن اسد علي چامڙو ، ناز سولنگي ، مينهل خان لاشاري سميت ڪيترائي بهترين  تجزيه نگار به موجود هيا  انهن دلچسپ ڳالهه ڪئي ته رياست پاڪستان ۾ هن وقت خاص طور عوام وڏي زيت مان پيو گذري، جڏهن ته جاگيردار جنهن ٿوري عرصي ۾ ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي ملڪ کي ته تباهه ڪيو پر معيشيت کي به تباهه ڪيو جنهن سان ڪنهن به غريب کي ڪو رليف نه پيو ملي اهڙي صورت هال ۾ جيڪڏهن ڪو به ڏڦيڙ پيدا ٿئي ٿو ته  اسان سمجهان ٿا ته بنا دير جي صدارتي نظام لاڳو ٿي سگهي ٿو  ماضي جي جيڪڏهن سياسي حڪمرانن حڪومتن تي نظر وجهنداسين ته  وڏي تڪليف محسوس ڪنداسين سدائين هڪ ٻئي سان گڏ رهي  جمهوريت جو راڳ ڳائي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو هي پاڪستان سان گڏ هاڻ ڪرپشنستان ٿي ويو آهي جتي آزادانه ڪرپشن ڪيو ملڪ کي لٽيو ڪنهن کي انصاف ملي يا نه ملي  بس حڪومت ڪيو وقت پرو ڪيو وري اليڪشن وري واعده ٿيندا اهڙي صورت هال ۾ به مان سمجهان ٿو ته اسان وٽ هن وقت به ڄڻ ڪجهه ڪونهي ، جيڪڏهن اپوزيشن گڏجي ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪندي ته ملڪي حالات خراب به ٿي سگهن ٿا ، جڏهن ته پاڪ دشمن هن وقت به پاڪستان  تي ڪڙي نظر رکي رهيا آهن ، ان ڪر جيڪو به سياستدان قدم کڻن سوچڇي سمجهي کڻن ، پر مان عرض ڪندس ته مستقبل قريب ۾ ڏسان ٿو ته  پاڪستان ۾ ڪنهن وقت به صدارتي نظام لاڳو ٿي سگهي ٿو ان جو خاص سبب اهو به آهي ته جنهن به حڪومت ڪئي آهي ان  ڪرپشن ڪئي آهي  ۽ پنهنجو آئيني مدو پنج سال به بمشڪل هڪ بين وزيراعظمن پورو ڪيو آهي ان ڪري سڄي صورت هال کي ڏسندي  بس  حالات خراب نه ڪيو ، باقي ڪپتان کي به هڪ سال آهي  هو  ويتر به گهر هليو ويندو وري اليڪشن جيڪو ڪامياب ٿيندو وري به حڪومت ان کي ملندي ، ان ڪري تڪڙ کان پاسو ڪيو وڃي        

پهنجو تبصرو موڪليو