اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)فرانس جي صدارتي چونڊن ۾ صدر ايممنول ميڪرون مارين لپين کي شڪست ڏني.پرڏيهي خابرو اداري موجب فرانس جي صدر ايمنيوئل ميڪرون ساڄي ڌر جي اميدوار مارين لي پين کي شڪست ڏئي ايندڙ پنجن سالن لاءِ ٻيهر فرانس جو صدر چونڊجي ويو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ميڪرون کي ٻئي دور ۾ 58 سيڪڙو ووٽ مليا، جڏهن ته ساڄي ڌر جي اميدوار مارين لپن کي 42 سيڪڙو ووٽ مليا. ميڪرون پهريون فرانسيسي صدر آهي جيڪو 20 سالن ۾ ٻيهر چونڊجي ويو.










