واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته ايران سان ڳالهين جو ٻيو دور ٿيندو.صحافين سان ڳالهائيندي، صدر ٽرمپ ايران سان ڳالهين جي پهرين دور کي مثبت قرار ڏنو ۽ چيو ته جمعي تي ٿيل ڳالهين جا نتيجا سٺا هئا. ايران آمريڪا سان هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو. ايندڙ هفتي ايران سان وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون.صدر ٽرمپ چيو ته ايران هن ڀيري ڏيڍ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ عمل ڪرڻ لاءِ گهڻو تيار آهي. هڪ موقعي تي، صدر ٽرمپ اهو به چيو ته هو ايران سان ايٽمي هٿيار ڏسڻ نٿو چاهي.










