محمد فاروق ٻرڙو
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي ڊسڪه واري سيٽ تي ٻيھر چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ھفتو اڳ اتي ٿيل ضمني چونڊن ۾ مخالف ڌر جي وڏي جماعت مسلم ليگ ن ڌاندلين جا الزام لڳايا ھئا، ۽ سرڪاري ڌر تي الزام ھنيو ھو ته انھن جي ماڻهن فائرنگ ڪرائي ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته انھيءَ چونڊ دوران ٻه شھري پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا هئا، سرڪاري ڌر اھي الزام وري مخالف ڌر تي لڳايا، اھڙي قسم جا الزام عمومي طور ھر اليڪشن ۾ سياسي پارٽيون ھڪٻئي تي لڳائينديون رھنديون آھن پر معاملي سنگين صورتحال انھيءَ وقت اختيار ڪئي جڏهن 20 پولنگ اسٽيشنن جا پرزائيڊنگ آفيسر پولنگ بيگز سميت گم ٿي ويا ۽ 14 ڪلاڪن کان پوءِ ظاهر ٿيا، انھيءَ دوران چيف اليڪشن ڪمشنر پاڻ چيف سيڪريٽري، آء جي ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميه سان رابطي جي ڪوشش ڪندو رهيو پر رڳو ھڪ ڀيرو سندس چيف سيڪريٽري سان رات جو 3 وڳي ڌاري رابطو ٿيو، ان کان پوءِ ان سان به رابطو ممڪن نه ٿي سگھيو،
جيڪا ڳالھ واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته انھي سڄي صورتحال کان انتظاميه ڪيئن لاتعلق بڻيل رهي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر به بيوس ھيو، پھرين ته انھي سڄي معاملي ٿيڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر نتيجا روڪي ڇڏيا ۽ رٽرننگ آفيسر کان رپورٽ گھرائي جنھن ٻه ڏينهن اڳ رپورٽ ڏئي مٿي ڄاڻايل سڀني ڳالهين جي تصديق ڪئي، ۽ 20 پولنگن تي نتيجن ۾ ڦيرڦار جو خدشو ڏيکاريو، انھي رپورٽ کي بنياد بڻائي چيف اليڪشن ڪمشنر سڄي تڪ تي ٻيهر چونڊن جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجھ انتظامي آفيسرن خلاف ڪارروائي جي بہ سفارش ڪئي آهي جيڪي چونڊن دوران پنھنجون ڊيوٽيون صحيح نموني ادا نه ڪري سگھيا يا ڪوتاهي ڪري ويٺا.
انھي اعلان جي مخالف ڌر جي پارٽين آجيان ڪئي آهي جڏهن ته سرڪاري ڌر انھي کي ادارن جي آزاد ھئڻ جي ڳالهه ڪري وري چئلينج ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ سرڪار اھو اعلان ڪندي رهي ته اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندي، اسان قبول ڪنداسين، جيڪا ڳالھ واضح ڪري ٿي ته سرڪار اليڪشن ڪميشن جي اعلان کان خوش ناهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اليڪشن ڪميشن جو اھو قدم ساراهه جوڳو آهي، جنھن آئيني اداري مان اھڙي قسم جي اميد عوام لڳائي ويٺي هئي ته اھو سڀني ڌرين جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو اھڙو قدم کڻندو جيڪو ھن جي اختيارن ۾ شامل آهي تنھن ڪري ھي قدم عوام جي ويساھ ۽ اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ پھرين وک ثابت ٿيندو، جنهن کي اڳتي وٺي وڃڻ سياسي پارٽين جو ڪم آهي، ھڪ طرف وفاقي سرڪار ادارن جي آزاد ۽ خودمختيار ھئڻ جي ڳالهه ڪري رھي آھي ته ٻئي طرف ھڪ آئيني اداري جي اعلان کي چئلينج ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رھي آھي جيڪا حڪومتي دعوي جي ابتڙ آهي، اصولي طور سرڪار جو حقِ آھي ته اھا فيصلي کي چئلينج ڪري پر جيڪڏھن پنھنجي مرضي جو فيصلو نه اچڻ کي ايئن چئلينج ڪرڻ جي روايت رھي ته پوءِ ادارن جي آزادي ۽ خودمختياري جو احترام ڪٿي بيٺل ھوندو، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿي ته عوام کي ووٽ ڏيڻ لاءِ مناسب ماحول نه مليو، انتظامي مشينري پنھنجو فرض پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي پرزائيڊنگ آفيسرن جي گم ٿيڻ ڪيترائي سوال پيدا ڪيا ته پوءِ سرڪار کي ٻيهر چونڊن تي اعتراض نه ڪرڻ گھرجي، اھڙي طرح مخالف سياسي پارٽين جو به فرض آهي ته اھي پرامن، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ نه رڳو اليڪشن ڪميشن پر سڄي انتظاميه سان سهڪار ڪري ته جيئن عوام پنهنجي ووٽ جو حق سٺي نموني استعمال ڪري سگھي.
اسان سمجهون ٿا ته ھن ھڪ تڪ جي چونڊ کي ايندڙ چونڊن لاءِ مثال بڻائڻ گھرجي، ۽ سموريون ڌريون جيڪي ان معاملي سان ڳنڍيل آھن پنھنجو پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ اڳتي جي سمورين چونڊن لاءِ ڪي اھڙا سڌارا آڻين جيئن ڪنهن به چونڊ ۾ توڙي اھا ننڍي چونڊ ھجي يا عام چونڊ ڊسڪه جھڙن واقعن کان بچي سگهجي.










