نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026ع جي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ اسپين بيلجيم کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. لاس اينجلس ۾ کيڏيل ڪوارٽر فائنل ۾ اسپين بيلجيم کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني.اڳوڻي عالمي چيمپيئن اسپين جي طرفان پهريون گول فيبيان 30 هين منٽ ۾ ڪيو، جنهن کانپوءِ بيلجيم جي ڊي ڪيٽالا 41 هين منٽ ۾ گول ڪري حساب برابر ڪري ڇڏيو. هي هن ٽورنامينٽ ۾ اسپين جي ٽيم خلاف ٿيل پهريون گول هو. ميچ جي آخري لمحن ۾ اسپين ٻيو گول ڪري 1-2 جي فائنل برتري حاصل ڪري ورتي. اسپين جي طرفان اهو فيصلو ڪندڙ گول 88 هين منٽ ۾ مرينو اسڪور ڪيو. اهڙي ريت اسپين 1-2 تان ڪاميابي حاصل ڪري 2026ع جي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٻي ٽيم بڻجي وئي. ان کان اڳ فرانس جي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي.










