اسپورٽس فيسٽيول صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جو موقعو

اسپورٽس فيسٽيول صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جو موقعو

تحرير: اعجاز تيوڻو

ڪرونا وبا جتي دنيا جي ٻين ڪار وهنوارن کي ٺپ ڪري ڇڏيو ائين ئي راندين جي ميدانن ۾ پڻ ويرانيون نظر آيون ۽ هر پاسي ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو هجي هر طرف ويراني ۽ هر ماڻهو پنهنجو ساھه بچائڻ ۾ پورو هيو ڪرونا وائرس سبب ھر ماڻھو ذھنج مريض بڻجڻ لڳو جڏهن ته ڪنهن به شي جي سمجه نه پئي اچي ته هن خطرناڪ وبا مان ڪئين جان بچائيجي جئين ڪرونا وبا جو زور ڪجھ گهٽ ٿيو ۽ دنيا وبا جي صورتحال ۾ جياپي لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ته ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي  8 مهينن کانپوءِ آهستي آهستي زندگي جي ٻين وهنوارن سان گڏ راندين جي ميدانن ۾ پڻ رونقون بحال ٿيڻ شروع ٿيون ڪرونا وائرس سبب گذريل 8 مهينن کان اسڪول ۽ ڪاليج بند هئڻ ڪري تعليم پرائيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون گهرن ۾ ويهي ويهي مايوس ٿي رهيا هئا انهن کي نظر ۾ رکندي ڪمشنر سيد محسن علي شاھه فيصلو ڪيو ته نواب شاھه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر راندين جا مقابلا منعقد ڪرائي نه صرف شاگردن ۽ شاگردياڻين کي راندين جون سرگرميون مهيا ڪجن پر انهن کي هڪ بهتر ماحول فراهم ڪجي ڪمشنر سيد محسن علي شاھه جي ذاتي ڪوششن سان سنڌ حڪومت جي اجازت کانپوءِ گذريل سال جيان هن سال پڻ ڪرونا وائرس کان بچاءُ جي ايس او پيز  تي مڪمل عملدرآمد ڪندي 5 مارچ کان 07 مارچ 2021 تائين ٽن ڏينهن وارو شهيد بينظيرآباد ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول نواب شاھه ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ڊويزن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سطح جي نوجوانن جون ٽيمون تعلقي ۽ ضلع سطح تي ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ ڊويزنل سطح تي منعقد ٿيندڙ ڪرڪيٽ، هاڪي، والي بال، رنگ بال، ونجھ وٽي، رسا ڪشي،بيڊمنٽن سميت ٻين راندين ۾ حصو وٺندا. 

ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھه پاران هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سطح جي نوجوانن کي نصابي سرگرمين سان گڏ غيرنصابي سرگرمين ۾ پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ ورتل ذاتي دلچسپي ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر سميت ٻين ضلعن جي ضلع انتظاميه ۽ تعليمي ادارن جي سربراهن جي ڪوششن سان گذريل سال 24 کان 26 فيبروري تائين راندين جا شاندار مقابلا منعقد ڪرايا ويا هئا جڏهن ته انهن مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيمن جي حوصلي افزائي ۽ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميمبر سنڌ اسيمبلي فريال ٽالپر صاحبه اختتامي تقريب ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ کٽيندڙ ٽيمن کي انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون هيون هن سال منعقد ٿيندڙ ٻئين ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول ۾ ڊويزن جي ٽنهي ضلعن شهيد بينظيرآباد، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن ۽ اميد آهي ته ڀرپور مقابلا منعقد ٿيندا ۽ نوجوان رانديگر ۽ رانديگرياڻيون پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪندي نه صرف پنهنجي پر پنهنجي اسڪول ۽ ضلعي جو نالو روشن ڪندا اهڙن مقابلن جي منعقد ٿيڻ سان نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون نصابي سرگرمين سان گڏ مثبت غير نصابي سرگرمين ۾ اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ سندن حوصلي افزائي ٿئي ٿي جنهن سان انهن ۾ مقابلي جون صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو تنهن جي ڪري اهڙن راندين جا مقابلا ٻين ڊويزنن ۾ ۽ صوبي سطح تي پڻ منعقد ڪيا وڃن ته جئين هي نوجوان صوبي ۽ ملڪي سطح تي پنهنجي صلاحيتون مڃرائي سگهن ۽ نوجوانن جي صحت کي بھتر بنائڻ سان گڏوگڏ کين منفي سرگرمين کان پڻ بچائي سگھجي ٿو ڇاڪاڻ ته جيستائين راندين جا ميدان آباد نہ ٿيندا ايستائين نوجوان نسل کي منفي سرگرمين کان بچائي نٿو سگھجي. aijazteevino1@gmail.com 

پهنجو تبصرو موڪليو