خيال کتري
اسان جڏھن کان ھوش سنڀاليو آھي، تڏھن کان ئي وڏڙن جي واتان قومن جي عروجن ۽ زوالن جا قصا ٻڌندا اچون. عالمن، مولوين، مفڪرن، مفسرن، مدبرن، ڏاھن ۽ سرت ساڃاھ وندن جون تقريرون، درس، ڳالهيون، مشورا ۽ صلاحون ٻڌندا اچون. اخبارون، رسالا، ڊائجسٽون ۽ ڪتاب پڙھندا اچون. سڀ ڪجهـ ٻڌي سڻي، پڙھي اچي سوشل ميڊيا جي دؤر ۾ پھتا آھيون. اتي بہ قومن جي عروج ۽ زوال جا ساڳيا قصا ۽ ڪھاڻيون ساڳئي ئي طرز جون ڏسندا اچون پيا. تہ قومن جي تباھيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب سستي ۽ ڪاھليءَ جو آھي. جيڪي قومون عملي ميدان ۾ سنڌرو ٻڌي لٿيون، اھي ئي قومون وڃي، پنھنجي منزل کي پھتيون. باقي جيڪي قومون سست ۽ بي حس رھيون سي منزل کان ڪوھين ڏور رھجي ويون. انھيءَ ئي پستيءَ ۾ بيٺل نظر اينديون. نہ انھن وٽ گاڏي نہ بنگلو، نہ واپار ڪو ڪاروبار، نہ سنئون سڌو ڪو روزگار ڏسڻ ۾ ايندو. اھڙيون قومون پنھنجو وقت اجايو ھِتي ھُتي، بيڪار ۾ پيون ضايع ڪنديون، پر مجال آئي ڪنھن کي، جو وڃي ڪنھن ڪرتڪاريءَ کي لڳي ٻہ چار رپيا ڪمائي.
اھڙين سست قومن ۾ اسان جو شمار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ سستيءَ ۽ لاغرضيءَ جو عنصر وڌيڪ آھي، بنسبت ٻين قومن جي. پنھنجي پسگردائيءَ ۾ نظر ڊوڙائي ڏسندا، تہ ڪيتريون ئي غير قومون اسان سان گڏ رھندي، ٿوري ئي وقت ۾ ڪک پتيءَ مان لک پتي عي ويون آھن. جھڙوڪ:
ٻاھران آيل پناھگير، جن وٽ سواءِ پنھنجي سرن جي ڪجهـ بہ ڪونہ، تن کي جيڪو ان وقت مليو، سو مليو. وڌيڪ ترقي انھن پنھنجي ڪرتڪارين ۽ حرفتن سان حاصل ڪئي آھي. ڪمائڻ جي معاملي ۾ ايڏا تہ شاطر دماغ آھن جو، پاڻيءَ مان پئسا ڪمائڻ، فالتو اڇلايل پنن مان سورتيون ٺاھي پئسا ڪمائڻ، ناڪارہ لوھ جي ٽڪرين، ڪاٺين، ربڙ ۽ بيڪار پلاسٽڪ جي ٽڪرين مان رانديڪا ٺاھي پئسا ڪمائڻ وغيرہ ھنن جو ئي شيوو آھي. انھن ننڍين ننڍين حرفتن مان ھو وڌيو وڃيو وڏا واپاري ٿين. ھنن جي اھم خوبي اھا آھي تہ ھو ڪڏھن بہ باپ ڪي ڪمائيءَ تي عيش ڪونہ ڪن. ھميشہ پنھنجو ڪمائڻ تي گهڻو زور ھوندو اٿن. پر جيڪڏھن پٽ ڪنھن منصب تي آھي تہ پيءُ ان جي صاحبِ حيثيت ھئڻ جي ڪري، پنھنجي اصل ڪِرت مان ھٿ ڪونہ ڪڍندو. جي کڻي ڪنھن ڇيس تہ ان کي جواب ۾ چوندو تہ ”آئون ھمت ڀريو آھيان. پنھنجو ڪمائي سگهان ٿو، تہ پوءِ پٽ تي بار ڇو پوان“. ان جو نتيجو اوھان جي سامھون سنڌ جا سمورا شھر آھن. سنجيدگيءَ سان منصف بڻجي موازنو ڪندا، تہ بھترين بلڊنگن، عاليشان عمارتن، وڏين وڏين ھوٽلن. ڪاروباري مرڪزن، شاندار مارڪيٽن ۽ مختلف قسم جي ڪارخانن وارن شھرن ۾ اوھان کي اھي ئي قومون نظر اينديون. جن محنتون ڪري ايترو ڪجهـ جوڙيو آھي.
وري اسان واري پاسي نگاھ ڪندا تہ اجي ساڳيا ڳوٺڙا، ساڳيون جڳيون، نہ روڊ، نہ رستا، نہ ئي 20، 20 ماڙ بلڊنگون نظر اينديون.
وري جي ٻھراڙين ۾ ڏسجي تہ ھنڌ ھنڌ تي پٺاڻن جا ڪاروبار اسان جي ڪاروبارن تي ھاوي آھن. جيڪو ڪالهـ منھنجي شھر ۾ آيو ھو، ايندي ئي روڊ جي ڪناري تي ويھي بوٽ پالش ڪندو ھو. موچڪو ڌنڌو ڪندو ھو. اھو اڄ ھڪ عاليشان دڪان جو مالڪ آھي. اھڙا ھزارين پٺاڻ آھن. جيڪي اسان جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ رھن ٿا. تن جي اولاد کي توھان ڪڏھن بہ راند روند ۾ نہ ڏٺو ھوندو. انھن جي ھٿن ۾ چانھ جي ڪٽلي ۽ ٻہ ٽي ڪوپ ڏٺا ھوندا. جيڪي سڃي شھر ۾ ڦري سري کپائي، ناڻو حاصل ڪري، پنھنجي مائٽن کي ڏين ٿا. انھن کي توھان ڪڏھن بہ فضول ھوٽل تي ويھي چانھ پيئندي نہ ڏٺو ھوندو، ڪيڏي مھل ڏسندا تہ ڪشمڪش پيو کپائيندو، تہ ڪيڏي مھل ساڳيو ماڻهو ڦلا يا چڻا پچائيندي ڏٺو ھوندو، ساڳئي ماڻهو کي وري گهٽين ۾ ڪپڙو يا ٻيو سامان کپائيندي ڏٺو ھوندو.
ڪڏھن بہ ڪمنکان لنوائيندڙ، ٽوٽي ڪم چور نہ ڏٺو ھوندو. پوءِ اھڙا محنتي ماڻهو اڄ اسان تي قابض آھن.
وري جي اسان پنھنجي پاڻ کي انھن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڏسنداسين تہ اسين انھن جي مقابلي ۾ ٽوٽي ۽ ڪم چور گهڻا ملنداسين. اسان ۾ بہ جيڪي محنتي ناڻهو آھن، سي ترقي يافتہ ضرور آھن. پر انھن جو ڳاڻيٽو بيحد گهٽ آھي. گهڻائي تنزلي جو شڪار آھي. فقط ۽ فقط ان ڪري، تہ اھي عملي ميدان ۾ زيرو آھن. پنھنجن وڏن جون ڪمايون کائي کپائي رھيا آھن. وڌائڻ تہ پري ٿيو، پر جيڪو ڪجهـ موجود آھي، تنھن کي ڦوڪيو ڇڏين. پوءِ آھن ٽڪي جي سَٽن ۾. اھڙ مثال سوين نہ پر ھزارن لکن جي تعداد ۾ اسان وٽ موجود آھن.
اسان کي پنھنجي وجود کي ڌرتيءَ تي باقي رکڻ لاءِ سخت کان سخت محنت ڪرڻي پوندي. ننڍي کان وڏي تائين پنھنجي وقت کي ڪارگر ڪرڻو پوندو. پنھنجن اثاثن کي کٽائڻ بدران وڌائڻو پوندو. پنھنجي ٻچن کي ھر قسم جي تعليم سان گڏ ڪنھن نہ ڪنھن ھنر جي سکيا جو پڻ جوڳو بندوبست ڪرڻو پوندو. خاص ڪري ٽيڪنيڪل ھنرن ۽ ڪاريگرين ڏانھن گهڻو مائل ڪرڻو پوندو. تڏھن وڃي اسين پنھنجي وجود کي بچائي سگهنداسين.










